چيمپيئنز ٽرافي: دبئي ۾ رمضان ۾ ٿيندڙ ميچن بابت اماراتي بورڊ جو وڏو اعلان

دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ رمضان مهيني دوران ٿيندڙ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي ميدان بابت اماراتي ڪرڪيٽ بورڊ اهم اعلان ڪري ڇڏيو.
اماراتي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان روزيدار شوقينن کي افطاري ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته روزيدار شوقين پريشان نه ٿين، اسٽيڊيم ۾ کين مفت افطار باڪس ملندا.
واضح رهي ته چيمپيئنز ٽرافي جي ايندڙ ميچ آچر تي دبئي ۾ نيوزيلينڊ ۽ ڀارت ۾ کيڏي ويندي، ان کانسواءِ پهريون سيمي فائنل به 4 مارچ تي دبئي ۾ ئي ٿيندو، جڏهن ته ڀارت جي فائنل ۾ پهچڻ جي صورت ۾ 9 مارچ تي فائنل به اتي ئي کيڏيو ويندو.