12 ميچن ۾ 77 وڪيٽون! پي سي بي مشتاق ڪلهوڙي کي ضايع نه ڪري: شوقين

باصلاحيت ڪرڪيٽرن کي وقت سر ۽ مناسب موقعو نه ڏئي سندن ٽيلينٽ زيان ڪرڻ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي روايت رهي آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪيترن ئي ڊوميسٽڪ پرفارمز کي نظرانداز ڪندو رهيو آهي يا وري کين وڏي عمر ۾ موقعو ڏئي سندن ٽيلينٽ ۽ وقت ضايع ڪيو ويندو آهي، اهڙن رانديگرن جي هڪ وڏي فهرست آهي.
باصلاحيت رانديگرن کي نظرانداز ڪرڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تي تنقيد به ٿيندي آهي، تازو چيمپيئنز ٽرافي جي چونڊيل اسڪواڊ تي به شوقينن بورڊ تي سخت تنقيد ڪئي.
اڄڪلهه سنڌ جي علائقي سکر سان واسطو رکندڙ فاسٽ بالر مشتاق احمد ڪلهوڙي جا سوشل ميڊيا تي چرچا آهن ۽ هر ڪو آواز اٿاري رهيو آهي ته ان تي محنت ڪئي وڃي، ائين نه ٿئي جو اهو ٽيلينٽ به گمنام ٿي وڃي.
مشتاق ڪلهوڙي جي انگ اکرن تي نظر وجهجي ته هن ڊوميسٽڪ سيزن 25/2024 ۾ رڳو 12 ميچن ۾ 20.1 جي ايوريج سان 77 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن، جنهن دوران هن هڪ اننگز ۾ 9 ڀيرا 5 وڪيٽون پڻ حاصل ڪيون، جڏهن ته هن مجموعي طور تي 18 فرسٽ ڪلاس ميچن ۾ 91 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن.
سنڌ جي ان فاسٽ بالر جي ڪارڪردگي تي هاڻوڪا ۽ اڳوڻا ڪرڪيٽر ۽ توڙي شوقين مطالبو ڪري رهيا آهن ته مٿس محنت ڪئي وڃي، هو پاڪستان لاءِ هڪ بهترين بالر ثابت ٿي سگهي ٿو، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اهڙي ٽيلينٽ کي ضايع نه ڪري.
واضح رهي ته مشتاق ڪلهوڙو پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ڪراچي ڪنگز جو به حصو هو پر انجريءَ سبب هو هڪ ميچ به نه کيڏي سگهيو.