مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ۽ سائينداد ساند جي پهرين ورسي

Spread the love

شهباز پيرزادو

اڄ هڪ طرف سڄي دنيا مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهائي  رهي آهي ته  ٻئي طرف سنڌ پنهنجي ان ٻوليءَ جي خدمت گار کي ياد ڪري رهي آهي جنهن پنهنجي شعرن ۾ پنهنجي ٻولي۽ پنهنجي ماڻهن جي معشي ۽سياسي حالتن کي بيان ڪيو  جنهن پنهنجي نرالي اصلوب سان ڌرتيءَ جا پکي پکڻ ۽ گاهه به  ڳاتا ته ساڳئي  وقت  چيٽ ، ويساک، ساوڻ ۽ پوه جا پارا به ڳاتا   هن جي شاعري ۾ تارن جهڙي جهرمر ۽ الغوزي جي اها دل ڇهندڙ صدا آهن جيڪا يادون جا موتي کين مان ٽپڪائي وجهندي آهي

سائينداد ساند جا شعر جيترا مٽيءَ جي مهڪ سان واسيل آهن اوترا ئي محبوب جي ياد ۾ ٻاريل ڏيئن جهڙا به آهن ٿر جي  ڀٽن ۽ لاڙ جي پٽن تي جڏهن چانڊوڪي رات ۾  سڄڻ کي ساريندڙ اکيون ستارن ڏي نهارينديون آهن تڏهن سندن انتظاري واري ڪيفيت جي ترجماني فوزيه سومري جي آواز ۾ ڳايل  سائينداد ساند جا گيت ڪندا آهن  اُهي گيت جن ۾ سڄڻ جي سڪ آهي ، جنهن ۾ تانگهه ۽ تات آهي ، جنهن ۾ ٿر جي حسناڪي آهي  ۽ درد جي هڪ اهڙي دانهن آهي جيڪا ڏسي ۽ ڇهي ته نٿي سگجي پر محسوس ڪري سگهجي ٿي

ڪهين هٿ هلايا ته ڳوڙها ڳڙي پيا

اوهين ياد آيا ته ڳوڙها ڳڙي پيا

پڇڻ آئي مونکان سڄي داد دنيا

اوهين ڪون آيا ته ڳوڙها ڳڙي پيا

پهرين مارچ 1957ع تي  ٿرپارڪر جي ڳوٺ متاري ساند ۾ پيدا ٿيل  جي نرالي ۽ منفرد شاعر سائينداد ساند جي شاعري ۾ جيڪا حسناڪي آهي اُها حسناڪي تمام گهٽ شاعرن جي شاعري ۾ هوندي آهي  هن جي شاعري پڙهندي هن جون ڀنل اکيون به ياد اچي وڃن ٿيون جيڪي پرين جي ياد ٻاريل ڏيئن وانگر هيون ، هن جي شاعري ۾  درد جي هڪ ڇيت آهي جيڪا هيئن ۾ سدائين هرندي رهي ٿي

آلي ڪاٺي جيان مان دکي پيو دکان

ڪو ته تيلي ڏيئي ڪو ته ٻاري وڃين

کيس چئجو ته مون ڏي نهاري وڃين

يا جياري وڃين يا ته ماري وڃين

شاعري اندر جو اظهارُ آهي ، دل جي دنيا آهي  ۽ پرين جي پار جي ستائيندڙ اها ياد آهي جيڪي ڀيڄ ڀنيء تائين انسان کي سڏڪائيندي رهي ٿي. سائينداد ساند جو ڪلام سندس درديلي زندگي جو داستان آهي هو معصوم جذبن ۽ نرم دل رکندڙ حساس قسم جو شاعر هو جنهن جي شاعري سندس دل جي  ويران دنيا جي ڀرپور  ترجماني  ڪري ٿي

سوچون ته سائينداد جون سهڻون سٺيون مگر

آهي هو بي زبانو  ڀلا ڪير ٿو ٻڌي

دردن جو داستانو ڀلا ڪير ٿو ٻڌي

جديد  سنڌي شاعري جي حسين مالها ۾ جتي شيخ اياز ، تنوير عباسي ، مير محمد پيرزادو ، نور محمد سومرو ، نياز همايوني ، تاجل بيوس ، استاد بخاري ، اياز گل ، سعيد ميمڻ جهڙا حسين گل آهن اتي سائينداد به آهي جنهن جي شاعري ۾ روانگي سان گڏُ  فن ۽ فڪر به آهي هو طويل بحر وارا غزل لکندي به خيال جي اڏام کي هٿ مان وڃائڻ نٿو ڏيئي ساڳئي وقت فڪري اڏام به هن سان پاڇولي وانگر گڏ گڏ آهي. هڪ شاعر جي اک سماج جي اٿل پٿل کي ڪيڏي نه الڳ انداز سان ڏسي ٿي  اسان وٽ گهڻا تڻا ماڻهو بظاهر سماج جا وڏا خدمتگار سڏائين ٿا پر سندن ذاتي زندگي ڪنهن وڏيري يا جاگيردار کان گهٽ ٺٺ ٺانگر واري ناهي اهڙن ماڻهن جي تصوير سائينداد ساند پنهنجي شعر ۾ هن طرح چٽي آهي

سوشل ورڪر ٿو سڏرائين اچي پجيرو ۾

ڪو فرق نه آ تو ۾ ۽ ڪنهن وڏيري ۾

خدمت جي نالي ۾ خود کي شاهوڪار ڪيو

تو اچي اين جي اوزز ۾  ڪاروبار ڪيو

سائينداد ساند پنهنجي شعرن ۾ جيترو محبوب جي جدائي ۾ رنو آهي اوترو ئي  ٿر ۾ مورن جي موت ۽ وڻن جي واڍي تي به کيس صدمو رسيو آهي هو فطرت سان پيار ڪندڙ شاعر هو وطن سان محبت فطرت جو حسين تر تحفو آهي انڪري هو پنهنجي قومي ڪردارن ۽ سورمن کي به ياد ڪندو رهيو آهي

جو جنگ وڙهي ٿو جياپي جي ، سو زنده رهي ٿو زماني ۾

تاريخ ۾ هيئن ڪيل آ طئي ، بيڪار مري ويندا آهن

هڪ ٻارُ مري ويندو آهي ، سئو ٻار مري ويندا آهن

يا

مرندا وڃن مورڙا مري نٿو ماري

اڃان انڌاري

اڄ به ٽُوڙي ٿي وڃين

گلن جي ٽاري

اڃان انڌاري

سائينداد ساند شاعري جي تقريبن صنفن تي طبع آزمائي ڪئي سندس گيت ، غزل ، وايون ۽ بيت سنڌي شاعريءَ جو شاهڪار نمونو آهن

فيبروي جو مهينو محبوبائون کي گلن جا تحفا ارپڻ جو مهينو آهي پر خبر ناهي ڇو اسان جي غلام وطن مٿان بهار جون مندون ڪيڏا نه وڏا گهاءُ کڻي ٿيون اچن ، مان گذريل سال فيبروري ۾ قتل ٿيل استاد هدايت لوهار کي اڃان وساريو ئي ڪون مٿان  خوبصورت شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل جي خبر آئي  ۽ سڄي سنڌ ان سوڳ ۾ ورتل آهي ته ان ڏک جي گهڙي۾ سماج سڌارڪ ۽ تعليمدان ڊاڪٽر پرويز پيرزادو به اسان کان اوچتي وڇڙي ويو آهي ۽ وڇوڙن جي موسم ۾ سائين سائينداد ساند جي ورسي جو ڏينهن به آيو آهي

پنهنجي ڏکن کي ڀلا سائينداد جي لفظ لفظن ۾ ئي بيان ڪجي

دل کي ڌوڏيندڙ هي گهڙي آهي

شام لڙي آهي

دلبر کان دوري ڪيڏي ڪڙي آهي

شام لڙي آهي

تنهائي کولي ٻک کڙي آهي

شام لڙي آهي

جس هجي عنايت نهوڙي کي جنهن سائين سائينداد جا سڀ ڪتاب هڪ ئي جلد   ۾ “ڪو ته اهڙو هجي” جي نالي سان ڇپايا هوئنن به هن جا ڪتاب ڳوڙهن ڳالهايو 1995 ۽ دل جي تاريخ 2009  ۾ ڇپيا جيڪي مارڪيٽ مان اڻلڀ هئا ان ضرورت کي محسوس ڪندي جيڪو ڪم عنايت نهڙئي ديبل پبليڪشن طرفان ڇپايل ڪتاب ڪيو اهو ڪم عشق جو حسين ترين تحفو آهي

سائينداد ساند ڌرتيءَ جو انتهائي برجستو ۽ حساس شاعر هو. سندس شاعري ۾ ڏک جو ڪيئي گهٽائون آهن جيڪي دل جي پياسي ڌرتي مٿان برسي رهيون آهن. اڄ مٺي شهر جا ڏيپ اجهاڻا اجهاڻا نظر اچي رهيا آهن ڇو جو اڄوڪي ڏينهن تي سائينداد اسان کان وڇوڙي ويو اهو سائينداد جنهن لکيو

زندگي تي درد جو پاڇو پيو

هر خوشيءَ تي درد جو پاڇو پيو

سون جهڙو رنگ هو ٿي ويو اڇو

چاندني تي درد جو پاڇو پيو

ويو خدائي جي تصور ۾ ٻڏي

آدميءَ تي درد جو پاڇو پيو

فيبروري 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو