سڀاڻي نئون ڏينهن آهي، انگلينڊ کي مات ڏينداسين: حشمت الله شاهدي

لاهور(ويب ڊيسڪ) افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان حشمت الله شاهدي اميد ظاهر ڪئي آهي ته سندس ٽيم جا سڀ 11 ئي رانديگر سڀاڻي انگلينڊ خلاف ميدان ۾ لهندا ۽ فتح حاصل ڪندا.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران حشمت الله شاهدي چيو ته 2023 ۾ انگلينڊ خلاف سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري هئي، پر اها ميچ ماضيءَ جو حصو آهي، هاڻي نئون ڏينهن آهي ۽ نئين جذبي سان ميدان ۾ لهنداسين.
هن چيو ته ڪرڪيٽ ليجنڊز ۽ تجزيي نگارن طرفان ساراهه ملڻ سٺو لڳندو آهي، پر سيمي فائنل تائين پهچڻ لاءِ ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي.
سندس چوڻ هو ته پروفيشنل رانديگرن کي ميدان کان ٻاهر ٿيندڙ معاملن تي ڌيان نه ڏيڻ گهرجي، ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ ۾ وڪيٽ بيٽنگ لاءِ سازگار هئي، پر اسان سٺي بيٽنگ نه ڪري سگهياسين.
يونس خان بابت ڳالهائيندي هن چيو ته هو هڪ ليجنڊ آهي ۽ ٽيم جا سڀ رانديگر ڌيان سان سندس ڳالهيون ٻڌن ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته يونس خان کي هن ڪنڊيشن جي ڄاڻ آهي، اميد آهي ته سڀاڻي وڪيٽ اسپنرن لاءِ مددگار ثابت ٿيندي.