ريلوي مسافرن لاءِ وڏي خوشخبري

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي عيد جي موقعي تي خاص ٽرينون هلائڻ ۽ ڀاڙن ۾ لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
حنيف عباسي ريلوي اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته مسافرن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته ڪنهن به امڪاني حادثي کان بچڻ لاءِ جديد نگراني واريون ڊيوائس لڳائڻ تي به زور ڏنو.
هن وڌيڪ چيو ته ريلوي جي آمدني ۾ واڌ ۽ خرچن ۾ گهٽتائي آندي ويندي.
ريلوي وزير موجب، 25 رمضان المبارڪ کان خاص ٽرينون هلائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو، جڏهن ته عيد جي موقعي تي ريلوي جي ڀاڙا پڻ گهٽايا ويندا.
ياد رهي ته حنيف عباسي تازو ئي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيو آهي ۽ ٽي ڏينهن اڳ کيس ريلوي جي وزارت جو قلمدان سونپيو ويو آهي.

مارچ 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو