راڻيپور ۾ خوني تڪرار شدت اختيار ڪري ويو، 45 سالا شخص قتل

Spread the love

راڻيپور (رپورٽ: سعيداحمدسھتو)  راڻيپور لڳ ڳوٺ وريو واھڻ ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار ھڪ دفعو ٻيھر ڪر کڻي وڌو 45 سالا گلشن ولد الھرکيو جوڻيجو مٿان جديد ھٿيارن جا فائر ڪري راڻيپور گمبٽ لنڪ روڊ تي اڇلائي ويا پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش ضروري ڪاروائي لاء رورل ھيلٿ سينٽر آندو ويو

لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام متل  رپوٽ موجب گذريل پندرھ سالن کان جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار ھڪ معصوم جان ڳڙڪائي وئي پنجيتالھ سالا گلشن ولد الھرکيو جوڻيجو کي پنھنجي برادري جي نامعلوم ھٿياربند جديد ھٿياربند جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو ٻڌايو پيو وڃي

 مقتول کي نامعلوم ماڻھن شھر مان کڻي مارڻ بعد منھن ٻڌي پرائيويٽ گاڏي مان راڻيپور گمبٽ لنڪ روڊ لڳ درگاھ حضرت سچل سرمست تي اڇلائي ويا اھڙي اطلاع بعد وارث مرد ۽ عورت لاش وٽ پھتا ۽ حد جي پوليس کي اطلاع پڻ ڏنو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو لاش کڻائي پوسٽمارٽم لاء راڻيپور رورل ھيلٿ سينٽر آندو ويو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو

لاش گھر پھچڻ تي اڀ ڏاريندڙ دانھيو ڪھرام متل جڏھن ته پوليس جي ڀاري نفري ڳوٺ وريو واھڻ تي پڻ چڙھائي ڪئي آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي واقعي جو ڪيس پڻ داخل نه ٿي سگھيو جڏھن ته لاش اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.

فيبروري 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو