پي ٽي آءِ جون سياسي رانديون
رياض ابڙو
جڏهن پي ٽي آءِ جي سرڪار هئي تڏهن هنن اهڙو ڪهڙو منفرد فيصلو ڪيو هيو جنهن مان اهاڳالهه واضع هجي هان ته هنن قانون ۽ آئين جي اهڙي بالادستي قائم ڪئي هئي، جنهن ۾ پارٽي جي بلي بلي ٿي هئي، ڇو ته پي ٽي آءِ پنهنجي احساس ڪمتري واري سياسي طرز تحت رياست جي اندر ئي پنهنجي رياست قائم ڪري ڇڏي هئي. پي ٽي آءِ ان ٽائيم تي اهڙي ڪاڳالهه ڪري وجهي هان جنهن ۾ اهي ڪاغذي انقلاب مان نڪري حقيقي انقلاب تي اچن هان ته ڳالهه مڃجي به هان. هاڻي به پي ٽي آءِ وارن وٽ انقلاب جي لفظي ۽ نجي معني رڳو ”رجيم چينج“ آهي ۽ عمران خان کي ٻاهر ڪڍڻ آهي، پوءِ هنن جي حق ۾ هجي، هنن سان ناحقي ٿيندي هجي، يا حقيقي انقلاب معني رڳو ڪرسي ملڻ ئي هجي اهاڳالهه به عالم آشڪار هئي ته هنن پي ٽي آءِ وارن اندورني سياسي پريشر ڪيئن گھٽايا هيا، جنهن اسپيڊ سان هنن پنهنجي دور جي سياستدانن کي گھٽايو هيو ان جا مثال ملڻ به سياسي تاريخ ۾ مشڪل آهن، ڇو ته هنن رڳو بدلي جي سياست ڪئي هئي ۽ اهي هڪ ئي سياسي مائينڊ سيٽ کڻي پئي هليا، رڳو چورچور ڪين ٻيو ڪجهه به نه. پي ٽي آءِ وارن نوازشريف کي پاڻ ”سيف اسڪيپ“ ڏنو ته تون لنڊن ۾ وڃي بهترين زندگي گذار ۽ هتي خان کي ٻوٽو ٻارڻ ڏي، ان ڪري جو هنن پي ٽي آءِ وارن کي نئون پاڪستان ٺاهڻو هيو، ڪشمير آزاد ڪرائڻو هيو، نوان 33 بل رات پيٽ ۾ پاس به ڪرائڻا هيا، ”اي وي ايم“ به پاس ڪرائڻو هيو، جو اٻوجھ عوام کي ان اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين ذريعي چريو به ڪرڻو هيو ۽ باقي ٻيا اڻ ٻڌا ۽ بيڪار نظريا ته رهيا الڳ. وري صدارتي ايڪسٽينشن ۽ ٽينشن جا الڳ باب هيا، جنهن ۾ سنڌ جي ساحلي پٽي تي وفاقي مڳي ۽ هوڏ الڳ هئي. پرڳالهه اها به هئي ته هي واحد حڪمران هيو جنهن کي ادارن جي لفٽ به وڏي هئي، پر حڪومت ۾ هوندي ننڍڙا ننڍڙا مسئلا به حل نه ڪري سگهيو ۽ ان وڏي لفٽ جي هوندي به خان جي سياست به نبري نه سگهي، ملڪي ليول تي بهترين ڳالهه نه ڪري سگهيو. هن جي بيڪار سياست ۾ نوازشريف جا لنڊن ۾ ڏکيا سکيا سال ته گذري ويا، پر خان جي گهاٽي سرنهن عوام ڏٺي ته هي جيتريون ڊاڙون هئيون اوترو ڪري نه سگهيو، رڳو سکڻا حوال ڪٽي هليو ويو. هن پنهنجي دور ۾ معيشت کان وٺي اندروني ۽ بيروني بيڪار ترين سياست ڪري ويو. بنا سبب خان رونشي تي بدلي جي سياست ڪئي، ڪڏهن شهبازشريف کي جيل مان ٻاهر ڪڍرائي وري حمزا شهباز کي جيل ۾ واڙي وري مريم نواز جي لاءِ گوڙ ڪري، وري رهيل کهيل ۽ کاکڙکوکڙ سياستدانن جي پٺيان نيب کي ڊوڙائيندو رهيو. ان ڪري هي جملو پي ٽي آءِ جي سياست جي لاءِ ٺهڪي ٿو ته “لُڪ بزي ائنڊ ڊوُ نٿنگ“ ڇو ته هن پنهنجي دور ۾ جيڪا سياست ڪئي ان ۾ ڪي پختيون شيون نه ڪيائين، رڳو گوڙ ڪري ڪري هليو ويو، معني ”سکڻي ڪُني گھڻو اڀامي“. هن جي سياسي طرز بيڪار هئي جنهن ۾ سکڻا ڏٽا ڏئي ڏئي هليو ويو ۽ ٻيو ڪجهه به نه. هن جي دور جي نحوست اها به هئي ته ڪووڊ جهڙي وبا لهي آئي (ڀلي اها ڪرونا سڄي دنيا ۾ به آئي هئي) پر هن جي سرڪاري نڀاڳ ۾ هن جي حڪومتي طرز به ليکجي ٿي، پر هن کي حڪومت ڪرڻ نه آئي، ان ڪري جو ”نه ڪم نبريس نه غم نبريس“ نه معيشت سڌي پير ڪيائين نه پنهنجي سياست پوري پير تي ڪري سگهيو. هاڻوڪي صورتحال کڻي سوائي ڏکي اٿن، ان ڪري ته شهبازسرڪار ۾ معيشت ۽ سياست پنهنجي جاءِ تي پر ماڻهن جي زندگي لڙهي هلي وئي آهي، جو آبپاشي کاتي کي خبر ئي ناهي ته پاڻي ڪاڏي وڃي ۽ ڪاڏي نه وڃي.
