بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون، 23 دهشتگرد مارجي ويا، 18 جوان شهيد

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪارروائيون ڪندي 23 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته ايف سي جا 18 جوان به شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب قلات جي علائقي منگوچر ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن به حصو ورتو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڪارروائي دهشتگردن طرفان روڊ بلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش تي ڪئي وئي، جنهن دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته منگوچر آپريشن ۾ دهشتگردن سان وڙهندي 18 ايف سي جوان شهيد ٿي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب 31 جنوري ۽ پهرين فيبروري جي وچين رات دهشتگردن روڊ بلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا فوري طور متحرڪ ٿيا ۽ دهشتگردن جي ڪارروائي کي ڪاميابي سان ناڪام بڻايو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته قلات جي علائقي منگوچر ۾ ٿيندڙ ڪارروائي کي ڏسندي هرنائي ۾ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ وڌيڪ 11 دهشتگردن کي ماريو ويو.

فيبروري 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو