بابر اعظم پنهنجي سڀ کان اهم شئيءَ وڃائي ويٺو!

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جو موبائيل فون وڃائجي ويو آهي.
بابر اعظم پنهنجي مداحن کي انسٽاگرام تي اسٽوري شيئر ڪندي پنهنجي موبائيل فون گم ٿيڻ جو اطلاع ڏنو.
هن مداحن کي پنهنجي پريشاني بابت ٻڌايو ته ”هن جو موبائل فون وڃائجي ويو آهي جنهن کانپوءِ هن جو سڀني سان رابطو ڪٽجي ويو آهي.“
بابر اعظم جي مداحن موبائيل فون گم ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ جلد موبائيل ملڻ جي دعا ڪندي بيٽر سان همدردي جو اظهار پڻ ڪيو.
اِهو واضح ناهي ٿي سگھيو ته بابر اعظم جو موبائل فون ڪٿي گم ٿيو، ڇو ته هن اسٽوري ۾ ڪنهن به هنڌ جو ذڪر ناهي ڪيو.

فيبروري 6, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو