حارث رئوف چيمپيئنز ٽرافي کيڏندو يا نه؟ پي سي بي ٻڌائي ڇڏيو

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽه ملڪي سيريز جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ خلاف بالنگ دوران انجري جو شڪار ٿيندڙ پاڪستاني فاسٽ بالر حارث رئوف جون ميڊيڪل رپورٽس اچي ويون.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) موجب، حارث رئوف جي انجري سنجيده نه آهي ۽ اميد آهي ته هو 19 فيبروري کان ڪراچي ۾ شروع ٿيندڙ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ مڪمل فٽ ٿي ويندو.
پي سي بي موجب، ايم آر آءِ ۽ ايڪسري رپورٽس ۾ ظاهر ٿيو آهي ته فاسٽ بالر کي سيني جي هيٺئين حصي ۾ تڪليف آهي، جنهن سبب احتياطي تدبير طور هو 12 فيبروري تي ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ نه کيڏندو.
واضح رهي ته نيوزيلينڊ خلاف ميچ دوران حارث رئوف پاسيرين ۾ تڪليف سبب اوور اڌ ۾ ڇڏي ميدان کان ٻاهر هليو ويو هو.

فيبروري 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو