آسٽريلوي ڪرڪٽ ٽيم کي وڏو جهٽڪو، اهم رانديگر چيمپيئنز ٽرافي کان ٻاهر

Spread the love

ميلبرن (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم کي وڏو جهٽڪو لڳي ويو.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب آل رائونڊر مچل مارش کي ڪجهه ڏينهن کان چيلهه جي تڪليف هئي، جنهن سبب هو هاڻ چيمپيئنز ٽرافي کان ٻاهر ٿي ويو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا ٻڌايو ته ري هيب دوران مچل مارش جي تڪليف ۾ گهٽتائي ناهي ٿي، جنهن سبب هو هاڻ ٽورنامنٽ جو حصو نه هوندو.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب مچل مارش وڌيڪ آرام ۽ ري هيب ۾ حصو وٺندو، جڏهن ته سندس متبادل جو اعلان جلد ڪيو ويندو.

جنوري 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو