”پاڪستان ٽيم ۾ رڳو بابر اعظم ناهي ٻيا رانديگر به آهن“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽر طيب طاهر چيو آهي ته ٽيم ۾ اڪيلو بابر اعظم نه پر ٻيا به رانديگر آهن.
ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نوجوان بيٽر چيو ته قومي ٽيم ۾ اڪيلو بابر اعظم نه پر ٻيا به رانديگر آهن، ڪرڪيٽ ۾ ڪنهن هڪ رانديگر جي ڪارڪردگي تي ناهي ڀاڙيو ويندو.
طيب طاهر چيو ته پاڪستاني بالر دنيا جا ٽاپ بالر آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن حڪمت عملي تحت بالنگ ناهي ٿيندي، اميد آهي ته سڀاڻي ڏکڻ آفريڪا خلاف بالر سٺو پرفارم ڪري ميچ کٽرائيندا.
هن چيوته سڀاڻي واري ميچ اهم آهي، کٽينداسين ته اڳتي وڌنداسين، عالمي ڪرڪيٽ دٻاءُ سان ڀرپور هوندي آهي، جيڪو رول ڏنو ويو آهي ان تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهيان.
هن وڌيڪ چيو ته کيس علائقائي ڪرڪيٽ جو تجربو آهي ۽ ڪراچيءَ جي ڪنڊيشن ۾ فاسٽ بالرن کي ريورس سوئنگ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.