ٽه ملڪي سيريز: شوقينن لاءِ بُري خبر، حارث رئوف ميچ ڇڏي هليو ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽه ملڪي سيريز جي پهرين ميچ دوران نيوزيلينڊ خلاف بالنگ ڪندي پاڪستاني فاسٽ بالر حارث رئوف پاسيرن ۾ تڪليف سبب اوور اڌ ۾ ڇڏي گرائونڊ کان ٻاهر هليو ويو.
بالنگ دوران پنهنجي ستين اوور ۾ حارث رئوف کي پاسيرن ۾ تڪليف محسوس ٿي، جنهن سبب هو اوور مڪمل نه ڪري سگهيو ۽ گرائونڊ کان ٻاهر هليو ويو، حارث جي اوور کي سلمان آغا مڪمل ڪيو.
ان ڏس ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جو چوڻ آهي ته حارث رئوف”لو گريڊ ون اسٽرين“ ۾مبتلا آهي، کيس پيٽ جي مسلز ۾ به تڪليف آهي، فوري طور تي کيس طبي امداد ڏني وئي آهي.
پي سي بي موجب، حارث رئوف جي گرائونڊ ۾ واپسي لاءِ سندس طبيعت جو ٻيهر جائزو ورتو ويندو.
ياد رهي ته حارث رئوف چيمپيئنز ٽرافي جي اسڪواڊ ۾ پڻ شامل آهي.