مقصود گل جي ڏهين ورسيءَ جي مناسبت سان ياد ٿِي ڪنهن جِي سَتائي، ڇا ڪيان!؟
محمّد يُوسف ڪُڙيو
ياد ٿِي ڪنهن جِي ستائي ــ ڇا ڪيان؟
آڳ ٿِي اوکي لڳائي ــ ڇا ڪيان؟
شاھه! تنهنجي شاعري ۽ سنڌڙي،
پيار ٿو پوٿيُون پڙهائي ــ ڇا ڪيان!
چنڊ، منڇر ۽ ستارا، ماڪ، ”گلَ“،
سُونهن ٿِي سجدا ڪرائي، ڇا ڪيان ؟
منهنجو اباڻو ڳوٺ، ’ڳوٺ ڪُڙيا‘، لڳ ڳوٺ گلُو سيال، تعلقو گمبٽ، ضلعو خيرپور ميرس آهي. گلُو سيال جي ڪافي ماڻهن سان ويجهن ڳوٺن هئڻ سبب وڏن کان وٺي ويجھا واسطا پئي رهيا آھن. اهڙي ديرينه تعلقات وارن مهربانن مان هڪ مهربان محمّد خان مسرور سيال به هو، جيڪو هڪ ننڍڙو زميندار، هاري، درزي، ڀلوڙ سگهڙ هو ۽ بعد ۾ عرُوض جو ڄاڻو شاعر ۽ ذاڪر به ٿيو. پهريان درزڪو ڪم ڪرڻ لاءِ ضلعي لاڙڪاڻي جي شهرَ نئين ديري لڏي ويو. بعد ۾ اتي ڪپڙي جو دوڪان کوليائين. سندن دوڪان، دوڪان گھٽ، سگهڙن ۽ شاعرن جِي بيٺڪَ وڌيڪ لڳندو هو. جنهن وٽ اسانجو ۽ اسان جي ڳوٺ بلڪه پوري تَرَ وارن جو اچڻ وڃڻ پيو ٿيندو هو، ڇو ته اڳ جڏهن روڊ رستن جي سهولت ڪانه هئي ته گهڻي ڀاڱي اسانجو نئين ديري تائين اچڻ وڃڻ پيدل ئي ٿيندو هو، تڏهن اسانجو ۽ اسانجي علائقي وارن جو شهري ڪم ڪارَ وارو وهنوار نئين ديري سان ئي هوندو هو. سائين مقصود گل صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات پڻ ”مسرور“ سيال صاحب جي ڪپڙي واري ان ئي دوڪان تي اٽڪل 1980ع ڌاري ٿي هئي، جنهن ۾ ڀاءُ مختار گهمرو صاحب به ساڻس گڏ هو. بعد ۾ ساڻس خط و ڪتابت ۽ ميل ميلاپ جو سلسلو جاري رهيو، جيڪو دوستيءَ ۽ دوستيءَ کان اڃا به ڀائپيءَ جي صورت اختيار ڪري ويو ۽ هاڻي تائين به سندس پونين سان قائم رھندو پيو اچي. الله ڪندو ته هميشه خلوص سان قائم رهندو. 1984ع ۾ مان حبيب بئنڪ ۾ آفيسر ڀرتي ٿي ٽريننگ لاءِ اسلام آباد ويس. بعد ۾ منهنجي ضلعي سيالڪوٽ ۾ پوسٽنگ ٿي ته سنڌ اچڻ دير دير سان ٿيڻ لڳو ۽ سائين مقصود گل سميت ڪافي دوستن سان ملڻ جُلڻ جو سلسلو ته ڪٽجي ويو، پر ڪجھه مهربانن سان پوءِ به خط و ڪتابت جو سلسلو قائم رهيو، جن ۾ سائين مقصود گل به شامل هو.
1989ع ۾ منهنجي سيالڪوٽ مان سکر بدلي ٿي، ته 20 مهينن تائين مُونکي ”رلِيونگ ڊيوٽيءَ“ ۾ رکيو ويو. يعني جتي ٻئي ڪنهن آفيسر جي ضرورت پئِي ٿي، اتي مونکي موڪليو ٿي ويو، ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته انهن ڏينهن ۾ مان ”اسپيئر وِيل“ طور استعمال ٿي رهيو هئس. ان بعد فريئر روڊ سکر واري برانچ ۾ منهنجِي پوسٽنگ ٿي ته ڄڻڪ ٿانئيڪو ٿيس، ته وري دوستن سان ميل جولَ جو پراڻو سلسلو به شروع ٿي ويو. ان بعد سائين مقصود گل صاحب، سرڪش سنڌي، سرمد چانڊيي، ڀائو مختار گهمري سان ته مستقل ملاقاتون رهيون، باقي ڪجھه ٻيا دوست به ساڻن سنگت ۾ گڏ هوندا هئا، ته اهي به، سال ۾ گهٽ ۾ گھٽ ٻه دفعا خيرپور ۾ منهنجي غريب خاني تي اچي ٽِڪندا هئا. انهن ٻن موقعن مان هڪ استاد عطا محمد حامي صاحب جي ورسيءَ جي موقعي تي ڪانفرنس ۽ ٻيو سچل سائينءَ جي سالياني عرس جي سلسلي ۾ سچل اڪيڊمي خيرپور ۾ ٿيندڙ ادبي سالياني ڪانفرنس. اھو سلسلو تيستائين جاري رهندو آيو، جيستائين سچل سائينءَ جي عرس جي ادبي ڪانفرنس خيرپور ۾ ٿيندي رھي ۽ استاد حامي صاحب جي ورسيءَ تي هر سال ادبي ڪانفرنس ٿيندي رهي، ان دؤران ڪافي مهربانَ دارالبقا ڏانهن روانا ٿي ويا، پر سائين مقصود گل صاحب کانپوءِ سندس لائق فرزند ياسر قاضي پنهنجي والد صاحب جي پوک کي پاڻي ڏيندو آيو. هاڻي جڏهن ٻيئي ادبي ڪانفرنسون خيرپور شهر ۾ نه پيُون ٿين ته هاڻي ته:
نه سي وؤنڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريُون
پَسيو بازارون، هينڙو مون لوڻ ٿئي
وارِي ڪار آهي.
هاڻي به جيڪڏهن ياسر سچل سائينءَ جي ادبي ڪانفرنس جي نظامت ڪرڻ درازا شريف ايندو آهي ته اسان وٽان به ڀيرو ڀرڻ ناهي وساريندو.
سائين مقصود گل جِي شخصيت هڪ گهڻ پاسائين شخصيت هئي. هُو هڪ ئي وقت خوبصورت شاعر، عُمدو نثر نويس، برجستو ڪالم نگار، بهترين مترجم، مثالي استاد، مهمان نواز، ملنسار، همدرد، غريب پروَر، علم ادب جي خدمت ڪندڙ جاکوڙي ڪارڪن، ايماندار آفيسر (جيڪا ايمانداري کيس مهانگي به پئجي وئي)، باصلاحيت سگهڙ سپُورنج ته هو ئي، پر هڪ خُوبين جِي کاڻ بهترين به انسان هو، جنهن ڪنهن سان ڪڏهن به ڪونه اُچايو. اهڙا املھه انسان هن دؤر ۾ ورلي ملن.
سائين گل صاحب اسٽيج تي اظهارَ جِي قدرت رکندڙ هڪ معياري مقرر هجڻ سان گڏوگڏ هڪ قابل اسٽيج سيڪريٽري به هو. هُو ادب جي ميدان ۾ شاعريءَ جِي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندڙ هڪ پختو شاعر، نثر نويس، حالاتِ حاضره تي مختلف اخبارن جي ايڊيٽوريل صفحن تي روزانو چؤسٽي ذريعي تبصرو ڪندڙ مبصر، سچل سائينءَ جي فارسي مثنوين جو منظوم ترجمو ڪندڙ مترجم هجڻ سان گڏوگڏ لوڪ ادب (سگهڙائپ جي فن) ۾ پڻ مهارت رکندڙ هو. سندس شاعري به فقط رُومان تائين محدود ناهي، پر سونهن جِي پُوڄا سان گڏوگڏ سماجي ۽ قومي ڪارج واري پڻ آهي. سائين گل پنهنجي شاعريءَ ۾ نج سنڌي اصطلاحن ۽ محاورن جو به برجستو استعمال ڪيو آهي. ذاتي طور تمام حساس طبيعت جو مالڪ هئڻ سبب ڪنهن به مسڪين ماڻهوءَ يا يار دوست توڙي قومي ڪارڪن يا ڪنهن عوامي ليڊر جو ڏک به کانئس برداشت ڪونه ٿيندو هو ۽ پنهنجي قلم ذريعي اهڙي ڏُک جو اظهار ڪري وٺندو هو. مثال طور: 1977ع واري مارشل لا کان متاثر ٿي ”سال ستهتر ڇا ڇا ڏيئي ويو“ عنوان سان هڪ پُر آشوب نظم لکيائين. پاڻ قومي مسئلن تي به خوب لکيائين. مثال طور:
سنڌُو! تنهنجون سيرُون ويرُون ڪاڏي ويون؟
سُڪَ تي ناوَ اُڪارڻ ڏاڍو اوکو ڪم
آب بِنا انسان جِيئي، پر ڪيئن جِيئي!
جيون ــ جوت جِيئارڻ، ڏاڍو اوکو ڪم
ٻئي هنڌ لکيو اٿائين:
سنسار سڄو خوش، سنڌ ڏکي، انصاف امن گل ڪاڏي ويو؟
اخبار سڄي رت، درد، الم، عنوان عبارت بڻجي پيا
پاڻيءَ جي پريشانين کي ڏِسي ھيئن به چوڻ تي مجبور ٿو ٿئي ته:
هَـرَ هَـرَ فرات وانگر پاڻيءَ مٿي آ پهرو
سمجهان هتي ٿو اچڻي، ٻي ڪربلا به آهي
مهراڻ سان محبت ڪري ان جو اُجڙڻ هر سنڌ واسيءَ کي ڏُکارو ڪري ٿو، ته هڪ حساس شاعر ڀلا اهو ستم ڪِيئن ٿو سَهي سگهي! سائين ”گل“ ان ظلم تي ھيئن به چيو آهي:
پيٽَ ۾ مهراڻ جي ٿَـرَ جون ڀٽُون جاڳي پيون
وقت جا واڪا ٻُڌي، ڪجھه وائڙا ويچار ڪر!
سنڌ کان، پنجاب وارا، سنڌ جو پاڻي کسي،
ھيئن نه وارث شاھ. کي ۽ ڀٽ ڌڻيءَ کي ڌار ڪر!
مقصود گل صاحب جي شاعر طور، حساسيت صرف انسانن تائين محدود ڪانهي، پر هن پکين کي به ڪونهي وساريو. چوي ٿو:
پاڻي پيئڻ جي واسطي، پياسا اچن ته پو،
تاڙيءَ سان ڪِين سي پکي، اعيلي!! اُڏارجن!
سائين مقصود گل جِي ادبي خدمتن ۾ سندس هڪ اهم ڪارنامو اهو به آهي ته ڪيترن ئي سيکڙاٽ شاعرن ۽ نثر نويسن جي همت افزائي ۽ رهنمائي ڪرڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو. جن منجھان اڄ کوڙ سارا پختا اديب بڻجي چڪا آهن. هن پنهنجي چمتڪارَ سان ڪيترن ئي ادب سان تعلق نه رکندڙن ۾ ادب طرف لاڙو پيدا ڪري کين اديب بڻايو. جن جو مثال مان پاڻ به آهيان. اڳ منهنجي مطالعي جو دائرو درسي ڪتابن يا ٿورو گهڻو عام معلومات جي ڪتابن پڙهڻ تائين ئي محدود هو، پر سائين مقصود جي شفقت ۽ قائل ڪرڻ واري خوبيءَ جي نتيجي ۾ مون ۾ ادبي ڪتاب پڙهڻ ۽ ادبي تقريبن ۾ شرڪت جو ذوق پڻ جاڳيو، جيڪو سائينءَ جي لاڏاڻي کانپوءِ ڪجھه گَهٽيو ته آهي، پر ختم ڪونهي ٿيو.
ايئن کڻي چئجي ته مقصود گل هڪ شخص نه پر هڪ اداري جو نالو آهي. جنهن سنڌ جي ادبي اتهاس کي نيون ڏِسائون ڏنيون، جن ڏانهن ويندڙ راهن تي سندس لفظن رستي ڦهلايل اُجالا ايندڙ ڊگھي وقت تائين ساهتَ جي راهيُن جِي رهنمائي ڪندا رهندا.
فيبروري 14, 2025