ڪراچي جو اسٽائلش ڊرگ ڊيلر ساحر حسن
طحه عبيدي
منهنجي دلچسپي تڏهن وڌي وئي، جڏهن ڀرسان ويٺل هڪ شخص چيو ته “آزاد خان يا مقدس حيدر” کي هٽايو ويندو ۽ بگڙيل نوابن جي جاچ اڳتي نه وڌندي. مان سوچڻ تي مجبورٿي ويس ته اهي ايترا طاقتور ڪيئن ٿي ويا. ان وچ ۾ ساڳئي ساحر حسن (اداڪار ساجد حسن) جو پٽ ڪمري ۾ داخل ٿيو، هن ويڊ جو پف ھنيو ۽ ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي. ھي ڪهاڻي ڊفينس، ڪلفٽن جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان گڏ وگڏ بزنس مين،بيوروڪريٽس، سياستدانن ۽ شوبز انڊسٽري ۾ به هڪ هلچل مچائي چڪي آهي ۽ ڪيترائي ڪردار ڪراچي ايئرپورٽن تان فرار ٿي چڪا آهن، ڪجهه پرڏيهه هليا ويا آهن ۽ ڪجهه ٻين شهرن ۾ معاملي جي ٿڌي ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن.
ڪهاڻي هن طرح آهي تھ يحيٰ عرف شاهه جي بين الاقوامي منشيات فروشن جو هڪ اهم ماڻھو آهي. هي منشيات گھرائي ۽ اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ۾ سپلاءِ ڪري ٿو. ڪراچي ۾ بازل نالي شخص (جيڪو پرڏيهه فرار ٿي ويو آهي) مصطفيٰ، ساحر ۽ عثمان سان رابطي ۽ پھچائڻ جو ڪم ڪري ٿو. هي منشيات ٽن قسمن ۾ اچي ٿي، جنهن ۾ “جنگل بواءِ” سڀ کان مهانگي منشيات آهي، ان کان پوءِ پاميلا ۽ جيليٽو ان جا ٻيا ٻھ قسم آهن.ان مھانگي ترين منشيات جا ڪراچي ۾ ٽي ڊيلر آهن، هڪ عثمان آهي (ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو) ٻيو مصطفيٰ آهي (ارمغان پاران قتل ڪيو ويو) ۽ ٽيون پاڻ ساحر آهي. اهي ٽئي نوجوان ڳجھي ويب سائيٽن ذريعي منشيات جو آرڊر ڏيندا هئا ۽ ڪراچي ۾ ٽي سي ايس ۽ ليپرڊس نالي ڪوريئر سروس ذريعي پارسل وصول ڪندا هئا.
”جنگل بواءِ“ نالي منشيات 15 ھزار رپيا في گرام، ”جيليٽو“ 12 ھزار رپيا في گرام ۽ ”پاميلا “ 10 ھزار رپيا في گرام وڪرو ٿين ٿيون.جنھن ۾ ڪراچي جي منشيات فروشن کي ان مان 30 سيڪڙو منافعو ملي ٿو ۽ اسلام آباد ۽ لاهور ۾ يحيٰ عرف شاه جي کي 55 کان 50 سيڪڙو منافعو ملي ٿو. ساحر حسن هر مهيني 2,700 گرام منشيات وڪرو ڪندو هو. ساحر، مصطفيٰ ۽ عثمان 7,700 رپين ۾ منشيات حاصل ڪندا هئا. ساحر هر مهيني 2 ڪروڙ 7 لک 90 ھزار رپين جي منشيات خريد ڪندو هو ۽ 2 ڪروڙ 97 لک ۾ وڪرو ڪندو ھو. ساحر منشيات جي ڪاروبار مان هر مهيني 90 کان 95 لک رپين جو منافعو ڪمائيندو هو. ساحر يا مصطفيٰ جي موبائل فون، سي آءِ اي ۽ آءِ بي جي جاچ ۾ ڪيترائي نالا اھڙا سامهون آيا آهن ،جن ڪيس کي ڌوڏي ڇڏيو آھي. ساحر سان هڪ عورت جنهن جو سڀ کان مهانگو فليٽ ڊفينس ۾ موجود آهي. اھا عورت هر مهيني ”جنگل بواءِ“ نالي منشيات هڪ اونس يعني 28 گرام خريد ڪري ٿي. ان جو مطلب آهي ته هڪ گراهڪ هر مهيني 13 لک 44 ھزار رپين جي منشيات خريد ڪري ٿي ۽ اهڙا ڪيترائي ڪردار ان فھرست ۾ موجود آهن.
هي اهي ڪردار آهن جيڪي انتهائي طاقتور آهن ۽ ملڪ جا فيصلا ڪن ٿا. جاچ ڪندڙ اختيارين جو چوڻ آهي ته هي قصو جلد ختم ٿي ويندو، پر تعليم يافته نوجوان نسل تباهه ٿي ويندو. هي مهانگي ترين منشيات ، ڊفينس، ڪلفٽن ۽ ٻين تعليمي ادارن جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين سان گڏوگڏ ۾ ٻين تعليمي ادارن ۾ تيزي سان پکڙجي رهي آهي. حڪومت ۽ انتظاميا هن مسئلي تي بيان بازي تھ گھڻي ڪئي آھي، پر ڪو به عملي قدم نه کنيو آهي، جنهن جو نتيجو ھي آھي تھ ساحر حسن جهڙو ڇوڪرو چرس ويڊ پيئڻ کان سواءِ ڳالهائي به نه ٿو سگهي. هي حالت انهن مهانگين بنگلن ۾ رهندڙن جي آهي، جن جا ٻار زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن ۽ والدين شرم کان هن مسئلي تي ڳالهائڻ کان لاچار آهن، جڏهن ته غريبن جا ٻار منشيات جي عادي ٿيڻ کانپوءِ روڊن تي پيا آهن.
فيبروري 27, 2025