رمضان المبارڪ جي آمد سان ايمانداري، ديانتداري جو سبق ملي ٿو

Spread the love

اسان بحيثيت امتِ مسلمه خوشنصيب امت آهيون جو هن سال به اسان کي رمضان المبارڪ جهڙي عظيم ۽ بابرڪت مهيني ۾ پنهنجي پالڻهار ربِ ڪريم پاران تحفي ۾ ڏنل عبادت “روزي رکڻ” جهڙي اعزاز تي عمل ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر موقعو مهيا ڪيو ويو آهي. رمضان المبارڪ جو سمورو مهينو رڳو عبادتن جو مهينو ناهي، پر انسان جي روحاني ۽ اخلاقي ڪردار کي عالم انسانيت لاءِ لاڀائتو بڻائڻ جو پڻ موقعو مهيا ڪيو ويو آهي. روزو رکڻ جو مقصد رڳو کائڻ، پيئڻ کان بچڻ ناهي، پر مسلمان کي پنهنجي روحاني، جسماني ۽ اخلاقي قدرن ۾بهتري آڻڻ جو موقعو ملندو آهي. رمضان المبارڪ مهيني دوران روزي رکڻ جو سڀ کان وڏو مقصد پنهنجي پالڻهار الله تعاليٰ جل شانه سان روحاني تعلق کي مضبوط ڪرڻ، پاڻ کي گناهن کان بچائڻ سميت روزاني واري زندگيءَ ۾ايمانداري ۽ ديانتداري تي عمل ڪري معاشري ۾ انصاف ۽ برابري وارو توازن پيدا ڪرڻ آهي. رمضان المبارڪ جا روزا رڳو جسماني طور تي نه پر روحاني سطح تي به انسان جي شخصيت کي سماجي بهتري جي حوالي سان تبديل ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا. آسماني پاڪ ڪتاب “قرآن مجيد” ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ فرمايو آهي ته “اي ايمان آڻيندڙ! اوهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن، جيئن اوهين کان اڳ واري قومن تي فرض ڪيا ويا هئا، ته جيئن اوهين پرهيزگار ٿيو. انهيءَ آيت سڳوريءَ ۾ انسان ذات کي اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته روزي رکڻ جو مقصد رڳو کائڻ، پيئڻ کان پرهيز ڪرڻ ناهي پر تقويٰ يعني الله تبارڪ و تعاليٰ سان سندس بندي جو تعلق مضبوط ڪرڻ، اخلاق ۾بهتري آڻڻ، انسان ذات جي خدمت ڪرڻ، سماج ۾ بهترين ڪردار ادا ڪرڻ آهي. رمضان شريف ۾ روزو رکڻ سان انسان پنهنجي نفس تي مڪمل طور تي ضابطو آڻي سگهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ کيس قلبي طور تي روحاني سڪون ملي ٿو. الله تعاليٰ جل شانه پاران روزي جي مقصدن مان هڪڙو اهو مقصد به آهي ته سمورو سال کائڻ، پيئڻ دوران انسان جي جسم ۾ زهريلا مادا جيڪي انساني صحت لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندا، انهن جو خارج ٿيڻ به آهي، ان ڪري طبي ماهرن پاران روزي کي انساني جسم جي صحت لاءِ بهتر قرار ڏنو ويو آهي، روزي رکڻ جي نتيجي ۾انسان هڪ ڀيرو ٻيهر ايندڙ سال لاءِ صحتمند، تازو ۽ توانو بڻجي زندگي گهارڻ لڳو ٿو ۽ مختلف طبي بيمارين کي مات ڏئي ٿو، اهڙي طرح سان روزي جي اخلاقي اهميت کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته انسان روزو رکڻ دوران ڪجهه مخصوص وقت لاءِ کائڻ، پيئڻ، نفساني خواهشن وارن فطري عملن تي ضابطو آڻي ٿو ۽ پنهنجي ڪم کي سچائي، ايمانداري ۽ محنت سان مڪمل ڪرڻ واري پاسي ڏانهن ڌيان ڏئي ٿو، ان حوالي سان هتي اها به وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته الله تبارڪ و تعاليٰ روزي ۾ اهڙي ته قوت مدافعت واري ڳجهي طاقت رکي آهي جو سماجي خرابين، براين، بڇڙاين واري پيدا ٿيل ماحول کان به روزيدار مومن منهن موڙي برن خيالن ۽ گناهن کان بچڻ جي ڪوشش ڪندي روحاني توڙي سماجي ڪردار کي داغدار ٿيڻ کان بچائي ٿو، اسلام ۾ ايمانداري ۽ ديانتداري، معاشري ۾سموري انسانذات جي ڀلائيءَ کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي. اسلام ۾هميشه سچ ڳالهائڻ، وعدن کي پورو ڪرڻ، ٻين انسانن جي حق تلفي کان بچڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي تمام گهڻو زور ڏنو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني ۾اسلام تي عقيدو رکندڙ هر هڪ مسلمان پنهنجي پالڻهار کان ڪيل ظاهري توڙي باطني گناهن جي معافي جو به طلبگار رهي ٿو. الله تبارڪ و تعاليٰ کان دعا آهي ته اسان کي رمضان المبارڪ جي برڪتن مان پورو فائدو حاصل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين.

مارچ 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو