ملير مان امن جو پکي اڏامي ويو

Spread the love

جميل چانڊيو

ملير جو علائقو گلشن حديد ڦرن، ڌاڙن ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي نه ڪو انسان محفوظ آهي نه ڪاروبار ۽ نه ئي وري ٽرانسپورٽ، روڊ ۽ رستي ويندي شاگرد، عورتون ۽ مسافر به ڦورن جي زد ۾ آيل آهن، گذريل ٽن مهينن ۾ گلشن حديد، اسٽيل ٽائون، شاهه لطيف، رزاق آباد، گهگهر ڦاٽڪ ۽ ميمڻ ڳوٺ وارو علائقو سرعام ڦورن، لٽيرن ۽ نقاب پوش هٿياربندن هٿان ڪروڙين روپين جون وارداتون ٿيون آهن جڏهن ته گلشن حديد لڳ قومي شاهراهه تي قائم پيٽرول پمپ جنهن جو مالڪ بااثر سمجهيو ويندو آهي. تنهن جي ڪيشيئر کان به گن پوائنٽ تي ڏينهن ڏٺي 28 لک جي رقم ڦري ويا، ڦرن جي وارداتن ۾ اڪثر موٽر سائيڪل سوار جن جي منهن تي ماسڪ يا هيلمينٽ پاتل هوندو آهي ماڻهن کان روڪ رقم، قيمتي سامان ڦري فرار ٿي ويندا آهن.

تازو مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ هڪ بلڊر قمر بلوچ جيڪو پاڻ عمري جي سعادت لاءِ سعودي عرب ويل هو سندس گهر ڀاتين کي 8 هٿياربندن يرغمال بڻائي گهر مان ڪروڙين روپين جي ماليت سون، 27 لک روڪ رقم ۽ قيمتي سامان بغير نمبر پليٽ جي شهزور گاڏي ۾ کڻي هليا ويا، حد جي ايس ايڇ او ڪنهن به قسم جو ڏوهارين خلاف تحرڪ نه ورتو ۽ نه ئي ڪا اهڙي گرفتاري عمل ۾ آندي جنهن سان قمر بلوچ ۽ ان جي فيملي کي پهتل نقصان جو ازالو ٿي سگهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي صحافي/ ڪيمرامين شاهد ڇڄڙو پنهنجي صحافتي ذميواري نڀائيندي موٽر سائيڪل سوار ڦورن هٿان موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦرائي ويٺو، گلشن حديد ۾ خميس ڏينهن صبح جي وقت علائقي جي سياسي سماجي شخصيت ايڊووڪيٽ فقير عبدالقادر شر جيئن ئي پنهنجي جاءِ جي مرمت لاءِ رقم کڻي وڃي رهيو هو ته هٿياربندن کانئس هڪ لک 45 هزار روڪ رقم، 2 عدد موبائل فون ۽ هاءِ ڪورٽ جو ڪارڊ ڦري ورتو. اسٽيل ٽائون واري علائقي ۾ پوليس اهلڪار خميسو جوکيو کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيترن ئي وارداتن ۾ هٿياربند ڦورن شهرين کي ڦر  ڪرڻ دوران زخمي پڻ ڪيو.

وڌندڙ وارداتن سبب تازو گلشن حديد ۾ هٿياربندن هٿان ڦر جو شڪار بڻيل ايڊووڪيٽ عبدالقادر شر ”عوامي آواز“ سان ڳالهائيندي چيو ته ملير مان امن جو پکي اڏامي چڪو آهي اڄ ڪو به شهري، ڪا نياڻي، ڪو شاگرد، ڪو راهگير، ڪو واپاري، ڪو وڪيل، ڪو صحافي محفوظ نه آهي جنهن کان ڦر نٿي هجي.ملير ڦورن ۽ ڪرمنل جي آماجگاهه بڻجي چڪو آهي پوليس فقط ايس ايڇ اوز جي بدلي ڪري پنهنجي ذميداري پوري ڪري ٿي جيڪڏهن ڪنهن ٻئي علائقي ۾ ڪرائيم ٿئي ٿو ته پوءِ ايس ايس پي پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري ۽ ٿاڻو بدر ڪري ڇڏي ٿو پر عوام کي تحفظ لاءِ ڪو به تحرڪ نٿو وٺي .

گلشن حديد جي سياسي، سماجي تنظيمن ۽  سول سوسائٽي پاران امن امان بابت ڪيترائي ڀيرا  احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا،  پر تنهن جو ڪو به کڙتيل نه نڪتو نه عوام کي امن مليو نه ئي متاثر ڌرين کي انصاف مليو. ملير جي سياسي، سماجي، ادبي، صحافتي، وڪيلن، شاگردن، واپارين ۽ سول سوسائٽي سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ پوليس کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته ملير ۾ امن سان گڏوگڏ عوام کي تحفظ فراهم ڪري ڏوهارين خلاف اثرائتا قدم کنيا وڃن ته جيئن شهرين جو تحفظ يقيني بڻجي سگهي.

فيبروري 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو