ملڪ ۾ سڀاڻي کان تيز برساتن جي اڳڪٿي، اربن فلڊنگ، لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سڀاڻي کان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب اولهه هوائن جو سلسلو 9 مارچ کان ملڪ جي اتر علائقن ۾ داخل ٿيندو ۽ اولهه هوائن جو اهو سلسلو ملڪ ۾ 16 مارچ تائين برقرار رهندو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چترال، مري، گلگت، بلتستان، ڪشمير، اسلام آباد، راولپنڊي، اٽڪ، جهلم، چڪوال، پشاور، چارسدا، مردان ۾ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ به کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ برفباري سان روڊ بند ٿيڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته خيبر پختونخواهه، ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ تيز برساتن سان لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي، جڏهن ته اسلام آباد، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا ۽ ٻين شهرن ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو آهي.

مارچ 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو