آءِ سي سي جو چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان

Spread the love

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) پاڪستان جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، پاڪستان ۾ ڪراچي، لاهور، راولپنڊي ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ دبئي ۾ شيڊيول ميچن لاءِ 12 امپائرز خدمتون انجام ڏيندا.
108 ميچن ۾ امپائرنگ جو ذميواريون انجام ڏيندڙ رچرڊ ڪئٽلبرو، جنهن 2017ع واري فائنل ۾ پڻ امپائرنگ ڪئي هئي جي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ واپسي ٿي آهي.
اهڙي طرح 2017ع واري ٽورنامينٽ دوران امپائرنگ ڪندڙ ڪرس گئفني، ڪمار ڌرما سينا، رچرڊ ايلنگ ورٿ، پال ريفل ۽ روڊ ٽڪر پڻ امپائرز پينل ۾ شامل آهن.
ان کانسواءِ ميگا ايونٽ لاءِ مائيڪل گف، ايڊرين هولڊسٽڪ، احسن رضا، شرف الدولا ابنِ شاهد، اليڪس وارف ۽ جوئل ولسن به امپائر هوندا.
ٽورنامينٽ لاءِ ڊيوڊ بون، رنجن مدوگالي، اينڊريو پائڪرافٽ ميچ ريفري طور خدمتون سرانجام ڏيندا.
ياد رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جا مقابلا 19 فيبروري کان 9 مارچ تائين پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ کيڏيا ويندا.

فيبروري 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو