ترڪ صدر جي آجيان: پاڪ-ترڪ معاهدن تي عمل کي يقيني بڻائڻ گهرجي
ترڪ صدر طيب اردگان جي پاڪستان جي دوري کي جيتوڻيڪ دنيا تجسس وچان ڏسي رهي آهي، ته اتي پاڪستاني عوام کي خوشي ٿي رهي آهي ته پاڪستان سفارتي طور تي مستحڪم ٿيڻ واري پاسي ڏانهن وک وڌائي رهيو آهي، ان کان اڳ ترڪ صدر 2000ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪري چڪو آهي، ان ڪري اها ڳالهه يقين سان چئي سگهجي ٿي ته انهيءَ دوري جا مثبت اثر ظاهر ٿيندا، ترڪ صدر جي دوري دوران ڀارت جو صدر نريندر مودي دنيا آڏو دانهون ڪري رهيو آهي ته پاڪستان علائقي ۾طاقت جي توازن کي بگاڙي رهيو آهي، اهڙي وقت ۾ نريندر مودي جي درخواست تي آمريڪا پاران کيس ويڙهاڪ جديد جهازن سميت ڪيترائي دفاعي معاهدا ڪيا ويا، جنهن سان پاڪستان ۽ چين کي ڳڻتي ورائي وئي آهي، جڏهن ته پاڪ-ترڪ دفاعي معاهدي کان پوءِ نه رڳو پاڪستان سامونڊي توڙي هوائي دفاعي پوزيشن ۾ مظبوط ٿيندو، پر وچ اوڀر جي مظبوط معيشت رکندڙ ملڪن سعودي عرت، عرب امارات، قطر ۽ ٻيا ملڪ جن کي انهن شعبن ۾ سرائيل جي ڪري ڪمزور رکيو ويو، انهن کي پڻ جنگي جهاز ۽ ٻيو دفاعي ساز، سامان جي رسد ۾ هاڻي آمريڪا بدران روس، چين، ترڪ، پاڪستان تي ڀاڙڻو پوندو. اها ڳالهه به عالم آشڪار آهي ته پاڪستان جي بري، بحري ۽ هوائي دفاعي پوزيشن تمام گهڻي مظبوط آهي، جنهن جو اعتراف دنيا ڪري چڪي آهي، ويتر هاڻي ترڪ صدر جي دوري دوران ترڪي ۽ پاڪستان اندر جديد جنگي هوائي جهازن جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ ساز و سامان سميت ڪيترن ئي دفاعي معاهدن کان سواءِ ٻين اهم شعبن ۾ ٿيندڙ معاهدن تي پاڪستان ۽ ترڪي جي سربراهن صحيون ڪيون آهن، ان کان سواءِ ڪشمير مسئلي، غزه واري صورتحال تي پڻ ٻنهي ملڪن وچ ۾يقينن حڪمت عمل طئي ٿي هوندي، جنهن تي اسان بحيثيت پاڪستاني فخر ڪري رهيا آهيون. هونءَ به انهيءَ حقيقت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته اسان پنهنجي اندروني سياسي انتشار جي ور چڙهي ماضي جي مستحڪم پاڪستان کي ڪمزور پاڪستان بڻايو آهي، جنهن جي ڀيٽ ۾ انڊيا اندروني انتشار کان آجي رياست هئڻ طور ترقي جون منزلون طئي ڪندي مظبوط معيشتن ۾پنهنجو شمار ڪرايو آهي. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هن وقت ترڪ صدر کي پاڪستان جي دوري جي ضرورت ڇو پيش آئي، جڏهن پاڪستان جي هڪڙي سياسي ڌر آمريڪا ۽ اولهه کي خط لکي پاڪستان جي موجوده حڪومت کي بوگس قرار ڏيڻ بابت آگاهي ڏيندي سفارتي طور تي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪئي ويندي رهي آهي، جنهن جو جواب به انهيءَ سياسي ڌر کي يقينن ملي چڪو هوندو ته دنيا سندن سازشن کي رد ڪري ٿي، ان کان سواءِ ترڪ صدر جو دورو ان وقت ٿيڻ به اچرج جهڙو آهي جڏهن وچ اوڀر ۾اسرائيل پاران فلسطين جي زمين غزه تي قبضي ڪرڻ سميت ٻين اسلامي ملڪن لاءِ خطري جو سبب بڻيل آهي ۽ آمريڪا پاران فلسطينين کي پنهنجي ئي ڌرتي تان بيدخل ڪرڻ ۽ آمريڪا پاران غزا جي زمين تي قبضي ڪرڻ اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جي رد عمل طور سعودي عرب، عرب امارات، ترڪي، پاڪستان، قطر، شام، مصر، اردن سميت سموري دنيا ٽرمپ جي اهڙي بيان کي “پاگل واري بيان” سان تشبيهه ڏني آهي، اهڙي صورتحال ۾وچ اوڀر جي سمورين رياستن کي پنهنجي خودمختياري داءُ تي لڳڻ جو خطرو پيدا ٿيو آهي، جنهن ڪري ماضي ۾ دشمن بڻيل ايران، سعودي عرب، عرب امارات، قطر، مصر، اردن سميت خطي جي ٻين ملڪن پاران اسٽريٽجڪ رابطا ڪري متحد ٿيڻ ۽ آمريڪا توڙي اسرائيل سان منهن ڏيڻ واري حڪمت عملي جوڙي رهيا آهن، اهڙي منظر نامي تحت اهو محسوس ڪيو پيو وڃي ته وچ اوڀر جون ٽي وڏيون طاقتون سعودي عرب، ايران ۽ ترڪي گڏيل طور تي هڪڙو اسلامي بلاڪ جوڙڻ واري قدم ڏانهن اڳڀرائي ڪري رهيون آهن، اهڙي ئي حڪمت عملي واري تسلسل تحت ترڪ صدر پاڪستان کان پوءِ انڊونيشيا ۽ ٻين اسلامي ملڪن جو دورو ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان تجزيي نگارن جو اهو پڻ چوڻ آهي ته وچ اوڀر جي ٽن طاقتور رياستن ڳجهه ڳوهه ۾ اسلامي بلاڪ قائم ڪرڻ ۽ انهيءَ بلاڪ جو منشور به نيٽو واري منشور تحت ئي طئي ڪيو ويو آهي ته “ڪنهن به هڪڙي اسلامي ملڪ سان جنگ، سموري اسلامي دنيا سان جنگ تصور ڪئي ويندي”. جيڪڏهن واقعي ائين ٿي رهيو آهي ته پوءِ اها اسلامي دنيا لا3 خوشي واري ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته دنيا جي تقريبن هڪ سئو ملڪن مان 57 اسلامي ملڪ آمريڪا توڙي اولهه واري نام نهاد طاقت وارين “پابنديون لڳائڻ” سان منهن ڏئي رهيا آهن. هتي اسان ترڪ صدر جي دوري جي آجيان ڪندي رياست پاڪستان مان اميد رکون ٿا ته چائنا جي سي پيڪ جيان سرد مهري اختيار ڪرڻ بدران پاڪ-ترڪ معاهدن تي عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٺوس بنيادن تحت حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي.
فيبروري 15, 2025