آرمي چيف کي چئي ڇڏيو آهي جيڪي وسيلا گهرجن ڏينداسين، وزيراعظم
ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جيستائين خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان مان دهشتگردي ختم نه ٿيندي، ملڪ ترقي نه ڪندو. شرپسند ملڪ کي نقصان رسائي رهيا آهن، سياست هلندي رهندي پر دهشتگرديءَ خلاف سڀني کي گڏجڻو پوندو.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي امن امان بابت اجلاس ٿيو، جتي وڏي وزير سرفراز بگٽي کيس بريفنگ ڏني.
اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته جعفر ايڪسپريس تي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي رمضان جو به خيال نه هو، ههڙي رڻ پٽ ۾ بي يارو مددگار مسافرن کي يرغمال بڻايو ويو.
هن ٻڌايو ته آرمي چيف جي قيادت ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪاميابيءَ سان 339 مسافرن کي آزاد ڪرايو، جڏهن ته 33 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو.
سندس چوڻ هو ته سپهه سالار کي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز لاءِ جيترا وسيلا گهرجن اهي فراهم ڪنداسين ڪنهن صوبي کان به مطالبو نه ڪنداسين.
وزيراعظم ايس ايس جي جي ضرار ڪمپني جي بهادري کي ساراهيندي چيو ته هيءَ ڪمپني اهڙن دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ئي ٺاهي وئي آهي.
هن چيو ته جعفر ايڪسپريس سانحي تي پوري قوم ڏکويل آهي، ملڪ هاڻي وڌيڪ اهڙن واقعن کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي.
وزيراعظم واضح ڪيو ته بلوچستان جي ترقي ٻين صوبن جيان ٿيڻ گهرجي، ڇو ته جيستائين ڪي پي ۽ بلوچستان مان دهشتگردي ختم نه ٿيندي، ملڪ اڳتي نه وڌي سگهندو.
