ملڪ سميت سنڌ اسيمبلي ۾ ڪشمير ين سان يڪجھتي جو پڙاڏو

Spread the love

5 فيبروري تي ھر سال ڪشمير ڊي جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويندو آھي، اھو رڳو هڪ عام ڏينهن ناهي ھوندو پر اھا ھڪڙي اھڙي تاريخ آھي، جنھن ۾ فرنگي دور حڪومت جي خاتمي بعد ھندستان پاران ڪشمير تي ولار ڪندي کيس پنھنجي رياستي عتاب جو نشان بڻايو، ڪشميرين مٿان اھڙي ڀارتي ظلم، جبر جو سلسلو ھلندڙ آھي، جيتوڻيڪ پاڪستان جي پھرئين چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو، سندس عظيم نياڻي بينظير ڀٽو سميت ملڪ جي سمورن چونڊيل توڙي آمر حڪمرانن ڪشميرين جي حقِ خود اراديت تي نھ رڳو اقوام متحدھ پر سموري دنيا اڳيان ڀارتي حڪومت جي حارجيت کي وائکو ڪيو آھي، ايشيا ۾ خوبصورت علائقي ڪشمير جي اھا بھ تاريخ آهي تھ انھن ڀارتي ظلمن ۽ ڏاڍ خلاف جيڪا ھمٿ ڀري آزادي واري جدوجھد شروع ڪئي آھي، ان کي پڻ اسان ائين ئي سلام پيش ڪيون ٿا، جھڙي طرح سان اسرائيل جي عتاب جو شڪار بڻيل مظلوم فلسيطين جي اڄوڪو ڏھاڙي ڪشميرين جي آزادي لاءِ ڪيل جدوجھد، همت، قرباني کي يادگار بڻائي ٿي. اھو ڏينهن سموري دنيا کي اھو احساس ڏياريندو آهي ته ڪشمير جي مظلوم عوام تي ٿيندڙ ظلمن کي وسارڻ ممڪن ناهي، انھن هزارين ڪشميري شهيدن جي قربانين کي ياد ڏياريندڙ ڏھاڙو آھي، ڇاڪاڻ تھ انھن مظلوم قوم جي ھيروز والاريل ڪشمير جي روڊن، رستن تي آزاديءَ جو نعرو هڻندي قابض استعماري قوت جي ظلمن کي دنيا آڏو وائکو ڪري رھيا آھن.
ڪشمير صدين کان خوبصورت وادي، شاعرن جي الهام جو ذريعو ۽ ثقافت جو مرڪز رهيو آهي پر بدقسمتيءَ سان، گڏيل ھندستان جي ورھاڱي وقت يعنيٰ 1947ع بعد هيءَ جنت جھڙي وادي ظلم ۽ جبر جي علامت بڻجي چڪي آهي ۽ نتيجي طور هندستاني قابض فوجن جي وحشي ڪاررواين سبب لکين ڪشميرين کي پنهنجا اباڻا اجھا ڇڏڻا پيا آھن ۽ هزارين ڪشميري نوجوانن کي گرفتار ڪيو ويو، بي گناهه عورتن ۽ ٻارن تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا ويا. اڄ به والاريل ڪشمير جي شهرن، ڳوٺن ۽ گهٽين ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ جا پاڇا موجود آهن.
ڪشمير مسئلو رڳو هندستان ۽ پاڪستان جو معاملو ناهي، پر اهو هڪ عالمي مسئلو آهي، جيڪو گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق حل ٿيڻ گهرجي، دنيا اندر انساني حقن جا چيمپيئن سڏرائيندڙ طاقتن کي به ڪشميرين جي حقن لاءِ ساڳئي جذبي ۽ جوش تحت آواز اٿارڻ گهرجي، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي خاموش رهڻ، دراصل ظلم کي هٿي وٺرائڻ برابر ڪڌو ۽ غير انساني عمل آهي. ڪشمير جي دلين ۾ آزاديءَ جو خواب ڌڙڪي رهيو آهي، سندن رت جو هر قطرو، سندن هر صدا، هرھڪ شهادت سموري انسانيت کان سوال پڇي رهي آهي تھ اوهين ڪڏهن سجاڳ ٿيندا ۽ اسان کي آزادي ڏياريندا ؟ هيءَ جدوجهد رڳو ڪشميرين جي نه پر عالمِ اسلام جي آهي، ان ڪري اچو ته اسان سڀئي 5 فيبروري واري ڏھاڙي تي اهو وچن ڪريون ته ڪشمير جي آزاديءَ تائين سندن آواز بڻجندارھنداسين، سندن جدوجهد کي عالمي سطح تي اجاگر ڪنداسين ۽ سندن قربانين جو سچو ساٿاري بڻجنداسين. ڪشمير، اڄ به اسان جو آهي، سڀاڻي به اسان جو هوندو!
پاڪستان جي حيثيت سان اسان هميشه ڪشمير جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد ڪئي آهي، پر هاڻ ضروري آهي ته عالمي برادريءَ کي به وڌيڪ متحرڪ ڪيو وڃي. ريست پاڪستان کي گهرجي ته اھو معاملو عالمي عدالتن، گڏيل قومن ۽ ٻين بين الاقوامي ادارن اڳيان رکيو وڃي ته جيئن ڪشميري پنھنجي ڌرتي تي ساھ کڻي سگھن.

فيبروري 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو