ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي

چنائي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ميچ چيپوڪ ايم اي چدمبرم ڪرڪيٽ اسٽيڊيم۾ پاڪستاني وقت موجب شام ساڍي ڇهين وڳي شروع ٿيندي.
ڀارت کي سيريز ۾ هڪ-ٻڙي جي سرسي حاصل آهي. سيريز جي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ڪولڪتا ۾ ٿي، جتي ڀارتي ٽيم شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري انگلينڊ کي ستن وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.
ٻين ميچ لاءِ ٻنهي ٽيمن جي تياريون زور شور سان جاري آهن ۽ ڀارت پنهنجي سرسي کي برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي، جڏهن ته انگلينڊ سيريز ۾ واپسي لاءِ پرجوش آهي.