بهرحال وري نيب کي پاڻ عمران خان اهڙي طرح استعمال ڪيو جو عوام سمجهي پيو ته هي نيب وارا به پي ٽي آءِ جي سياست جو اڻٽر حصو آهن، جنهن ۾ هنن نيب جا چيئرمين پنهنجي مرضي جا هلايا، پر هاڻوڪي سياسي اڻبڻت ۾ اهاڳالهه ٺهي ۽ ٺهڪي نه ٿي، جڏهن عمران خان روز روز پنهنجا بيان ٿو مٽائي ته آرمي چيف کي ايڪشٽينشن نه ڏيو، فلاڻن فلاڻن خاندانن مان آرمي چيف جي سليڪشن نه ڪيو يا عسڪري ادارا پي پي ۽ نون ليگ جي صلاحن تي اعتبار نه ڪن. پر هي پاڻ به ان ٽآئيم تي مونجهاري جو شڪار ٿي ويو هيو، جو جڏهن جنرل فيض حميد کي آءِ ايس آءِ جي چيئرمين شپ تان هٽائي، ڪي پي جو ڪورڪمانڊر رکڻو هيو، عسڪري ادارن جي اپوائنٽمينٽ ڪرڻ هن جي وس جي ڳالهه نه هئي، جڏهن هن پنهنجي مرضي ۽ منشا هلائي تڏهن هن جي عسڪري ادارن سان وري اڻبڻت ٿي پئي ۽ هي عسڪري ادارن سان نه نڀائي سگهيو، ان ڪري سياست خان جي وس جي ڳالهه ناهي. 58 ٽو بي جي خاتمي کانپوءِ آرمي چيف جي سليڪشن ۾ وزيراعظم جي مداخلت ۽ منشا شامل ضروري هوندي آهي، ان ڪري ضروري ناهي ته جنهن سان عمران خان جي سياست يا طبيعت نه ملي ته ان سان سڀني سياستدانن جي طبيعت نه ملندي هجي. هر اڳواڻ ۽ سياسي نمائندو پنهنجي پنهنجي طبيعت ملائي ٿو هلي يا سمجهي ٿو هر ماڻهو سان ڳنڍي هلجي، ان ڪري جو سياست ڪا راند ناهي جنهن ۾ کيڏي بس ڪبي ته فيصلو ٿي ويندو ته ڪنهن کٽيو يا ڪنهن هارايو، پر سياست جي پائيداري ان ۾ آهي ته اها سنڀالي ڪجي ۽ سڀني کي گڏ کڻي هلجي. عمران خان کي عسڪري شخصن جي ايڪسٽينشن ايترو ته متنازعا ڪيو جو ماڻهو انهن ادارن کي ملڪ جي خلاف سمجھڻ لڳا. ائين به ناهي ته جيئن عمران خان چئي تيئن ٿي پيو، يا ايمڻا واري ڳالهه به ناهي ته جيئن عمران خان جيئن چوندو تيئن ٿي ويندو.
خان جڏهن پاڻ ڪرسي تي هيو ته سڀ ڪجهه صحيح هيو، پر هاڻي هي به ڪرڪيٽ ڪمينٽيٽرن واري ڳالهه ٿو ڪري ته جڏهن اهي پاڻ ”فل يارڪ بال“ تي زيرو تي آئوٽ ٿي ويندا آهن، پر جڏهن اهي ئي ڪرڪيٽ جي ڪامينٽري ڪرڻ لڳندا آهن ته ان ئي بال تي بيٽسمين کي اها صلاح ڏيندا آهن ته جيڪر ”فرنٽ فٽ“ تي کيڏي هان ته ڀلو هيو، جيڪر هيئن ڪَوَرَ تي شاٽ هڻي هان، هيئن ڪري هان ته ڀلو هيو، يا هونءَ ڪري هان ته ڀلو هيو، هي به ساڳي ڳالهه ٿو ڪري. پر شيون جنرلايئيز نه ٿيون ڪري سگهجن، ان ڪري سڀ آرمي چيف ضياءَ جهڙا ناهن يا سڀ آرمي چيف مشرف وانگي آرٽيڪل 6 جي ڀڃڪڙي نه ٿا ڪري سگهن. گهربل شيون، حالتون، سياست، اندورني ۽ پرڏيهي پريشر به اهميت جا حامل هجن ٿا جن کان انڪار ناهي.
ان ڪري شين کي بهتريءَ طرف ڏسجي ته ڀلو آهي. دنيا کي ڪٽجي هلڻ ۾ به عافيت ناهي. نائين اليون کانپوءِ جهڙي صورتحال پاڪستان جي لاءِ جڙيل هئي، اها هاڻي ناهي. روس جي ڊس انٽيگريشن به هڪ الڳ بحث آهي، جنهن جا پرتوا به پاڪستاني سرڪار جي مٿان پوندا رهيا آهن، ان وقت جي حڪمرانن به اهي اثر قبول ڪيا هيا، پوءِ هاڻي واري صورتحال وري ڪجهه مختلف آهي، ان ڪري سياسي حڪمت عمليون ئي ڪم ڪري سگهن ٿيون جن جي ضرورت به آهي ته سڀ سياسي پارٽيون ان اندروني ۽ پرڏيهي مسئلي تي ويهي سوچن ۽ پائيدار حل ڳولهن.
فيبروري 25, 2025