”توهان کي پگهارون به ڀارت جي ڪري ملن ٿيون“ گواسڪر جو اڳوڻن انگلش ڪپتانن کي مهڻو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سنيل گواسڪر انگلينڊ جي اڳوڻن ڪپتانن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
سنيل گواسڪر انگلينڊ جي اڳوڻن رانديگرن کي روڄ راڙو نه ڪرڻ جو مشورو ڏيندي کين پنهنجي معاوضي لاءِ ڀارت تي ڀارڻ جو مهڻو به ڏئي ڇڏيو.
ياد رهي ته مائيڪل اٿرٽن ۽ ناصر حسين چيمپيئنز ٽرافي دوران ڀارت جون سڀئي ميچون دبئي ۾ کيڏڻ کي ڀارت لاءِ فائدو قرار ڏنو هو.
سنيل گواسڪر پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته” اهي سڀ تجربيڪار ۽ سياڻا ماڻهو آهن، پر سوال اهو آهي ته اوهان جي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڇو نه ڪواليفاءِ ڪيو؟ اوهان کي ڀارت تي تنقيد ڪرڻ بدران پنهنجن مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.“
هن وڌيڪ چيو ته ” انگلش رانديگر ذهني طور تي ڪمزور ٿي چڪا آهن، کين پنهنجي ملڪ بابت سوچڻ گهرجي.
سنيل گواسڪر وڌيڪ چيو ته ” انهن کي ماتم ڪرڻ ڏيون، اسان کي اهڙيون ڳالهيون نظرانداز ڪرڻ گهرجن،لڳي ٿو ته کين اندازو ئي ناهي ته ڀارت معيار جي لحاظ کان عالمي ڪرڪيٽ ۾ ڪٿي بيٺل آهي.“
اڳوڻي ڀارتي ڪپتان وڌيڪ چيو ته” عالمي ڪرڪيٽ ۾ آمدني جي لحاظ کان ڀارت جو تمام وڏو حصو آهي، کين اهو سمجهڻ گهرجي ته سندن پگهارون ان رقم مان اچن ٿيون، جيڪا ڀارت آءِ سي سي کي ڏئي ٿو.