طالبان جون تحريڪون ۽ سي آءِ اي

Spread the love

رياض ابڙو

اصل ۾ ملڪ ٺهڻ سان ئي مسئلن جو شڪار ٿي ويو هيو، جو 1947 ۽ 1948 ۾ ئي ڪشمير جي جنگ شروع ٿي وئي، جنهن جا سبب برطانيا جي مداخلت هئي، ۽ وري جنرل ايوب جي سرڪار وڃڻ کانپوءِ ايجنسيون پاڻ ڪمزور ٿي ويون هيون، ۽ ڪشمير جي لڙائي رياست کي منجهائي ڇڏيو هيو. وري طالبان تحريڪن جي ڪري جيڪي به پختون ۽ مذهبي جنون رکندڙ ديسي کٿابي مدرسن ۾ پڙهن پيا، اهي به طالبان جي همدرديءَ ۾ لهي پيا هيا ۽ طالبان جي تحرڪن زور ورتو، جو ماڻهن جو گھڻو انگ طالبان جي حمايت ۾ لهي پيو هيو. ان دوران ملان محمد عمر، افغان پختون، غلزئي قبيلي جا ماڻهو، هوتڪ قبيلي جا ماڻهو به اٿي کڙا ٿيا جيڪي طالبان جي مدد لاءِ تيار ٿي ويا هيا. صحافي احمد راشد جي رپورٽ مطابق ان دوران (ان سال) قنڌار ۾ ٻن چوڪرين جي اغوا جو واقعو  پيش آيو هيو، جنهن ۾ انهن طالبان کي مدد جي لاءِ پڪاريو هيو، ۽ طالبان جي گروهن جنرل دوستم جي آرمي تي حملو ڪيو هيو، ۽ انهن ٻن چوڪرين کي آزاد ڪرائي ورتو هين، ۽ ائين ئي طالبان جي وهوا ٿي وئي هئي. ان دوران اهي عام ماڻهن جي مدد ڪندي، ماڻهن کي چورين، ڌاڙن، ڦرن ۽ زنا جي ڪيسن ۾ جنرل دوستم جي گروهن کان آجو ڪرائيندا افعانستان ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ويا.

آڪٽوبر 1994 ۾ طالبان جي گروهن اسپن بالڊاڪ جي بارڊر تي قبضو ڄمايو ۽ 3 نومبر تي طالبان قنڌار تي حملو ڪري ڏنو، هنن 48 ڪلاڪن ۾ شهر تي قبضو ڄمايو، ۽ هر روز هڪ نئين فتح ڪندا ويا. جنرل دوستم جا جٿا هارائبا ويا. 11 فيبروري 1995 تي هي طالبان افغانستان جي 30 صوبن مان 9 صوبن تي قبضو ڪري ويهي رهيا. 5 سيپٽمبر 1995 تي طالبان هرات تي قبضو ڪيو، هڪ سال ۾ جلال آباد ۽ 15 ڏينهن کانپوءِ 26 سيپٽمبر 1996 تي طالبان ڪابل تي قبضو ڪري ويا، ۽ آهستي آهستي ڪندا اهي افغانستان جي صوبن تي قبضو ڄمائيندا ويا ۽ ماڻهن جي حمايت به وٺندا ويا. جنرل ملڪ جنرل دوستم سان بغاوت ڪري طالبان سان ملي ويو، ۽ 24 مئي 1997 تائين طالبان مزار شريف تي قبضو ڪري ويهي رهيا، جو آگسٽ 1998 تي طالبان وري شديد فائرنگ، گولاباري ۽ بمباري ڪري جنرل دوستم کي ازبڪستان ڀڄائي ڇڏيو. باقي رڳو احمد شاھ مسود ئي رهيو، جيڪو هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۾ دير ڪري رهيو هو. آءِ ايس آءِ جي سڌي سنئين آشرواد هجڻ جي ڪري طالبان ڏينهون ڏينهن همت ۽ جوش سان مخالفن کي ڀڄائي ڇڏيو، ڇو ته قنڌار جي قبضي کانپوءِ هنن جي جٿن ۾ گھڻي ڀاڱي پاڪستاني مدرسن مان ماڻهو شامل ٿيندا ويا. پاڪستاني جميعت علماءِ اسلام جا مجاهد هنن سان گڏجي ويا، ۽ 1994 تيئن تقريبن 12 هزار پاڪستاني ۽ ٻاهريان مجاهد هنن سان گڏجي پيا، جنهن سان افعاني پختونن کي وڙهڻ ۾ آساني ٿي پئي، جنهن جي سپورٽ ۾ لوڪل ايجنسيون ۽ سي آءِ اي ڪلهوڪلهي سان ملائي بيٺيون هيون، جنهن سان طالبان کي وڏي طاقت ۽ همت ملي ۽ اهي آهستي آهستي افغانستان تي قبضو ڄمائيندا ويا، ۽ انهن جي تحريڪ مضبوط ٿيندي وئي. 1997 ۾ جڏهن هنن مزارشريف ۾ مارچ ڪيو، تڏهن غيرملڪي ماڻهن ۾ ڀاڄ پئي هئي، ڇو ته هنن طالبان جو مقصد هيو ته اهي جنرل دوستم جي ڊپٽي جنرل ملڪ کي پڪڙي هٿ ڪن، بجاءِ جو هنن کي ڪو رنڊ روڪ ڪري، پر الٽو هنن جي لاءِ آساني ٿيندي وئي ته اهي ڏينهون ڏينهن وڃن پيا قبضا ڪندا، ملڪ ميڙيندا، جو مارچ ڪندا قبضو ڪندا هلندا ويندا هيا. پر احمد شاھ مسود جي علائقن تي قبضو ڪرڻ هنن جي لاءِ ڏکيو ٿي پيو هيو، جيڪي مشڪل سان 10 سيڪڙو علائقي تي قابض هيا، انهن گرون جي وچ ۾ به ڪاهي پيا، جيڪي آمريڪي آشرواد وارا هيا، جيڪي سوويت يونين جي مدد سان هلي رهيا هئا، پر ان ۾ وري ڪجھ پنجابي طالبان جا گروھ به هيا جيڪي هڪ اندزي موجب 5000 هيا، جيڪي احمد شاھ مسود سان ويڙھ لاءِ پهتا هيا، ڇو ته احمد شاھ مسود ڪيترن پاڪستانين کي جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو هو. آءِ ايس آءِ جي هڪ جهوني ايجنٽ امام سلطان عامر پاڪستان طالبان جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي هيو، هن کي انهن جي مدد سان هٿيارن جي ايڪسپورٽ، آفيم، چرس ۽ ٻين سمگلنگ جي ڪمن ۾ هٿي ملندي هئي، جنهن سان طالبان جي جهادي تحريڪ هلندي رهي ۽ ڪامياب به ٿي. طالبان جي تحريڪن کان اڳ مشڪل سان 8 هزار مدرسا هوندا هيا جيڪي اُڙي ٿُڙي مدد سان هلندا هيا، پر 1998 کانپوءِ انهن مدرسن جو تعداد 25 هزار ٿي ويو، جنهن ۾ 25 لک طالبان ڪجھ ٻيا ٻار ديني تعليم پرائي رهيا هئا، جنهن ۾ دارالعلوم حقانيه جهڙا مدرسا به هلندا رهيا هئا. انهن ۾ معمولي پڙهيل لکيل طالبان ٽائيپ ملان کٿابين کي طالبان جي جهادي تنظيمن جا سبق پڙهائيندا هيا.

ان سڄي وارتا ۽ تحريڪن ۾ سي آءِ اي کي اساما بن لادن کي فڪس ۽ فٽ ڪرڻو هيو، ۽ اساما بن لادن جي نيٽ ورڪ کي سوڊاني سان ملائي ڳنڍي هلائيندا رهيا، جو 1998 ۾ ڪينيا ۽ تنزانييا ۾ آمريڪي ايمبيسي تي حملي ۾ ملوث قرار ڏئي ان کي پردي تي آڻڻ جي ڪوشش ڪين، جو ميڊيا جو سڄو ڌيان نائين اليون جي واقعي کانپوءِ افغانستان تي اچي بيٺو، طالبان کي وڪڙ ۾ آندائون. اها ٻي ڳالھه آهي ته 1842 جي دوران افغانستان واري جنگ ۾ 17 هزار برطانيا جا باشندا مري ويا هئا، جن ۾ مرد، عورتون، ٻار ۽ ٻڍا شامل هيا. 1980 دوران طالبان کي سي آءِ اي ۽ لوڪل ايجنسين جي سپورٽ، تربيت ۽ بي تحاشا امداد هئي جنهن طالبان کي وڙهڻ جا سامان مهيا ڪيا. پر ان جي ابتڙ احمد شاھ مسود کي سوويت يونين جي سپورٽ هئي، توڻي جو اساما بن لادن کي زوريءَ طالبان جي گروهن ۾ شامل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جي طالبان جي تحريڪن کي وڏي سزا ملي، انهن جي امدادن، بين الاقوامي سپورٽ ۽ بدنامي ۾ گھڻو عمل دخل رهيو. ۽ اها ٻي فنامانا هئي ته اساما بن لادن کي طالبان جي ڪيمپن ۾ تربيت به ملي، هو احمد شاھ مسود جي گروهن سان وڙهيو به پر اهو جواز هيو سي آءِ اي جو هيو ته هو هاڻي طالبان کي کارايل ڊالر انهن جي نڙي مان ٻاهر ڪڍن. ان جي ابتڙ اها سي آءِ اي جي زبردست چال ۽ تنگ نظري هئي جو هنن ”ٽون ٽاور“ تي پاڻ حملو ڪرائي اساما بن لادن کي چالاڪي سان طالبان جي ڪيمپن ۾ زوريءَ ٽريننگ ڪرائي، مسلمانن کي خوار خراب ڪرڻ جو پڪو پھ ڪري ڇڏيو، ڇو ته 1980 کان طالبان کي ٽريننگ ڏيڻ مان مراد رڳو روس جي تڏا ويڙھ ڪرائڻي هئي، جنهن روس جي چنبي مان 6 اسلامي رياستن کي ڇڏائڻ هيو. پر اتي اهو نه هيو ته ڪو لوڪل ايجنسيون مسلمانن جي حق ۾ هيون، يا آمريڪا اسلامي رياستون ٽوڙي مسلمانن کي سرخرو ڪرڻ جي چڪر ۾ هيو، پر هو ته چاهي پيو ته روس کي ٽوڙي ان جي مڳي ۽ غرور کي پاش پاش ڪري ڇڏجي، ۽ دنيا کي ڏيکارجي ته روس ڪجهھ به ناهي. وري ساڳي جاءِ تي سي آءِ اي طالبان کي 2001 واري سيپٽمبر جي سانحي ۾ زوريءَ ڦاسائي خوار ڪيو. ان ۾ اها ڳالھ به واضع هئي ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ فائرنگ، خوني ريزي ۽ ڏينهن ڏٺي هٿيارن جي زور تي آمريڪا ۾ ويڙهاند ٿيندي رهندي آهي. اسان کي اها ڳالهھ وسارڻ نه گهرجي ته بنگلاديش جي ٺهڻ يا ٺاهڻ ۾ جيتري را ملوث هئي اوتري ئي سي آءِ اي به هئي، ڇو ته سي آءِ اي ڀارت سان سدائين ٻٽ هوندي آهي، ۽ ان جي ڪري سڄي دنيا ان ڳالھ تي زور ڏنو، يا اها ڳالهھ به مڃون ٿا ته روس جي اڳڀرائي کي آمريڪا نه جهلي هان ته روس پاڪستان ۾ به ڪميونسٽ حڪومت جوڙي وٺي هان، ڇو ته هتي به روس جي ڪميونسٽ نظريي جا ماڻهو گهڻا ٿي پيا هئا، انهن ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون پارٽيون پنهنجي جاءِ تي پر جيڪي مزدرون جي ڀلائيءَ جي لاءِ پاڻ پتوڙينديون هيون، اهي رڳو ڪميونسٽ نظريي جي پرچار به ڪندا هيا، (ان ۾ راولپنڊي ڪنسپائريسي ڪيس جيڪو 9 مارچ 1951 ۾ ظاهر ٿي پيو، سو به نمايان آهي، جنهن ۾ فيض احمد فيض سان گڏ ميجر جنرل اڪبر، سيد سجاد ظهير (جيڪو ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري جنرل به هيو) ۽ ميجر جنرل جي گهرواري نسيم شاهنواز خان به هئي. پر پڇاڳاڇا دورن 15 ڄڻا آندا ويا جن ۾ ميجر جنرل اڪبر خان، ايئر ڪموڊور ايم ڪي جنجوا، ميجر جنرل نذير احمد، برگيڊيئر صادق خان، برگيڊيئر ايم اي لطيف خان، ليفٽيننٽ جنرل ضياءُ الدين، ليفٽيننٽ جنرل نياز محمد ارباب، ڪيپٽن خضر حيات، ميجر حسن خان، ميجر اسحاق محمد، ڪيپٽن ظفرالله پوشني، مسز نسيم شاهنواز خان، فيض احمد فيض سيد سجاد ظهير ۽ محمد حسين عطا سميت سڀ 18 مهينا جيل ۾ رهيا، پر گهڻو عرصو فيض احمد فيض رهيو جنهن کي روس جي طرفان هن جي شاعري تي به انعام اڪرام به مليا، (ان کانپوءِ ميجر جنرل اڪبر خان نسيم شاهنواز کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي، ۽ پوءِ هوءَ نسيم جهان ٿي وئي هئي، ڪيس ثابت نه ٿيڻ جي ڪري فيض احمد فيض ڀٽي صاحب جي دور ۾ نيشنل ڪائونسل آف آرٽس جو چيئرمين رهيو ۽ پوءِ ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايائين) پر سي آءِ اي جي پٺڀرائي ۽ آءِ ايس آءِ جي مسلسل امدادن ۽ فوجي تربيتن جي ڪري طالبان هاڻي ته سي آءِ اي جو ٽول ٿي پيا آهن، جن جي اسلامي حڪومت ۽ شريعت لاڳو ٿيڻ سان اسلامي دنيا کي خاص ڪري پاڪستاني حڪومت کي چڻا چٻائڻا پوندا.

فيبروري 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو