لينڊ ٽيڪس ۽ سنڌ ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس ۾ فرق
اسحاق سومرو
سنڌ حڪومت، سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ڪجهه ڪلاڪن جي اندر سنڌ اسيمبلي مان ” سنڌ ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس بل 2025“ آئوٽ آف ٽرن فوري طور تي اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. سنڌ جي وزير اعلي سيد مراد علي شاھ اسيمبلي جي فلور تي ڳالھائيندي چيو ته ” زرعي پيداوار“ تي ٽيڪس دراصل فيڊرل بورڊ آف روينيو ( ايف بي آر) ٽيڪس جا هدف پورا نه ڪرڻ واري ناڪامي کي لڪائڻ لاءِ اسان تي زرعي آمدني ٽيڪس مڙھڻ تي مجبور ڪيو ويوآھي. ھن اھو به ايوان کي ٻڌايو ته اسان 15 کان 45 سيڪڙو ٽيڪس ھڪدم وڌائڻ تي وفاقي سرڪار توڙي وزير اعظم کي گذارش پڻ ڪئي ھئي. اسان کي اھو چيو ويو ته ٻن کان چئن ڏينھن ۾ ” زرعي آمدني تي ٽيڪس لڳايو ٻي صورت ۾ آءِ ايم ايف جي ٽيم پاڪستان ۾نه ايندي ۽ ملڪ ڊفالٽ ٿي ويندو. وفاق اسان کي بند گھٽي ۾ ڌڪيو آھي.اسان سان صلاح ڪرڻ ۽ اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ فيصلا ڪري ان تي عمل ڪرڻ لاءِ دٻاءَ وڌو ويو. انھيءَ موقعي تي زراعت جي وزير محمد بخش مھرچيو ت بل زيادتي ۽ ظلم آھي. سينئر وزير شر جيل انعام ميمڻ چيو ته بل نه آڻيون ھان ته اسان کي آءِ ايم ايف کان قرض نه ملڻ جو ذميوار سڏيو وڃي ھا.
سنڌ ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس بل جنوري 2025 کان لاڳو سمجھيو ويندو. 6 لکن تائين آمدني تي ڪوبه ٽيڪس نه ھوندو، 6 کان 12لکن تائين آمدني تي 15 سيڪڙو، 12 کان 16 لکن تي 20 سيڪڙو، ٽيڪس جي دائري ۾ ايندا. زرعي سپر ٽيڪس 15 کان 20 ڪروڙن جي آمدني تي ھڪ سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ھوندو. اسيمبلي کي اھو يقين ڏياريو ويو ته اھو زرعي آمدني واروٽيڪس ”سنڌ بورڊ آف روينيو“ وصول ڪندو ڇاڪاڻ ته اھو صوبائي معاملو آھي. اھا رقم سنڌ جي غريب عوام ۽ ھارين جي ڀلائي تي خرچ ڪئي ويندي.. ھن اھو اشارو پڻ ڏنو ته ٽيڪس لڳائڻ تي خوش نه ٿين گھرجي، پر حڪومت کي ھلائڻ لاءِ ٽيڪس لڳائڻا پوندا آھن. مستقبل ۾ ھن زرعي آمدني واري بل تي نظرثاني به ڪري سگھجي ٿي. وزير اعلي چيو ته مون سميت ڪيترائي وزير ۽ ميمبر گذريل 20 سالن کان ”لينڊ ٽيڪس“ ڏين ٿا. ٽيڪس پھريان به ورتو ويندو ھو پر ان جي اوڳاڙي کي بھتر ڪرڻو ھو. ھن وڌيڪ چيو ته ھن آمدني واي ٽيڪس لڳائڻ سان ننڍن آبادگارن لاءِ ڪوبه مسئلو نه ٿيندو.
زرعي سڌارن توڙي زرعي ٽيڪس ۽ انھن تي باقائده عمل ڪرڻ ھن ملڪ ۾ شروع کان ئي مطالبو ٿيندو پئي آيو آھي.جنرل ايوب خان حڪومت ۽ ان کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽي جي دور حڪومت ۾ 1973 ۽ 1977 ۾ ٻه دفعا زرعي سڌارا آندا وياجنھن سان ڪافي حد تائين غريب ھارين ۾ زمينون ورھايون ويون خود ذوالفقار علي ڀٽي اسيمبلي جي فلور تي چيو ته سندس خاندان جي پنجاھ ھزار ايڪڙ زمين غريب ھارين ۾ ورھائي وئي آھي. 1977 ۾ ڪيل آخري زرعي سڌارن ۾ ته0 في فرد کي صرف 150 ايڪڙ نھري زمين رکڻ جي حد مقرر ڪئي وئي، جنرل ضياالحق جي اچڻ کان پوءِ شريعت اپيلٽ ڪورٽ غير اسلامي قرارڏيندي ان کي رد ڪري ڇڏيو. جنھن جي خلاف 2008 ۾ ناميارو وڪيل عابد حسين منٽو سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي ته اسيمبلي جي پاس ڪيل قانون کي ڪا ب ڪورٽ رد نٿي ڪري سگهي. پر سپريم ڪورٽ ۾اڃان تائين ان جي ڪابه شنوائي نٿي ڪئي وڃي. جڏھن ته سڄي دنيا ۾ زرعي سڌارا آڻي زمين جي گهٽ ۾ گھٽ حد مقرر ٿيل آھي. ايستائين جو 1960 واري ڏھاڪي ۾ بنگلاديش ۾ پڻ زرعي سڌارا آڻي جاگيرداري جو خاتمو ڪيو ويو. تازو ڪيل زرعي آمدني واري قانون سازي اسيمبلي ۾ ويٺل جاگيردارن لاءِ ناپسنديد آھي. جنھن جو اظھار پاڪستان پيپلز پارٽي جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس توڙي سنڌ وزارت جي اجلاس ۾ مخالفت ڪرڻ سان ڪيوويو.پر سنڌ حڪومت آئي ايم ايف توڙي وفاقي حڪومت جي دٻاءِ ۾ اچي ڪڙي گوري کائي بل کي منظور ڪيو.
ياد رھي ته گذريل جولاءِ مھيني ۾ صدر آصف علي زرداري لاھور جي ھڪ سيمينار ۾ واضع لفظن ۾اعلان ڪيو ھو ت زرعي آمدني تي ٽيڪس لڳايو ويندو.لينڊ ٽيڪس ۽ ھاڻوڪي سنڌ ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس ۾ فرق اھو آھي ته لينڊ ٽيڪس في ايڪڙ جنھن ۾ڍل، آبيانو( پاڻي جو ريٽ) ، لوڪل سيس ٽيڪس ۾ اچي وڃن ٿا. ان کي لينڊ ٽيڪس سڏيوپيووڃي. جڏھن ته ھي 2025 واري زرعي آمدني وارو لاڳو ڪيل ٽيڪس جاگيردارن وٽ وڏا بنگلا، لگزري گاڏيون۽ ٻين اثاثن تي اھو ٽيڪس لاڳو ٿيندوجيڪي سندن زميني آمدني مان خريد ڪيل آھن. بل جي مسودي ۾ 15 ڪروڙن کان ويھن ڪروڙن تائين جي آمدني تي ھڪ سيڪڙو، 20 ڪروڙ کان 25 ڪروڙن تائين جي آمدني تي 2 سيڪڙو، 25 کان 30 ڪروڙ تائين 3 سيڪرو، 30 کان 35 ڪروڙ آمدني تي 4 سيڪڙو ۽ ان کان مٿي 50 ڪروڙ امدني تي ساليانو 10 سيڪڙو ٽيڪس ورتو ويندو. جنھن کي ”زرعي سپر ٽيڪس“ جو نالو ڏنو ويو آھي.ظاھر آھي ته ڪيترن ئي جاگيردارن وٽ 50 ڪروڙ يا ان کان به وڌيڪ آمدني جا بنگلا، گاڏيون ۽ ٻيون جائدادون آھن جن تي ھاڻي ٽيڪس ڏيڻ لازمي ٿي ويو آھي. جنھن ڪري ھاڻي اھو ٽيڪس وارو نزلو وڏن جاگيردارن تي ئي پوندو. ننڍن آبادگارن توري زميندارن تي ان ٽيڪس جو معمولي اثر پوڻ جا امڪان اھن. جنھن جواظھار وزير اعلي سيد مراد علي شاھ پڻ ڪيوآھي. .
ٻئي طرف ”لينڊ ٽيڪس“ جيڪو سنڌ جا مڙئي ننڍا توڙي وڏا زميندار، جاگيردار ايڪڙن جي حساب سان ڏيندا رھيا آھن. ان جي تفصيلن مان ظاھر ٿئي ٿو ته سنڌ حڪومت اڳئي نھري زمين تي لينڊ ٽيڪس(ڍل) ۾ ڏنل ڇوٽ 12 ايڪڙن مان وڌائي 16 ايڪڙ ڪئي آھي. يعني ھاڻي 16 ايڪڙن تائين واري آبادگار تان لينڊ ٽيڪس (ڍل) معاف آھي. جڏھن ته آبيانو (پاڻي جو ريٽ )جيڪو سنڌ جي مختلف ڪئنالن تي ڌار ڌار رکيل آھي. جيئن سکر بئراج جي ڪئنالن تي ووئنڻن تي 88.78 روپيا، ڪمند تي 181.78 روپيا، ڪڻڪ تي 53.30 روپيا، باغن، جن ۾ ڪيلو انب اچي وڃن ٿا انھن تي ساليانو 500 روپيا رکيل ھو ، جڏھن ت انھي ساڳئي سکر بئراج جي ڪئنالن تي ٽيوب ويل تي ٿيندرپوک تي في ايڪڙ تي مجموعي طور تي 25 سيڪڙوگهٽ آبيانو ورتو پي ويو جيڪو اگهھ 1999 کان ھلندو پئي آيو دلچسپ ڳالهھ ته جنھن ۾ گذريل سنڌ جي عبوري حڪومت 20 فيبروري 2024 تي عبوري وزير اعلي جي صدارت ۾ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ آبياني جي مد ۾ فصلن توڙي باغن جي اگھن ۾ سو سيڪڙو اظافي سان ٻيڻو ڪري ڇڏيو يعني ھاڻي انب ۽ ڪيلي جي باغ تي 1000 روپيا ساليانو آبيانو ورتو پيو وڃي.جڏھن ته نھري زمين في ايڪڙ 200 روپيا ۽ باراني غير نھري 100 روپيا مقرر ٿيل آھي. جيڪو اگهھ 40 سالن کان اڄ تائين ساڳيو آھي.
باوجود ان جي گذريل ڏھن سالن کان وٺي لينڊ ٽيڪس جنھن ۾ ڍل، آبيانو، توڙي لوڪل سيس جا بجيٽ ۾ رکيل هدف پورا نه پئي ٿي سگھيا آھن. تنھنڪري زراعت جيڪا پوري پاڪستان جو اھم پيداواري شعبو آھي پر ان مان حڪومت کي ٿيندڙ ٽيڪس جي مد ۾ رقم تمام گهٽ وصول ٿيندي رھي آھي. ان لاءِ پاڪستان کي قرض ڏيندڙ ادارن خاص طور تي آءِ ايم ايف زرعي آمدني تي ٽيڪس مڙھڻ وارو شرط سان وڏن جاگيردارن ۽ زمينداردن لاءِ تشويش جو باعث آھي.
فيبروري 6, 2025