گريوا جي هلندڙ علامتي ڪفن پوش بک هڙتال ۽ تحريڪ

Spread the love

آزاد اي رحمان سپڙو

اوھين سڀ اھو ڄاڻو ٿا ته جدوجھد جي ميدان ۾ تمام ڏکيا موڙ، لڪ لانگھا، مشڪلاتون ، اڻانگو سفر ۽ ڪيتريون ئي دشواريون ھونديون آھن پر انھن جي باوجود پوري عزم سان، نئين حڪمت عملي سان، نئين ھمت ۽ حوصلي سان پنھنجي سفر کي جاري ۽ ساري رکبو آھي، جسينيئر سٽيزن ۽ بزرگن جي حقن جي  حاصلات واري لڳ ڀڳ ٽن سالن جي سفر سان گڏ ھن تحريڪ ۾ ڪيترن ئي مخلص ساٿين جي محنت، جستجو، سچائي ۽ مسلسل جاکوڙ سمايل آھي مان سنڌ جي ھر مخلص ڪارڪن جي تعاون، خلوص ۽ محبتن جو مشڪور آھيان، جن ھن جدوجھد ۾ ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ جنھن کان جيترو به ٿي سگھيو پر پنھنجو ڪردار ادا ڪيو آھي، سچ پچ ته ھر ھڪ اھو ساٿي، اوترو ئي خراج تحسين جو مستحق آھي، جنھن جي جيتري محنت ۽ جستجو ڪئي آھي.

مان انھن ساٿين جو به ٿورائتو آھيان جن گھر ويٺي دعائون ڪيون، يا جن اسانجي اصلاح واسطي نيڪ نيتيءَ سان تنقيدون ڪري مستقبل ۾ بھتر کان بھتر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو درس ڏنو آھي.پنھنجي انھن مھربان ساٿين جو به آءٌ دل جي گھراين سان ٿورائتو آھيان جن ھن مشڪل وقت ۾ اسانکان دور رھي، اسانکي پنھنجو پاڻ ۾ وڌيڪ ھمت ۽ حوصلو پيدا ڪرڻ جو درس ڏنو آھي.مان پنھنجي انھن مھربان دوستن جو به ٿورائتو آھيان جن اسانجي جدوجھد تي چٿرون ڪري، اسانکي جدوجھد جي ميدان ۾ اڃان به وڌيڪ ڪجهه سکڻ، درست ۽ بھتر گس اختيار ڪرڻ جو درس ڏنو آھي.مان پنھنجي علائقي جي صحافين ۽ ڪالم نگارن جو پڻ ٿورائتو آھيان، جن اسانجي جدوجھد ۾ پوري نيڪ نيتيءَ سان رپورٽنگ ڪري، اسانجي آواز کي ايوانن تائين پھچائڻ ۾ اسانجو ساٿ ڏنو.

ھيءَ اسان سڀني جي پنھنجي حقن جي جنگ آھي، ھن جنگ ۾ پنھنجن کي برو ڀلو چوڻ سان، اسانجو دشمن مضبوط ٿيندو رھندو ۽ اسين ڪمزور ٿيندا رھندا سين، جيڪو اسان سڀني جو گڏيل نقصان آھي، انڪري آءٌ  ھٿ جوڙي سنڌ جي سڀني بزرگ ساٿين کي وينتي ڪندس ته ڪنھن به ريت محبتن جي رسي کي نه ٽوڙيو، اسين توھان مان آھيون ۽ اوھان اسان مان آھيو، تنھن ڪري اوھانجو ۽ اسانجو درد به ساڳيو آھي، مقصد به ساڳيو آھي.

آخر ۾ به آءُ پنھنجي محترم ساٿين کي اڳتي لاءِ به ھٿ ادب جا ٻڌي اھو عرض ڪندس ته اوھانکي اسانجي تنظيم جي گڏيل عظيم مقصد جي حصول لاءِ جدوجھد ڪندڙ سنڌ جي سمورن سڄڻن ۽ مخلص ساٿين جي سموري سٿ جي پارت ھجي.خصوصي طور اسانجي بھادر قائد، ڀيڻ ادي ثريا ميمڻ صاحبه جي ٽيم مان تنظيم جي سمورن نھايت جاکوڙي ڪردارن جي، جن جا کوڙ سارا نالا آھن، انڪري سڀني جا نالا کڻڻ سان متان مونکان ڪجهه وسري وڃن پر پوءِ به ھتي ھن تحريڪ دؤران پنھنجي مرڪزي سيڪريٽري جنرل سڪندر اعظم ملاح صاحب ۽ محمد حسين راٺوڙ صاحب جو ذڪر نه ڪرڻ، سچ پچ ته مان انھن جاکوڙي ڪردارن سان زيادتي ٿو سمجھان، ڇاڪاڻ ته اھي ھن جدوجھد جي تياريءَ کان وٺي پھرين ڏينھن کان ڪراچي پريس ڪلب جي ڪئمپ تي موجود رھي ڪافي تڪليف جي باوجود به ھر پھلوءَ تي ڪم ڪندا رھيا.

مان پوري يقين سان اھو چوڻ ۾ پاڻ کي حق بجانب ٿو سمجھان ته ھن تحريڪ ۾ شامل سموري سنڌ مان ٻين به ڪيترن ئي مخلص ساٿين جي محنت جاکوڙ، ثابت قدمي ۽ قرباني گريوا جي تاريخ ۾ ناقابل فراموش رھندي جيڪا ھڪ نه ھڪ ڏينھن ھنن بزرگن جي جدوجھد کي ڪامياب ڪرڻ جو دروازو ضرور کوليندي.

فيبروري 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو