ڪرڪٽرن پاران اداڪارائن کي ميسيج ڪرڻ ۾ ڪهڙي خراب ڳالهه آهي؟ شاداب خان
لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان، اداڪارن طرفان ڪيل دعوائن بابت سوال جو حيران ڪندڙ جواب ڏئي ڇڏيو.
شاداب خان هڪ نجي ٽي وي شو دوران هڪ عورت جي سوال ”گهڻو ڪري اداڪارائون دعويٰ ڪن ٿيون ته کين ڪرڪٽرن ميسيج ڪندا آهن، اوهان ڪنهن کي پيغام اُماڻيو؟“ جو حيران ڪندڙ جواب ڏنو.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪرڪٽر ميسيج ڪن ٿا ته ان ۾ ڪهڙي خراب ڳالهه آهي؟ جيڪڏهن ڪنهن اداڪارا کي ڊي ايم پسند ناهي ته ان جو سولو حل اهو آهي ته ان کي نظرانداز ڪيو وڃي.
شاداب وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهو شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن، خاص طور تي ورلڊڪپ يا وڏن ايونٽن دوران اهڙيون ڳالهيون سامهون اينديون آهن.
هن ٻڌايو ته جڏهن اهڙيون ڳالهيون سامهون اينديون آهن ته اسان پاڻ ۾ هڪٻئي کان پڇاڻو ڪندا آهيون ته ڪنهن ميسيج ڪيو؟
ياد رهي ته پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي ڪيترين ئي اداڪارائن طرفان دعوائون ڪيون ويون آهن ته ڪيترن ئي ڪرڪٽرن طرفان کين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي ميسيج ڪيا ويندا آهن.