انضمام آل ٽائيم فيورٽ بيٽر آهي، هن وٽان گهڻو ڪجهه سکيو: وريندر سهواگ

Spread the love

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر وريندر سهواگ پنهنجي پنج بهترين بيٽرن جو نالو ٻڌائي ڇڏيو جن ۾ هڪ پاڪستاني رانديگر جو نالو پڻ شامل آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، وريندر سهواگ چيو ته کيس انهن پنجن ئي رانديگرن ڏاڍو متاثر ڪيو آهي.
هن پنجن ئي رانديگرن کي شاندار، بهترين ۽ باصلاحيت قرار ڏيندي ٻڌايوته سندس پنج بهترين بيٽرن ۾ سڀ کان آخري نمبر ڪرس گيل جو آهي.
ان کانپوءِ چوٿين نمبر تي اي بي ڊي ويليئرز آهي، سهواگ جي فهرست ۾ ٽئين نمبر تي اڳوڻو پاڪستاني ڪپتان انضمام الحق موجود آهي.
هن چيو ته هو انضمام الحق کان گهڻو ڪجهه سکيو، هو مشڪل صورتحال ۾ مسڪرائيندو ۽ پنهنجي حساب ڪتاب سان بيٽنگ ڪندي موقعو ملڻ تي بال کي بائونڊري لائين پار پهچائڻ جي سگهه رکندو هو.
سهواگ ٻئي نمبر تي سچن ٽنڊولڪر جي چونڊ ڪئي جنهن 463 ون ڊي ميچن ۾ 18426 رنسون ٺاهيون، هن سچن کي پنهنجو آئيڊيل قرار ڏنو.
سهواگ جي فهرست ۾ پهريون نمبر اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ۽ تجربيڪار بيٽر ويرات ڪوهلي جو رهيو جنهن بابت سندس چوڻ هو ته ڪوهلي ڪرڪيٽ جو بادشاهه آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هو سمجهي ٿو ويرات ڪوهلي جهڙو ڪرڪيٽر شايد وري ٻيهر نه اچي.

فيبروري 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو