سنڌ ۾ وڏيرڪي نظام ڏانھن واپسي جو سفر

Spread the love

ڊاڪٽر سڪندر عباسي

وڏيرپ يا جاگيرداري نظام جي شروعات يورپ کان شروع ٿي جيڪا لڳ ڀڳ ۵ صدي عيسوي کان ۱۲ صدي تائين ھلي۔ ان جو مک سبب رومن ايمپائر جي عملداري جو ڪمزور ٿيڻ ھيو۔ جاگيردار وڏين ايراضين جا مالڪ بڻجي ويا ۽ ھنن ھارين کي زمينن تي ڪم ڪرڻ ۽ وفادار رھڻ ڪري انھن کي پيداوار مان ڪجھه حصو به ڏيندا ھئا ۽ انھن جو تحفظ به ڪندا ھئا۔۱۲ صدي کان پوءِ وري جڏھن مضبوط بادشاھتون قائم ٿيڻ لڳيون ته جاگيرداري نظام ڪمزور ٿيڻ لڳو پر فرانس ۾ ۱۷ صدي تائين جاگيرداري نظام قائم رھيو ۽ ان جو باقائدي خاتمي جو اعلان ۱۷۸۹ عيسوي ۾ آئين ساز اسمبلي ۾ ڪيو ويو۔ روس ۾ به جاگيرداري نظام ۱۹ عيسوي تائين قائم رھيو۔ ايشيا ۾ وري جپان ۾ وچولي دور ۾ جاگيرداري نظام ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ موجود ھيو۔ ۱۷ عيسوي ۾جرمن فلاسافر ڪارل مارڪس ۽ اينجلس جاگيرداري نظام جي وصف نئين انداز سان بيان ڪئي ته دراصل ڪو به نظام پئداواري طريقي جو منطقي نتيجو آھي تنھن ڪري جيئن جيئن صنعتون قائم ٿينديون ته جاگيرداري نظام جي جڳهھ تي سرمائداري نظام پنھنجا پير ڄمائيندو۔ اھڙي طرح سرمائيداري نظام جا تضاد وري نئين نظام کي جنم ڏيندا.

برصغير ۾ به جاگيرداري نظام جون پاڙون ايتريون ئي پختيون آھن جيتريون يورپ ۾ ھيون۔ ھن خطي ۾ جاگيرداري نظام جي باقائدي شڪل مغل بادشاه اڪبر قائم ڪئي ۽ انھن ماڻھن کي زمينون عطا ڪري منصب دار جو لقب ڏنو جن  فوج ۾ شامل ٿي سندس مدد ڪئي۔ منصبدار ڄڻ ته مقامي ڀوتار بڻجي ويا ۽ بي زمين ھارين سان خوب جٺيون ڪيائون۔ مغلن کان پوءِ جڏھن انگريزن ھندستان تي قبضو ڪيو ته انھن به مغلن واري پاليسي جاري رکي ۽ انھن ماڻھن کي نوازيو جن انھن جي وفادار رھڻ ۾ ڪا ڪسر ن ڇڏي. ان پوري دور ۾ بي زمين ھارين جي حيثيت سواءِ  ڪنھن خدمتگار جي ڪجھه به نه ھئي۔ ورھاڱي کان پوءِ  ھندستان ۾ جواھرلال نھرو ته جاگيرداري نظام جي خاتمي جو اعلان ڪيو پر پاڪستان ۾ وڏا جاگيردار اقتدار جي ايوانن ۾ پھچي ويا ۽ ويتر جاگيرداري نظام کي مضبوط ڪري عوام کي حق حڪمراني کان بي دخل ڪري ڇڏيو۔

سنڌ جو منظرنامو

پاڪستان ٺھڻ کان پو۽ سنڌ ۾ وڏن زميندارن جي ھڪ ھٽي قائم ٿي وئي۔ ذاتي مفادن کي اوليت ڏيندي ھر حڪومت ۾ حصيدار ھجڻ ڪري رياستي طاقت پاڻ کي مظبوط ڪرڻ ۾ استعمال ڪيائون۔ سنڌ ۾ ٻي مصيبت صنعتي ترقي جو اڀرڻ ھيو ان جو نتيجو زرعي سماج جو  پنھنجي قدرتي عمر پوري ڪرڻ باوجود ٽڪ ھڻي بيھڻ جي صورت ۾ ظاھر ٿيو۔ تاريخي لحاظ سان ڪمزور ٿيندڙ وڏيرڪي نظام کي نئون ساهه وري تڏھن پيو جڏھن جنرل مشرف بلدياتي نظام جي آڙ ۾ سننڌ جا ظلعا ۽ تعلقا ڀوتارن کي سياسي رشوت طور ڏئي ڇڏيا۔ ان متعارف ڪيل نظام ڄڻ ته وڏيرن کي نئين سياسي ۽ معاشي زندگي عطا ڪئي۔ ان عرصي ۾ وڏيرن ايترو پئسو ۽   اثر حاصل ڪري ورتو جو مشرف جي وڃڻ کان پوءِ واريون حڪومتون به ڀوتارن جي رحم ڪرم تي ھلڻ لڳيون۔

ڀوتار ڇا ٿا چاھين؟

سنڌ جو ڀوتار ھاڻي ڪنھن به صورت ۾ حاصل ڪيل اختيار مان پڙھيل مڊل ڪلاس کي حصو پتي ڏيڻ لاءِ تيار ناھي تنھن ڪري ھو سمجھي ٿو ته  تعليم عام ۽ معياري ھجڻ ۽ امن امان بحال ٿيڻ سان سندن اثر رسوخ کي خطرو ٿي سگھي ٿو۔ ان ڪري معياري تعليم ۽ امن امان جو بحال ٿيڻ ڄڻ ته اڃان خواب مثل آھي۔ اندازو لڳايو ته اڄ ب ۷٦ لک ٻار اسڪول کان ٻاھر آھن۔ ٽوٽل ۴۸۹۳۲ اسڪولن مان ۴۳۰۲۷ اسڪول فعال آھن يعني ۵۹۰۵ اسڪول غير فعال آھن۔ ٻيلي کاتي جي ۱۴۹۲۳۵ ايڪڙ اھڙي ايراضي آھي جتي ڀوتارن جو قبضو آھي۔ڪچي جي لکين ايڪڙن جي قدرتي ماحول کي ختم ڪري اتي ذاتي ڪيٽيون قائم ڪري ماحولياتي ۽ دريائي وھڪري کي تباھ ڪيو ويو آھي۔ ڪچي جي علائقي ۾ ڏوھاري ماڻھن جي ھمت افزائي ڪري انھن علائقن کي عام ماڻھن لاءِ نو گو ايريا بڻايو ويو آھي۔ اھڙي صورتحال جي ڪري پڙھيل ۽ وچولو طبقو وڏن شھرن جو رخ ڪري رھيو آھي جنھن جي ڪري معاشي سرگرميون محدود ٿيڻ ڪري بيروزگاري ۽ بدامني ۾ اظافو ٿي رھيو آھي۔ مجموعي طرح سنڌ جي سماجي جوڙجڪ جي ھڪ ھنڌ بيھڻ ڪري ھيٺين سماجي براين ڪر کنيو آھي۔

۱۔ بدامني ۲۔ ڪرندڙ تعليمي معيار۳ ۔ قبائلي جھيڙا  ۴۔ سرڪاري عملداري جو ڪمزور ٿيڻ  ۵۔ خوف ۽ خوشامدي ڪلچر جو مضبوط ٿيڻ  ٦۔ غربت ۾ واڌ  ۷۔ انساني حقن جي لتاڙ ۸۔  سياسي عمل تان ويساهه ڪمزور ٿيڻ  ۹۔ پڙھيل ۽ مڊل ڪلاسي ماڻھن ۾ مايوسي ۽ لڏ پلاڻ۔ ۱۰۔سياسي عمل جو ڪمزور ٿيڻ

نيٺ ڇا ڪجي

سنڌي سماج ۾ جتي ايتري مايوسي جا ڪڪر ڇانيل آھن اتي ڪجهھ اميد جا ڪرڻا به نظر اچن ٿا۔ ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ته انھن اميدن جي ڪرڻن کي وڌيڪ روشن ڪجي۔ مشڪلاتن باوجود  سنڌ ۾ ڪيئي اھڙا فرد ۽ خاندان آھن جن پنھنجي محنت سان غربت ۽ جھالت کي شڪست ڏئي بھتر مقام حاصل ڪيو آھي جيڪي سماج لا۽ اميد جو ڏيو روشن ڪري سگھن ٿا۔ انھن کي گھرجي ته پنھنجي ڳوٺن ۽ ماڳن جي مالڪي ڪن ۽ پوئتي رھجي ويل فردن ۽ خاندانن کي اڳتي ڪرڻ ۾ مدد ڪن۔ سڄاڻ ماڻھن کي گھرجي ته سوشل ميڊيا جو استعمال ڪري وڏيرڪي ڏاڍ کي وائکو ڪن ته جيئن انھن کي ڏاڍ کان روڪي سگهجي۔ ٻھراڙي جي ماڻھن کي ھمٿائجي ته شھرن ۾ اچي ننڍا ڪاروبار ڪن ۽ پنھنجي ٻارن کي تعليم ڏيارن ته جيئن اڳتي جا رستا کلن۔ سرڪاري ادارن جي ڪارڪاردگي تي نظر رکجي ته جيئن ڪجهھ لاڀ حاصل ٿي سگھي۔ امن امان جي بحالي لا۽ زوردار مھم ھلائجي ته جيئن پوليس مجبور ٿي پنھنجو گھربل ڪردار ادا ڪري۔ امن جي بحالي سان معاشي سرگرميون وڌنديون جنھن سان ھڪ طرف روزگار ۾ اضافو ٿيندو ته ٻئي طرف ماڻھن جو وڏيرن تي انحصار گھٽبو۔ سول سوسائٽي لڳاتار بي پھچن جي مدد ڪن ته جيئن جرڳائي ۽ راڄوڻي فيصلن جي حوصلا شڪني ٿي سگھي۔ مسلسل ھڪڙي مھم ھلائي وڃي ته جگيرداري نظام نامنظور ته جيئن عام ماڻھون مان نفسياتي خوف ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي.

مٿي ڏنل سڀني تجويزن کي جيترو جلد اڪلائبو اوترو  جلد سنڌ جي سماجي اوسر ۾ تيزي ايندي ۽ سنڌ جو ماڻھو ايڪويھين صدي جي سڌريل معاشرن وانگر باعزت زندگي گذاري سگھندو۔

مارچ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو