اڊيالا جيل منتقلي دوران جوابدار پوليس حراست مان فرار

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) منشيات فروشي جو جوابدار اڊيالا جيل منتقلي دوران پوليس حراست مان فرار ٿي ويو.
ذريعن موجب جوابدار نعمان کي چڪوال کان اڊيالا جيل منتقل ڪيو پئي ويو پر جوابدار اڊيالا جيل جي گيٽ تان چڪوال پوليس جي حراست مان فرار ٿي ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار جيل ۾ تعميراتي ڪم ڪندڙ مزدورن سان گڏ کسڪي ويو.

فيبروري 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو