پهرين مارچ کان پيٽرول سستو ٿيندو يا مهانگو؟ اهم خبر اچي وئي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ پهرين مارچ کان پيٽرول مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب پهرين مارچ کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ تقريبن 4 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۽ گاسليٽ جي اگهه ۾ هڪ رپيو في ليٽر لاٿ جو امڪان آهي.
پيٽروليم شين جي اگهن بابت حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت وزيراعظم جي مشاورت سان ڪندي.

فيبروري 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو