عمران خان جو آرمي چيف کي ٽيون خط لکڻ جو اعلان

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان آرمي چيف جنرل عاصم منير کي ٽيون خط لکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته باني ايندڙ هفتي آرمي چيف کي ٽيون خط لکي رهيو آهي، هو چاهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ چيف جسٽس عوام سان گڏ بيهن.
هن چيو ته اهي سمورا خط اوپن آهن ۽ عوام انهن خطن کي پڙهي رهيو آهي، دهشتگردي خلاف فوج ۽ قوم کي هڪ ٿيڻو پوندو.
واضح رهي ته ان کان اڳ به عمران خان آرمي چيف جي نالي ٻه خط لکيا هئا.

فيبروري 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو