آمريڪي سيڙپڪارن جي وفد پاڪستان ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ارب پتي سيڙپڪارن جي وفد جي سربراهه جينٽري بيچ چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي جينٽري بيچ چيو ته پاڪستان اچي ڏاڍي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، پاڪستان جا ماڻهو گهڻا ذهين ۽ محنتي آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا تاريخي آهن.
هن چيو ته دنيا ۾ امن ۽ ترقي جو نئون دور شروع ٿي چڪو آهي، آمريڪا ۾ پاڪستان جي حوالي سان ڪجهه غلط فهميون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڊونلڊ ٽرمپ جي اقتصادي سفارتڪاري تي يقين رکون ٿا، آمريڪي سيڙپڪارن جو وفد پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ آيو آهي.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا پاڪستان ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو، آمريڪي سيڙپڪار هٿرادو ذهانت، ريئل اسٽيٽ ۽ معدنيات ۾ سيڙپڪاري جا خواهشمند آهن، پاڪستان جي موجوده قيادت نئين آمريڪي قيادت سان مڪل طور هم آهنگ آهي.

جنوري 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو