قومي ٽيم ۾ ” پرچيءَ “ جون صدائون، وسيم اڪرم به چپ نه رهي سگهيو

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي جي افتتاحي ميچ ۾ نيوزيلينڊ هٿان پاڪستان جي شڪست کانپوءِ اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم قومي ٽيم ۽ سليڪشن ڪميٽي جي حمايت ڪري ڇڏي.
هڪ ٽي وي پروگرام دوران ڳالهائيندي وسيم اڪرم چيو ته موجوده ٽيم بهترين رانديگرن تي ٻڌل آهي ۽ سليڪشن ذاتي پسنديدگي جي بنياد تي ناهي ٿي.
هن چيو تهاسان جي ڪلچر ۾ عام طور چيو ويندو آهي ته هو اسان جا پنهنجا رانديگر آهن، مٿن تنقيد نه ڪريو، پر مونکي يقين آهي ته هي بهترين رانديگر آهن.
هن چيو ته جيڪڏهن انهن رانديگرن کان ڪو بهتر هجي ها ته ضرور ٽيم ۾ شامل ڪيو وڃي ها.
وسيم اڪرم وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته سليڪشن ۾ ”پرچي“جو نعرو بي معنيٰ آهي، ڇو ته ان سطح تي اهڙي ڪا به ڳالهه ڪم ناهي ايندي.
ياد رهي ته پاڪستان کي چيمپيئنز ٽرافي ۾ هڪ وڏو جهٽڪو لڳو آهي، فخر زمان انجري سبب ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويو، جنهن جي جاءِ تي امام الحق کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

فيبروري 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو