چيمپيئنز ٽرافيجون ڪراچيءَ ۾ ميچون، ٽريفڪ پلان جاري

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس نيشنل اسٽيڊيم ۾ شيڊيول چيمپيئنز ٽرافي ميچن لاءِ ٽريفڪ پلان جاري ڪري ڇڏيو.
ٽريفڪ پوليس موجب، ڪراچيءَ ۾ چيمپيئنز ٽرافي جون ميچون 19 کان 21 فيبروري ۽ پهرين مارچ تي کيڏيون وينديون، جنهن دوران سر شاهه سليمان روڊ ٽريفڪ لاءِ کليل رهندو.
پارڪنگ لاءِ ڪارساز کان ايندڙ شوقين نيشنل ڪوچنگ سينٽر ۽ چائنا گرائونڊ ۾ گاڏيون پارڪ ڪري سگهندا. ملينيم مال ۽ نيو ٽائون کان ايندڙ به ساڳين پارڪنگ هنڌن تي گاڏيون پارڪ ڪندا.
هيوي ٽريفڪ لاءِ سهراب ڳوٺ کان نيپا، لياقت آباد نمبر 10 کان حسن اسڪوائر ويندڙ رستا بند هوندا.
پي پي چورنگي کان ايندڙ هيوي ٽريفڪ يونيورسٽي روڊ استعمال ڪري سگهندي.
ڪارساز کان اسٽيڊيم، ملينيم کان نيو ٽائون ۽ اسٽيڊيم سگنل کان حسن اسڪوائر روڊ هيوي ٽريفڪ لاءِ بند رهندو.
ٽريفڪ پوليس شوقينن کي اپيل ڪئي آهي ته گاڏيون مقرر ڪيل پارڪنگ هنڌن تي ئي پارڪ ڪن ته جيئن ٽريفڪ رواني برقرار رهي.

فيبروري 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو