آرمي چيف جي ملڪي معاملن ۾ مداخلت جو تاريخ ٻڌائيندي: شاهد خاقان

Spread the love

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان کي اسلام آباد جي هوٽل ۾ قومي ڪانفرنس ڪرڻ کان حساس ادارن ۽ پوليس روڪيو،

ان ۾ حڪومت جو ڏوهه ناهي، انهن کي شايد خبر ئي نه هجي. هن چيو ته حڪومت وٽ ڪو اختيار ئي ناهي، هي هائبرڊ حڪومت آهي، آرمي چيف جي ملڪي معاملن ۾ مداخلت جو  تاريخ ٻڌائيندي.

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ماضي ۾ عمران خان به هائبرڊ حڪومت هلائيندو هو، اسان کي گرفتار ڪيو ويو، پوءِ عمران خان چيو ته مون کي خبر ناهي، اهو سڀ باجوا ڪيو.

مارچ 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو