مسٽر 360 اي بي ڊويليئرز جو ڪرڪيٽ ۾ واپسيءَ جو اعلان

Spread the love

جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) 4 سال اڳ هر قسم جي ڪرڪيٽ کي الوداع چوندڙ اي بي ڊويليئرز ڪرڪيٽ ۾ واپسي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اڱاري ڏينهن اڳوڻي ڪرڪيٽر تصديق ڪئي ته شوقين کيس ٻيهر ميدان ۾ ڪرڪيٽ کيڏندي ڏسندا.
هن چيو ته مان هلندڙ سال ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز جي ٻئي ايڊيشن ۾ نه رڳو ڏکڻ آفريقا چيمپيئنز جي نمائندگي ڪندس پر ڪپتاني به ڪندس.
ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز هڪ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ۾ آهي، جنهن ۾ رٽائرڊ ڪرڪيٽر حصو وٺندا آهن.
ڪرڪيٽ ۾ واپسي جي فيصلي تي روشني وجهندي اي بي ڊويليئرز چيو ته 4 سال اڳ مان هر قسم جي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ ورتي هئي، ڇو ته مون کي وڌيڪ کيڏڻ جي خواهش نه هئي پر هاڻ وقت گذري چڪو آهي ۽ ٻيهر ڪرڪيٽ کيڏڻ جو شوق پيدا ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري مان واپسي جي تياري ڪري رهيو آهيان.
واضح رهي ته اي بي ڊويليئرز 2018 ۾ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو پر هو 2021 تائين فرنچائز ڪرڪيٽ کيڏندو رهيو، پوءِ هن 2021 ۾ هر قسم جي ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو، هن آخري ميچ آءِ پي ايل ۾ بينگلور طرفان کيڏي هئي.
ياد رهي ته ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز جو ٻيو ايڊيشن هلندڙ سال جولاءِ ۾ ٿيندو، پهرئين سيزن جي فائنل ۾ پاڪستان ڀارت هٿان شڪست جو منهن ڏٺو هو.

جنوري 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو