دهشت گردي جي نئين لھر جا سبب ۽ اثر

Spread the love

اسلم اعواڻ

گذريل ٻن افغاني جنگن دوران جھادي ڪارڪنن جي مرڪز جي حيثيت رکندڙ دارالعلوم حقاني نوشهره ۾ خودڪش بم ڌماڪي ۾ مشهور عالم مولانا حامد الحق ساٿين سميت شھيد ٿي ويو. چئين ڏهاڪن تي پکڙيل عالمي طاقتن جي ” گريٽ گيم وار فيئر“دوران، اھو مدرسو اسان جي نيشنل سيڪيورٽي جي بيانيئي جو پردو وجھيل ھئڻ ڪرڻ  خاص اهميت رکندڙ ھو.ھاڻي جامعه حقانيه تائين خودڪش بمبار جي رسائي هڪ وڏو سيڪيورٽي جھول کي پڌرو ڪري وئي آھي. ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڏينهن اڳ ئي هن ئي مدرسي ۾ دستاربندي جي تقريب جي سيڪيورٽي لاءِ وڏي پيماني تي فوج جي مقرري ھن مدرسي جي اسٽريٽجڪ اهميت کي ظاهر ڪري ٿي.

حقيقت اها آهي ته  سوويت يونين کي نيڪالي کانپوءِ افغاني ويڙھاڪ تنظيمن ۾ ڪابل ۾ ڀڙڪيل گھرو ويڙھ تي قابو پائڻ جي لاءِ1994ع ۾ اسان جي رياستي  اختيارين  جڏھن طالبان ٺاهڻ جو ڪم پنھنجي مبارڪ هٿن ۾ کنيو، تڏهن ان وقت جي گهرو وزير نصير الله بابر،بيس ڪئمپ جي طور تي  هن ئي مدرسي کي چونڊيو ھو، جيڪو جنرل ضياءُ الحق جي نظرين جي نمائندگي ڪندو هو. هن مدرسي جي اسٽريٽجڪ حيثيت جي اعتراف جي طور کي، ان وقت جي وزيراعظم بينظير ڀٽو ذريعي جامعه حقانيه جي مھتمم مولانا سميع الحق کي 30 ڪروڙ رپين جي خاص گرانٽ ڏياري ھئي.ان روايت کي جاري رکندي، خيبر پختونخواه جي تقريبن هر حڪومت مدرسه حقانيه کي کليل يا  لڪيل مالي مدد  ڪرڻ  پنهنجو فرض سمجهندي ھئي. اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ به دارالعلوم حقانيه کي 10 ڪروڙ رپين جي گرانٽ  ڏيڻ ۾ ڪا  هٻڪ محسوس نه ڪئي.

هن مدرسي کي افغان جنگين دوران رياستي طاقت جو هڪ غير سرڪاري بيس ڪيمپ جي حيثيت رھي. جنهن سبب سميع الحق جو خاندان  هن وار گيم مان سڀ کان وڏو فائدو حاصل ڪندڙ رھيو. شايد  انڪري  افغانستان ۾ آمريڪي قبضي خلاف مزاحمتي جهاد دوران،اولھھ جو ميڊيا حقانيه مدرسي کي  طالبان ويڙھاڪن پئدا ڪرڻ جي فئڪٽري لکندو رھيو. شيخ الجامعه مرحوم مولانا سميع الحق اولھ جي ميڊيا ۾ شايع ٿيندڙ اهڙن سڀني مضمونن جا اردو ترجما پنهنجي ذاتي رسالي “العصر” ۾ ٻيهر شايع ڪرائڻ تي فخر ڪندو ھو.علي ھذا القياس،

جيتوڻيڪ ڪنهن  گروپ حقانيھ حملي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي، پر تجزيه نگارن  شڪ ظاھر ڪيو آهي  ان ڪارروائي جي پٺيان ته داعش خراسان سان لاڳاپيل تنظيم آءِ ايس خيبر پختونخوا  ٿي سگهي ٿي. پر افغان معاملن جا ماهر چون ٿا ته داعش خراسان، جسلن ۽ عوامي ھندن کي نشانو تھ بڻائي سگهي ٿي، جيئن گذريل سال مالاڪنڊ ۾ جي يو آءِ(ايف)جي  اجتماع کي ھدف بنايو ويو.

پر داعش خراسان ۾ هاڻي ايتري سگھه نھ رھي آھي.جو اھاحقانين مدرسي  جهڙي انتهائي محفوظ جڳهه کي نشانو بڻائي سگھي.انهن جو خيال آهي ته هي ٻه مهينا اڳ ڪابل ۾ خليل الرحمان حقاني تي ڪيل خودڪش حملي جھڙو آهي، جنهن جي ذميواري بھ ھن وقت تائين ڪنهن گروپ  قبول نه ڪئي آهي.جامعه حقانيه تي حملي جي ذميواري داعش سميت ڪنھن بھ گروپ قبول نه ڪئي آهي. پر دارالعلوم تي حملي جي هڪ ڪلاڪ اندر ٽي ٽي پي، جي جاري بيان ۾ ان جو الزام سندس  مخالف تنظيم، جماعت الاحرار تي ھنيو ويو. جنھن سان شڪ جا ڪيتريون ئي دريون  کولي ڇڏيون. ياد رکڻ گهرجي ته جماعت الاحرار گذريل سال  پنھنجي امير عمرخالد خراساني جي قتل جي دعويٰ ٽي ٽي پي امير مفتي نور ولي محسود تي ڪئي ھئي. تنهن ڪري پهرين نظر ۾ جامعه حقانيه تي حملو افغان طالبان جي حقاني ۽ قنڌاري ڌڙن جي وچ ۾ جاري تڪرار جو حصو نظر اچي ٿو.

ماهرن جو خيال آهي ته پاڪستان نواز ڪمانڊر سراج الدين حقاني ۽ پاڪستان مخالف ملا يعقوب قنڌاري جي وچ ۾ پاليسي  معاملن تي جاري تڪرار ۾ حقاني نيٽ ورڪ کي مولانا حامد الحق ۽ علامه تقي عثماني سميت ممتاز پاڪستاني عالمن جي اخلاقي حمايت حاصل آهي.ان ڪري اهو ممڪن آهي ته قنڌاري گروپ جي اتحادي ٽي ٽي پي، آمريڪي يا هندستاني انٽيليجنس ايجنسين جي مدد سان دارالعلوم حقانيه کي نشانو بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هجي. تنهن ڪري اھو بھ  خدشو آهي ته حقاني نيٽ ورڪ جي حمايت ڪندڙ ٻين وڏن مدرسن، خاص طور تي جامعه بنوري ٽائون ۽ علامه تقي عثماني جي دارالعلوم ڪراچي کي به نشانو بڻايو وڃي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته افغان طالبان جي نقطھ نظر ۾ پاڪستان  جي قومي سلامتي بابت گهري منفي تبديلين جي ڪري پاڪستان جي افغان پاليسي ۾ بنيادي تبديليون اچي چڪيون آهن، جنھن جا اثر افغان طالبان گروپن جي وچ ۾ وڌندڙ اختلافن ۽ پاڪستان جي ڊگھين  سرحدن تي تشدد جي وڌندڙ واقعن ۾ ڏسي سگهجن ٿا. تنهن ڪري مدرسي جي تاريخ ۽ افغان جنگين ۾ ان جي فرنٽ لائن پوزيشن کي ڏسندي، ان ڳالھھ جو وڏو  امڪان آهي ته هي حملو دشمن طاقتن جي مدد سان ٽي ٽي پي جهڙن سرگرم گروپن  کان ھڪ اھڙي وقت  ۾ ڪرايو ويو. جڏهن مولانا حامد الحق  ڪن سببن ڪري  اسان جي ،مقتدرا کي نشانو بڻائي رهيو هو ته جيئن مولانا حامد جي ويجهن حلقن جو پهريون شڪ اسان جي رياستي مقتدرا  ڏانهن موڙي سگھجي.يقينن اھا ھڪ سمارٽ چال ھئي.

ديوبند جي فڪر جي نمائندگي ڪندڙ دارالعلوم حقانيه جو بنياد 1947ع ۾ مولانا عبدالحق رکيو ھو. بعد ۾ سندس پٽ مولانا  سميع الحق،مدرسي جو شيخ الجامعه رھيو،جيڪو  “فادر آف طالبان” طور پڻ مشهور هو. مولانا سميع الحق کي 2018ع ۾ راولپنڊي ۾ چاقو سان قتل ڪيو ويو . مولانا حامد الحق پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ مدرسي جو مھتمم رھيو. گذريل سال، هن “افغان سفارتڪاري” لاءِ مذهبي عالمن جي هڪ وفد جي اڳواڻي ڪئي. جتي هن افغان طالبان جي سينئر اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. افغان جهاد سان لاڳاپيل هزارين شاگردن حقاني مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪئي.جن ۾ ملا عمر، سراج الدين حقاني ۽ پرڏيهي وزير امير خان متقي شامل هئا.

لڳ ڀڳ اڌ صدي جي عرصي تي پکڙيل  ٻن ِوڏين افغان جنگين جي  نقصانن  طور  اولهه سرحد سان لڳل خيبر پختونخواه صوبي ۾ تازن سالن ۾ مسجدن تي ڪيترائي حملا ٿيا آهن. جنوري 2023 ۾، پشاور ۾ پوليس ڪمپليڪس اندر هڪ مسجد کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ نمازي مارجي ويا، جن ۾ گهڻا پوليس آفيسر هئا. گذريل سال، اهڙن حملن جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ  ۾ 1,500 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا. جيتوڻيڪ ڪنهن به گروپ سرڪاري طور تي پشاور مسجد حملي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي، پر گذريل ڪجهه سالن ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ اڪثر حملن جي ذميواري ٽي ٽي پي قبول ڪئي آهي، جيڪو نظرياتي ۽ عملي طور تي افغان طالبان سان لاڳاپيل آهي. ان پس منظر  ۾ دفاعي ماهر حقاني مدرسي تي حملي ۽ حامد الحق جي قتل کي هڪ غير معمولي اڳرائي سمجهن ٿا، جنهن جي ردعمل ۾  معاملو ڪابل ۽ قنڌار جي دروازي تائين پهچي سگهي ٿو.

مارچ 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو