ماحولياتي  بحران ۽ جٽادار موسمياتي رپورٽنگ جي گھرج

Spread the love

قرت العين صديقي

پاڪستان انتھائي سنگين ماحولياتي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، پر جيڪڏهن توهان خبرون پڙهو يا ڏسو، ته اهو لڳي ٿو ته اسان جي ملڪ جي سمورن مسئلن جو دائرو سياست ۽ اقتدار جي  ڇڪتاڻ  جي چوڌاري گهمي رھيو آھي. حقيقت ان کان گھڻو تلخ آھي. ٻوڏون، گرمي جي لهر ۽ڏڪر شدت  اختيار ڪري رهيا آھن.جيڪي ملڪ  جي موسمياتي تبديلي جي جنگ ۾ تبديل ٿي رهيا آهن.

پاڻي جي مٿي ٿيندڙ سطح  سبب سڄاسارا ڳوٺ مڪمل طور تي ختم ٿي چڪا آهن، جھن ڪري زراعت گهٽجي وئي آھي ۽ ڪجهه هنڌن تي مڪمل طور  ختم ٿي چڪي آهي، موسمياتي تبديلي جي سبب ئي ڪئين  خاندان سخت فيصلا ڪرڻ تي مجبور آهن  ته ڪھڙو اھڙن هنڌن تي رهجي جتي زندگي  جو رستو سوڙھو ٿي رهيو آهي يا وري پنهنجون زمينون ڇڏي موسمياتي پناهگير بڻجي وڃن.

اهڙي وقت ۾ مضبوط پريس کي انهن آفتن جي شدت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، پر عام طور تي ماحولياتي مسئلن تي گهٽ ئي ڌيان ڏنو ويندو آهي.توقع ھوندي آھي تھ  انهن مسئلن کي باريڪ بيني ۽ تفصيل سان سھڙيو ۽ لکيو وڃي. پر اسان جي ميڊيا معمولي سياسي ڊرامن يا مشهور شخصيتن جي گپ شپ تي وڌيڪ ڌيان ڏئي ٿي. ايستائين جو اھي ميڊيا هائوسز جيڪي پنھنجي رپورٽرز کي آفت سٽيل علائقن ۾ ۾ ان ڪم لاءِ موڪلين ٿا،  انھن جي موڪليل ماحولياتي بحران جي خبرن کي پهرين صفحي تي ڏيڻ جاءِ ڏيڻ ضروري نٿا سمجهن.

بين الاقوامي ميڊيا جيڪا ٻوڏ جي وڏي پيماني تي ڪوريج ڪندي هئي، ان جي رپورٽنگ بھ گهٽ ٿي چڪي آهي، جنهن سان اهو تاثر ملي ٿو ته اهي ڍونگ ڪن ٿا تھ  انهن کي انھن مسئلن جي پرواه آھي. نتيجي ۾ ھڪ بيانيئو جڙي ٿو. جيڪو بحران جي سنگيني تي ڌيان نٿو ڏئي. عوام بي يقيني جي ڪيفيت ۾ مبتلا آهي ته  آخرڪار ڪو احتساب جو مطالبو يا نھ  ڪندو.

صورتحال کي نظرانداز ڪرڻ ناممڪن آهي. اھي درياءَ جيڪي ڪڏهن زندگيءَ سان ڀرپور هئا اھي ُسڪي رهيا آهن، جڏهن ته اسان جا شهر خطرناڪ دونهن  جي گھيري ۾ آهن، جنهن جي ڪري ساهه کڻڻ  بھ ڏکيو ٿي ويو آهي. هر اونهاري ۾شديد گرمي جا رڪارڊ ٽٽي ويندا آهن، پر ميڊيا اڪثر ڪري وڏي منظر نامي کي نظرانداز ڪري ٿي، يعني ڪمزور ضابطا، تيز صنعتي ترقي ۽ ناقص انتظام قدرتي مسئلي کي هڪ وڏي بحران ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

هڪ اهڙو ملڪ لاءِ جيڪو اڳ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان جي لاءِ معمولي ڪوتاھيون  نه آهن، بلڪه ماحولياتي تحفظ لاءِ ٿوري مدي جي فائدي کي اڳيان رکي نسلن کي داؤ تي لڳايو پيو وڃي.

ميڊيا ادارا چون ٿا تھ انهن وٽ انهن پيچيده مسئلن  جي ڇيد ڪرڻ جي لاءِ وسيلا يا مھارت نه آهي. جيتوڻيڪ اھو جزوي سچ آهي، پر اھي هن جواز کي اثرائتي ڪم نه ڪرڻ جي بھاني طور استعمال ڪندا آهن. اهي سافٽ اسٽوريز کي اوليت ڏين ٿا.جيڪي گليشيئر جي پگھرڻ ۽ سمنڊ جي سطح ۾ واڌ جهڙين  ڳڻتي ۾ وجھندڙ خبرن سان ناظرين کي پريشان نه ڪن.

طاقتور گروهه تحقيقاتي رپورٽنگ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جيڪي ڪرپشن يا منافع خوري جا انڪشاف ڪري سگھن ٿا. نتيجي طور ساڳيو طريقو ۽ نمونو ورجايو ويندو آهي، يعني جڏهن ڪا آفت ايندي آهي، ته رپورٽن جي بھ ٻوڏ ايندي آهي پر پوءِ فوري طور تي ڌيان ايندڙ اسڪينڊل ڏانهن منتقل ٿي ويندو آهي، جنھن سان ڪمزور ۽ متاثر ٿيندڙ طبقن کي ميڊيا جو مناسب ڌيان نٿو ملي سگھي ۽ انهن کي اڪيلي سر مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

پاڪستان جي صورتحال  سبقن ۽  چتائن سان ڀريل آهي. اهي فصل جيڪي  سموري ڪميونٽيز لاءِ خوراڪ فراهم ڪندا هئا هاڻي ختم ٿي رهيا آهن، جنهن جي ڪري ٻهراڙيءَ ۾ رھندڙ خاندان  ڪم جي ڳولڻ لاءِ ٻين علائقن ڏانهن منتقل ٿيڻ تي مجبور ٿي رھيا آھن.  پاڻيءَ  جي وڌيڪ گرم ٿيڻ سان مڇين جو تعداد  گهٽجي رھيو آهي،نتيجي طور مھاڻا ڍنڍون،ڍورا ۽ سمنڊ ڇڏي ڪري شهرن ۾ روزگار ڳولي رهيا آهن. غريب شهري علائقن جا ٻار گدليءَ هوا ۾ ساهه کڻن ٿا ۽ اسڪول  رسڻ تائين جو ٿورڙو پنڌ به انهن  جي صحت لاءِ خطرا پيدا ڪري ٿو. پر گھڻن ئي نيوز رومز ۾، ان حقيقي زندگيءَ جي جدوجهد جو بس مختصر ذڪر ئي ڪيو ويندو آهي، پر جيئن ئي ٻيو مواد ڌيان لاءِ دستياب ٿيندو آهي، تھ انهن مسئلن جو ذڪر  ڇڏي ڏبو آهي.

تحقيقاتي رپورٽنگ  جيڪا ماحولياتي نقصان جي سببن کي وائکو ڪري سگھي ٿي.اھا سري کان موجود ئي نھ آھي.جنھن مان عوام کي هڪ وڏي مسئلي  جي  هڪ ننڍڙي جھلڪ نظر اچي ٿي. جڏهن ھڪ ڀيرو ڪئميرائون  بند ٿي وينديون آهن، ته مدد جو واعدو ڪندڙ ۽ موسمياتي آفتن دوران عالمي مدد گھرندڙ سياستدان بھ منظر تان غائب ٿي ويندا  آهن . هن مختصر مدتي توجه سان حقيقي تبديلي حاصل ڪرڻ انتهائي ڏکيو عمل آهي.

ڇا ايندڙ آفت جي اچڻ ۽ پوري برادري جي تباهي کان اڳ، ميڊيا صرف موسمياتي آفتن جي رپورٽنگ ڪرڻ بدران، بنيادي سببن جي فعال طور تي تحقيق ڪندي ؟ ڇا خابرو نيوز ادارا ماحولياتي رپورٽنگ کي ترجيح ڏيندا، پوءِ چاھي انھن کي ان  جي لاءِ  گھٽ سياسي سرخين ۽ مشهور شخصيتن جي خبرن کي گھٽ ئي ڇو نھ ڪرڻو پئجي وڃي ؟

ڇا اسان جا اخباري ايڊيٽر اهڙي صحافتي روش اختيار ڪندا جيڪا ڪرپشن، شهري ترقي ۽ ڪارپوريٽ لالچ جي وچ ۾ لاڳاپن کي بي نقاب ڪري ٿي؟ ۽ آخر ۾ ڇا عوام پنھنجي طور تي  ميڊيا کان بهتر ڪوريج جو مطالبو ڪندو؟ ڇاڪاڻ ته ميڊيا ۽ عوام ٻنهي جي دٻاءُ کان سواءِ، شيون جيئن آهن تيئن ئي رهنديون.

اڄ، پاڪستان موسمياتي تبديلي جي سخت اثرن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن ميڊيا پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ کان لنوائيندي رهي ته ماحول  ان جو نقصان برداشت ڪندو رهندو. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهن مسئلن تي اکيون بند نھ ڪيون وڃن،دائري  کي ٽوڙيو وڃي ۽ ٻوڏ،ڏڪر ۽ گرمي جي تپش جي ايندڙ لهرن کي هڪ وڏي ۽ فوري حل جوڳي مسئلي طور سنجيدگي سان ورتو وڃي. ٻي صورت ۾، “ماضي ۾ ڪو  مثال نھ ٿو ملي ” جهڙا جملا پنهنجو مطلب وڃائي ڇڏيندا .ڇاڪاڻ ته موسم جي شدت معمولي ۽ غير معمولي جي وچ ۾ فرق کي مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏيندي. لاپرواهي ڪرڻ سان شيون وڌيڪ خراب ٿي وڃن ٿيون، جڏهن ته اسان جي ايندڙ نسلن کي اڄ اسان جي خاموشي جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.

فيبروري 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو