سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي ڪٿا: يومِ مادر وطن جي سلسلي ۾
عاشق سولنگي
سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي تاريخ 1989ع کان تڏهن شروع ٿي جڏهن نئين سياسي پارٽي جيڪا روشن خيال نظرئي واري هئڻ گھرجي ۽ سنڌ جي مسئلن جي نجات لاءِ ڪارگر هجي ان جي ضرورت محسوس ٿي. ابتدائي رابطن بعد 1990ع ۾ باضابطا هڪ نئين سياسي پارٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جنهن جي سماج ۾ گھرج هئي.ان مرحلي ۾ 1990ع واريون عام چونڊون ٿيڻ جو اعلان ٿيو. جڏهن تھ نئين سياسي پارٽي ٺاهيندڙن اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي سلسلي ۾ فيصلو ڪندي 26 اميدوار سنڌ ۾ صوبائي اسيمبلي جي خادمين سنڌ جي پليٽ فارم تان اليڪشن وڙهيا.
30 سيپٽمبر 1988ع جي داخل ڪيسن ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي جا ڪيترائي دوست سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ بند هئا ۽ چار کان پنج سال قيد ڪاٽي آزاد ٿيا آهن. نئين پارٽي ٺاهڻ جا سمورا مرحلا طئي ٿيا. ترقي پسند ونگ جي نالي سان جيئي سنڌ محاذ ترقي پسند ونگ جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌي پورهيت سنگت ترقي پسند ونگ، جساف ترقي پسند ونگ ، ناري تحريڪ ترقي پسند ونگ، هاري سنگت ترقي پسند ونگ ۽ ٻالڪ سنگت ترقي پسند ونگ جو قيام عمل ۾ آندو ويو. ۽ هڪ عارضي مرڪزي قيادت جي منظوري ڏئي 21 مارچ 1991ع تي جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي قيام جو اعلان ڪيو ويو. ڊاڪٽر قادر مگسي چئرمين، حيدرشاهاڻي وائس چئرمين، جنرل سيڪريٽري رحيم سولنگي ۽ ترجمان ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو کي مقرر ڪيو ويو.
اهڙي طرح يومِ مادر وطن جو پهريون پروگرام 21 مارچ 1992ع ۾ نشتر پارڪ ڪراچيءَ ۾ ٿيو. پارٽيءَ جي سالگراهه جي ڏينهن تي مختلف هنڌن تي يومِ مادر وطن جو پروگرام ٿيندو رهيو ۽ هر سال شرڪت ۾ واڌارو ٿيندو رهيو. اهڙي طرح هر سال 21 مارچ تي ايوارڊن جو سلسلو جاري رهيو، 1995ع واري سرهي سانجهھ واري پروگرام ۾ سسئي پنهونءَ جي نالي سان ڊرامو ڪرايو ويو هو. 1996ع ۾ علي پيليس لڳ مهراڻ چوڪ قاسم آباد ۾ يومِ مادر وطن جو تمام وڏو پروگرام ڪرايو ويو هو. جنهن ۾ ايس ٽي پي جي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب کي ٿر مان آيل ڇڪڙن، اٺ سوارن ۽ هالا مان آيل گھوڙي سوارن پاران سلاميون ڏنيون ويون..
1999ع کان هر سال قاسم آباد جي مختلف هنڌن، مهراڻ چوڪ، لنڊن ٽائون، حيدرچوڪ، علمدار چوڪ ۽ هيپي هومز ترقي پسند هائوس آڏو پڻ مختلف سالن تي يومِ مادر وطن جا پروگرام ٿيندا رهيا. هر سال تي ماڻهن جي شرڪت جي اضافي سان مسلسل هي قومي پروگرام سنڌ امڙ جي نالي سان يومِ مادر وطن جي نالي سان قومي اتساهه ڏيندڙ ۽ انقلابي ويساهه ڏيندڙ پروگرام ايس ٽي پي پاران ٿيندا رهيا آهن. قاسم آباد ۾ رهائشي اسڪيمون ۽ واپاري مرڪز ٺهڻ بعد جلسن جي گنجائش نه رهي آهي ان ڪري هٽڙي باءِ پاس ۽ ڏيپلائي ڪالوني وٽ پڻ پروگرام ٿيندا رهيا آهن. اهڙي طرح ڪجهھ سالن کان پارٽي سالگراهه جي ڏينهن کان يومِ مادر وطن جو قومي ڏهاڙو الڳ مقرر ڪيو ويو آهي. هاڻي 24 فيبروري جي ڏينهن تي هر سال اهو پروگرام مرڪز پاران آرگنائيز ڪيو ويندو آهي. هزارين ڀينرن ڀائرن، ٻارڙن، ٻڍڙن ۽ جوانن جي شرڪت هوندي آهي. تقريرن سان گڏ قومي گيت ٽيبلوز مزاحيه اصلاحي خاڪا ۽ موسيقيءَ جي پروگرام بعد آخري صدارتي خطاب کان پهرين مڃتا جا ايوارڊ ڏنا ويندا آهن.
سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران لڳاتار جدوجهدن جي سلسلي ۾ سنڌ جي سمورن ٻرندڙ مسئلن تي جداگانا ۽ گڏيل اتحادن پاران جدوجهدون ڪيون ويون آهن. 1992ع واري ڏڪار ۾ ٿر جي لاءِ امدادي سامان ورهائڻ، خانگي جيلن ۾ وڙيل هارين کي هزارن جي تعداد ۾ مختلف ضلعن جي زميندارن کان آزادي ڏيارڻ ۽ انهن جي رهائش ۽ روزگار جو بندوبست ڪرڻ، مزدورن جي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد سامونڊي طوفان جي ڏتڙيلن جي سهائتا لاءِ سامان دوائون ۽ ڊاڪٽرن جون طبعي ڪئمپون لڳائي مدد ڪرڻ، سنڌ بچايو تحريڪ، سپنا تحريڪ، بهاري روڪيو ڪميٽي، اي پي ڊي ايم ملڪي ليول جي اتحاد ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ پرويز مشرف حڪومت خلاف ملڪ گير جدوجهد ۾ شرڪت ڪري سنڌ ۾ پنهنجو شانائتو ڪردار ادا ڪيو ويو. قومي مسئلن جي حل لاءِ مظلوم قومن جي اتحاد پونم پاران سنڌ، سرائڪي، پشتون ۽ بلوچ علائقن ۾ قومپرستي جي بنيادن تي قومي حقن جي حاصلات واري جدوجهد ۾ ايس ٽي پي ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ سطح جي اتحادن ۾ سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ سنڌ يونائيٽڊ اتحاد ۾ ممتاز علي ڀٽو جي قيادت ۾ ڀرپور ڪردار ايس ٽي پي جو ئي رهيو آهي.
اينٽي گريٽر ٿل ڪئنال ڪميٽي کان وٺي اينٽي ڪالاباغ ڊيم ڪميٽيءَ ۾ پڻ ايس ٽي پي ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. بهاري روڪيو ڪميٽي جي اتحاد ۾ سرائيڪين ۽ سنڌين جي اتحاد ۾ جدوجهد، سنڌ جي اهم مکيه مسئلن جي اشوز تي ڌار ڌار ۽ گڏيل طور جدوجهد ٿي، جنهن ۾ آدم شماريءَ جو مسئلو سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضن جو مسئلو، ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ۽ سنڌ جي معدني ۽ ٻين وسيلن جي مالڪيءَ جو مسئلوسنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي ڌاڙن جو مسئلو، سنڌ ۾ ڀوتار شاهي ۽ ڌاڙيل خاني ۽ پوليس گردي جي خاتمي جي جدوجهد ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي ۽ نسل پرستيءَ خلاف انقلابي ويڙهه وڙهڻ تائين جون 1988ع ۽ 1990ع واري دور جون جنگيون پ پ پ جي سنڌ حڪومت پاران ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ خلاف جدوجهد، سنڌ ۾ ٻٽي مڪاني نظام مڙهڻ خلاف ڇهن مهينن تائين نسيم نگر چونڪ تي بک هڙتال ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻا هڻڻ، سنڌ جي سمورن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، بک هڙتالون ۽ جلسا جلوس ڪيا ويا.
اڄ 33 ساليانو يومِ مادر وطن جو پروگرام اسان سمورن سنڌين لاءِ اتساهه ۽ ويساهه جو سبب آهي. ٻڌي اتحاد ۽ همٿ جو سبب آهي. ايس ٽي پي پنهنجي انقلابي نظرئي سان سرشار پورهيت فلسفي جي حامي روشن خيال نظرئي واري پارٽي آهي. سنڌ جي سمورن مسئلن جي حل لاءِ سمورين غلامين جي خاتمي لاءِ هڪ جديد معاشي اقتصادي سماجي ۽ سياسي ۽ جمهوري نظام جي حامي سيڪيولر پارٽي آهي. اڄ سنڌ جي سمورن شهيدن کي سلام ڪندي سنڌ واسين کي 33هون يوم مادر وطن ملهائڻ جون واڌايون هجن.
فيبروري 24, 2025