ڀارتي بورڊ جي پابندي به ويرات ڪوهلي کي نه روڪي سگهي

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بارڊر گواسڪر ٽرافي ۾ شڪست کانپوءِ ڀارتي بورڊ ٽيم جي ظابطن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڏهه نڪاتي پاليسي جاري ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ رانديگرن کي پرڏيهي دورن دوران پنهنجو ذاتي اسٽاف رکڻ جي اجازت ناهي.
پر اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي پنهنجي پسند جا کاڌا حاصل ڪرڻ لاءِ بورڊ جي طرفان مڙهيل پابندين جو حل ڳولي ورتو آهي.
رپورٽس موجب، جيئن ئي ڀارتي ٽيم ٽريننگ وينييو تي پهتي، ويرات ڪوهلي کي هڪ کاڌي جو پيڪٽ مليو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ويرات ڪوهلي مقامي ٽيم جي هڪ مينيجر سان رابطو ڪيو ۽ پنهنجي ضرورتن کي تفصيل سان بيان ڪيو، جنهن کان پوءِ مينيجر کاڌي جو پيڪٽ کڻي واپس آيو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پارسل ۾ ويرات ڪوهلي جي سيشن کانپوءِ جو کاڌو موجود هو. جتي ٻين رانديگرن سيشن کانپوءِ پنهنجا ڪٽ بيگ پيڪ ڪري رهيا هئا، اتي ويرات ڪوهلي موصول ٿيل کاڌو کائي رهيو هو ۽ گڏوگڏ رستي لاءِ هڪ دٻو بچايو هو.
بي سي سي آءِ جي ڏهه نڪاتي ظابطه اخلاق موجب، پرڏيهي دورن دوران رانديگرن جي ذاتي اسٽاف، جهڙوڪ باورچي، سيڪيورٽي گارڊ ۽ مددگار، تي پابندي مڙهي وئي آهي.

فيبروري 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو