پاڪستان ۾ پام آئل جو استعمال: خدشا ۽ حقيقتون

Spread the love

خالد سعيد

پاڪستان ۾ کاڄرو  تيل بابت ڪيترائي سوال اٿاريا وڃن ٿا. طبي ماهرن جي راءِ آهي ته دل جي بيمارين جو اھم  سبب غير معياري کاڄرو تيل جو استعمال آهي. پر اسان جي مجبوري  آهي ته پنهنجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ درآمد ٿيل تيل تي ڀاڙڻو پوندو آهي، جنھن ۾ پام آئل  سڀ کان اڳيان آهي، جيڪو پاڪستان جي کاڄرو  تيل جي مارڪيٽ جو 70 سيڪڙو آهي. انڊونيشيا دنيا ۾ پام آئل جو برآمد ڪندڙ  وڏوملڪ آهي. جيڪو سال ۾ اٽڪل 50 ملين ميٽرڪ ٽن پام آئل تيار ڪري ٿو. ملائيشيا ٻئي نمبر تي آهي جنهن جي سالياني پيداوار اٽڪل 19 ملين ميٽرڪ ٽن  آهي.

گذريل مهيني، ڪراچي ۾ انڊونيشيا ۽پاڪستان پائيدار پام آئل تي ورڪشاپ ٿيو.، جنھن ۾ پام آئل جي صنعت جي مستقبل، بين الاقوامي اقتصادي تعاون ۽ پائيدار ترقي تي  غور ٿيو. ورڪشاپ ۾ شرڪت لاءِ ڊاڪٽر رزال افندي لقمان انڊونيشيا کان ڪراچي  آيو.هو ڪائونسل آف پام آئل  (سي پي او پي سي) جو سيڪريٽري جنرل آهي، جتي هو پائيدار طريقن کي فروغ ڏيڻ ۽ پام آئل انڊسٽري ۾ ميمبر ملڪن  ۾ سھڪار کي مضبوط ڪرڻ  واري ڪوششن جي اڳواڻي ڪري ٿو.

ڊاڪٽر لقمان انڊونيشيا جي اقتصادي معاملن واري وزارت ۾ بين الاقوامي اقتصادي تعاون جي نائب وزير طور ڪم ڪري چڪو آهي. ورڪشاپ کان پوءِ “عوامي آواز” ھن سان هڪ انٽرويو  ڪيو ويو.جنھن ۾ ھن چيو ته سي پي او پي سي، هڪ  عالمي تنظيم آهي جيڪا انڊونيشيا ۽ ملائيشيا پاران قائم ڪئي وئي آهي. اهي ٻئي ملڪ پام آئل جي عالمي پيداوار جو تقريباً 82 سيڪڙو پيدا ڪن ٿا. نومبر 2015 ۾ قائم ڪيل هن تنظيم جو بنيادي مقصد عالمي مشڪلات، خاص طور پام آئل سان لاڳاپيل مفروضن کي  ختم ڪرڻ  ۾ مدد مُهيا ڪرڻ لاءِ تعاون ڪرڻ آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾، هن  ڪو چوڻ ھو تھ نقاد عام طور تي پام آئل کي ٻيلن جي خاتمي، ماحولياتي تباهي ۽ ٻيلن  ۾ لڳندڙ باهه سان ڳنڍيندا آهن، خاص طور تي 1970  کان1990 جي وچ ۾ لڳل ٻيلن جي باهه سان ڳنڍين ٿا، ان عرصي دوران، پام آئل جي پيداوار تقريبن ست سيڪڙو في سال جي شرح سان وڌي. جڏھن تھ سال 2000 جي شروع کان  اھا شرح گھثجي ڪري چار سيڪڙو  رھجي وئي ، جنھن سان وڌيڪ واڌ جي بدران استحڪام جي نشاندهي ٿئي ٿي.

هن کان پڇيو ويو ته پام آئل پيدا ڪندڙ ملڪ دعويٰ ڪن ٿا ته هن تيل کي  رڌ پچاءَ  لاءِ استعمال ڪرڻ سان انساني صحت تي ھاڃيڪار اثر نه پوندا آهن، جڏهن ته دل جي بيمارين جي ماهرن جي راءِ  مختلف آهي ۽ صحت جي عالمي تنظيم (ڊبليو ايڇ او) جي رپورٽ ۾ پڻ ان راءِ  جي تائيد ٿئي ٿي.ڊاڪٽر لقمان چيو ته جيڪڏهن ڪا به شيءِ غلط  طريقي سان استعمال ڪئي ويندي ته اها غلط نتيجا ڏيندي. هي تيل  رڌپچاءِ لاءِ آهي، اسان ان کي شربت طور استعمال  نٿاڪري سگهون ٿا. ائين ڪرڻ جي صورت ۾ يقيني طور تي منفي نتيجو نڪرندو.هن چيو ته ڪو به اھڙو سائنسي ثبوت ناهي ته پام آئل صحت لاءِ خطرو پيدا ڪري ٿو.

هن چيو ته حقيقت اها آهي ته پام آئل جي سڀ کان وڏي استعمال ڪندڙن ۾ هندستان ۽ چين جهڙا ملڪ شامل آهن، ۽ انهن ٻنهي ملڪن جي آبادي لڳ ڀڳ  2 ارب 80 ڪروڙ آهي. اهي مسلسل وڏي مقدار ۾ پام آئل درآمد ڪن ٿا، جيڪڏهن اهو صحت لاءِ ھاڃيڪار هجي ها.انهن ملڪن کي پام آئل درآمد ڪرڻ جي  ڪھڙي ضرورت  ھئي؟ هندستان اڪيلو 9 ملين ميٽرڪ ٽن پام آئل درآمد ڪري ٿو، جڏهن ته چين جي درآمد  هر سال 5 ملين ميٽرڪ ٽن جي ويجهو آهن.

ڊاڪٽر لقمان ٻڌايو  ته انڊونيشيا ۽ ملائيشيا پائيداري جي  حوالي سان موجودھ خدشن جي روشني ۾ نئين پوکي جي واڌ تي لڳل پابندي  تي عمل ڪيو آھي ۽ ان حوالي سان تمام سخت معيار متعارف ڪرايا آهن ته جيئن پام آئل جي پيداوار ماحولياتي ۽ سماجي طور تي پائيدار هجي. گورننس جي اصولن سان مطابقت رکي ٿي. ان سوال جي جواب ۾ ته ڇا پام آئل جي وڌندڙ گهرج کي نظر ۾ رکندي نئين پوک تي  لڳل پابندي هٽائي ويندي ؟  هن چيو ته اسان پوک هيٺ ايراضي کي وڌائڻ کانسواءِ ان  جي گهرج کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون ۽ ٻن اھم حڪمت عملين  تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. پهرين حڪمت عملي ننڍن هارين جي پيداوار وڌائڻ آهي.

ڪيترائي ننڍا هاري غير سائنسي ۽ روايتي طريقا اختيار ڪندا آهن. پر اسان بهتر زرعي طريقا اختيار ڪندي پيداوار ۾ نمايان اضافو ڪري سگهون ٿا. ان آبپاشي  جو بھتر طريقو ۽ ڪيڙي مار دوائن جو استعمال شامل آهي. هن چيو ته پام آئل جي وڻ  جي عمر25 سال  ٿيندي آھي، جنهن کان پوءِ ان جي پيداوار گهٽجڻ لڳندي آهي ۽ نوان ٻوٽا لڳائڻا پوندا. اسان نون ٻوٽن پوکڻ جي پروگرام کي پڻ تيز ڪري رهيا آهيون. انڊونيشيا ۾ پام آئل جي پوک جو گهڻو حصو ننڍن زميندارن پاران ڪيو ويندو آهي ۽  سڀ کان بھتر ڳالھھ  اها هوندي ته هر سال 260,000 هيڪٽر زمين تي نوان ٻوٽا پوکيا وڃن. في الحال، 50 کان 60 هيڪٽر ٻوٽا هر سال ٻيهر پوکيا ويندا آهن.ماحولياتي تنظيمون خدشا ظاهر ڪنديون رهنديون آهن ته پام آئل جي پوک لاءِ ٻيلن کي ختم ڪيو پيو وڃي.

جنھن سان موسمياتي تبديلي کي روڪڻ واري ڪوشش کي نقصان رسي  رهيو آهي. ڊاڪٽر لقمان کان سوال پڇيو ويو تھ  جيتوڻيڪ ان حوالي سان مختلف فريم ورڪ تيار ڪيا ويا آهن، پر اهي معيار ڪيتري حد تائين يورپي يونين جي ٻيلن جي ضابطن سان مطابقت رکن ٿا؟ جنھن جي جواب ۾ ھن جو چوڻ ھو تھ  جٽاداري جي قومي معيارن کي تيزي سان عالمي فريم ورڪ سان هم آهنگ ڪيو پيو وڃي. ڪجهه معيارن تي عمل درآمد لازمي قرار ڏنو ويو  آهي ۽  اميد آهي ته ان جا سٺا نتيجا نڪرندا. جيتري قدر موسمياتي تبديلي جو تعلق آهي، تھ انڊونيشيا ٻين کان الڳ ٿلڳ نه آهي ۽ اسان کي بھ ٻين جيتري ڳڻتي آھي ۽ انهن تبديلين سان منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح جي  ڪوششن جو  اسين بھ حصو آهيون.

هن کان پڇيو ويو ته ڇا پاڪستان ۾ پام آئل  پوکڻ ممڪن آهي ۽  انڊونيشيا ان حوالي سان پاڪستان جي ڪھڙي مدد ڪري سگهي ٿو؟ هن چيو ته “منهنجي خيال ۾ پاڪستان جي ڪجهه علائقن ۾ پام آئل  جي پوکي ڪري سگهجي ٿي.” پر ان لاءِ، پاڪستاني ادارن کي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان لاءِ اسين  مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ۽ ان سان پاڪستان کي فائدو ٿيندو. ڪجهه آفريقي ملڪن به تجربا ڪيا آهن ۽  نتيجا مثبت آيا آهن. اھا ٻي ڳالھھ آهي.تھ پيداوار جي شرح مختلف آهي. هن چيو ته پام آئل جي سراسري عالمي پيداوار جي شرح 3.2 ٽن في هيڪٽر آهي، پر گھانا جهڙن ڪجهه آفريقي ملڪن ۾، اها شرح اڌ کان به گهٽ آهي،يعني 1.5 ٽن في هيڪٽر. ان جو دارو مدار مقامي موسم تي  ھوندوآهي. اهو ممڪن ناهي ته  جيتري پيداوار جي شرح ھڪ ملڪ جي آھي ٻين ملڪن ۾ لازمي طور تي ساڳي هوندي آهي. گھڻا ئي فصل اهڙا آهن جن جي پيداوار هڪ ملڪ ۾ تمام گهڻي آهي ۽ ٻين ملڪن ۾ گھٽ آھي.

سي پي او پي سي اهڙن علائقن ۾ پيداوار جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ پروگرام فراهم ڪري ٿو. ذڪر جوڳي ڳالھھ ھي آهي ته آفريڪا پام آئل جو گھر آهي. تنهن ڪري، اسان جي ڪوشش آھي تھ آفريقي ملڪن  جر مدد ڪئي وڃي.

تھ جئين اھي خود ڪفيل ٿي سگھن.۽ انڊونيشيا ۽ ملائيشيا کان درآمدات تي اھي گھٽ  ڀاڙين،پام آئل جي قيمت بابت هڪ سوال جي جواب ۾، هن چيو ته ان جو گهڻو  دارو مدار مختلف ملڪن جي ڊيوٽي ۽ ٽيڪس جي قانونن تي آهي. ڪنهن  ملڪ ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ مقامي ڪرنسي جي مٽاسٽا جي شرح پڻ پام آئل جي قيمت کي متاثر ڪري ٿي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾، هن چيو ته سي پي او پي سي، پام آئل ۽ ان جي صحت تي اثرن تي سرگرمي سان بحث ڪري ٿو. پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو خدشو هائيڊروجنريشن آهي، جنھن سان ٽرانس فيٽ جي سطح وڌي وڃي ٿي۽ دل جي بيماري جو خطرو وڌي ٿو. جيتوڻيڪ پام آئل پيدا ڪندڙ ان سلسلي ۾ مختلف ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ڇر ان ۾ وڌيڪ  اڳڀرائي جي ضرورت آهي.

ان سوال جي جواب ۾ ته رپورٽون آهن ته پام آئل 20 سيڪڙو بايو ڊيزل جي تياري ۾  استعمال ٿي رهيو آهي، ڇا  ان سان پام ائل درآمد ڪندڙ ملڪ متاثر ٿيندا؟ڊاڪٽر لقمان چيو ته ان جو دارومدار  خام پام آئل جي قيمتن تي آهي. جيڪڏهن خام پام آئل جي قيمت وڌيڪ هوندي ته پوءِ ان کي بايو ڊيزل ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ سرڪاري سبسڊي جي ضرورت پوندي. ان کي بايو ڊيزل ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ پيداوار وڌائڻي پوندي. ٻي صورت ۾،پام آئل درآمد ڪندڙ ملڪن کي مشڪل کي منھن ڏيڻو پوندو، انهن  جي سپلاءِ گهٽجي ويندي ۽ قيمتن ۾ عدم استحڪام پيدا ٿي ويندو.

فيبروري 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو