تعليمي سرشتي کي ناڪاره بڻائڻ وارن ڪردارن کي وائکو ڪرڻ گهرجي…..

Spread the love

سموري دنيا ۾ اڄ تعليم جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، انهيءَ موقعي تي اسان کي به پنهنجي تعليمي نظام ۾ جهاتي پائڻ گهرجي ته بحيثيت قوم اسان به تعليم جي حوالي سان دنيا سان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ترقي وارو ارتقائي سفر ڪري رهيا آهيون يا تعليم کي تباهه ڪري پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو هڻي ترقي پذير ملڪن جي لسٽ ۾شامل ٿي رهيا آهيون. سال 2024ع جي رپورٽن مطابق سنڌ صوبي ۾ بند پيل اسڪولن جو انگ هزارن جي تعداد ۾آهي، جنهن سان تقريبن 2 لک ٽيهه هزار شاگردن جي تعليم متاثر ٿي آهي، ان سلسلي ۾صوبائي وزير تعليم جو چوڻ آهي ته 2889 بند پيل اسڪول کوليا ويا آهن، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ کي سنڌ حڪومت پاران آگاهي ڏني وئي ته بند پيل اسڪولن مان 540 ٻيهر کوليا ويا آهن ۽ 2،769 سرڪاري اسڪول استادن کان سواءِ هلي رهيا آهن، جتي تدريسي نظام ٺُپ آهي، ان کان سواءِ سنڌ ۾ 2010ع دوران آيل مها ٻوڏ دوران هزارين اسڪول ختم ٿي ويا آهن، انهن جي بحالي پڻ حڪومت لاءِ هڪڙو وڏو سوال بڻيل آهي، اهڙي طرح سان نااهل حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن، پوليو مهم، قدرتي آفتن دوران اسڪول بند ڪيا ويندا آهن، جنهن سان شاگردن جي قابليت متاثر ٿيندي رهي آهي.

هتي اسان تقريبن چئن ڏهاڪو سالن کان اڳ واري شاندار تعليمي نظام جي اُپٽار ڪيون ٿا، انهيءُ عرصي دوران پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح رحه، ملڪ جو پهريون چونڊيل وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، ملڪ جي پهرئين چونڊيل وزير اعظم ۽ جمهوريت جي چيمپيئن شهيد بينظير ڀٽو، اڳوڻي وزير اعظم محمد نواز شريف  ۽ ٻين اهم شخصيتن سميت ماضي ۾حڪمران رهندڙ شخصيتون ۽ اسٽبلشمنٽ جا مُهرا پڻ پنهنجي رياستي تعليمي نظام وسيلي بنيادي تعليم حاصل ڪندي قابل بڻجي ملڪ جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، تنهن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. انهيءُ شاندار تعليمي نظام جي تباهي جو سلسلو ان وقت کان شروع ٿيو، جڏهن ڪاپي ڪلچر جي شروعات ٿي، جنهن ڪري ملڪ جي نوجوان طبقي مان اهليت جي معيار جو خاتمو ٿيو، انهيءَ نااهل قيادت سياست، سماجيات، معاشيات سميت ٻين شعبن ۾اهم عهدن تي پهتي ته نه رڳو تعليم جي تباهي ملڪ جو مقدر بڻي پر ملڪ جا ٻيا شعبا پڻ سخت متاثر ٿيا، اهو ئي سبب آهي جو ملڪ جي نااهل حڪمرانن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي مهرن نظريي پاڪستان کي پُٺي ڏيندي ڪرپشن تي زور ڏنو جنهن ڪري ملڪ جي تقريبن سمورن شعبن ۾ ترقي وارو سفر رڪجي ويو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته ڪنهن به کاتي ۾ شفافيت جو ڪوبه تصور نه رهيو، جنهن ڪري سرڪاري اسڪولن، اسپتالن، حڪومتي سماجي ادارن، پيداواري ادارن جي بدانتظامي بابت ملڪ جو ڪروڙين عوام سرعام دانهون ڪري رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو اسلام ۾ حڪم آهي ته “علم انسان جي ٽئين اک آهي، جيڪڏهن ٽئين اک هوندي ئي نه ته پوءِ سُٺي ۽ خراب جي پرک ڪرڻ ممڪن ئي نه هوندي.ا ن سلسلي ۾ڏاهن جو پڻ اهو چوڻ آهي ته “ڪا به قوم جامع تعليمي نظام کان سواءِ خوشحالي حاصل ڪرڻ جو سوچي نٿي سگهي”.

پاڪستان جي باني ۽ قائداعظم محمد علي جناح رحه پاران پهرين قومي تعليمي ڪانفرنس ۾تعليم جي اهميت تي زور ڏنو. 2010ع جي آئين جي آرٽيڪل اي-25 تحت 5 کان 16 سالن جي عمروارن ٻارن لاءِ مفت ۽ ضروري تعليم لازمي قرار ڏنو. مئي 2024ع ۾پلاننگ ڪميشن تحت وزيراعظم شهباز شريف تقريبن 26 ملين اسڪول کان ٻاهر رهندڙ ٻارن کي اسڪولن ۾داخلا ڏيڻ بابت تعليمي ايمرجنسي جو اعلان ڪيو. سيپٽمبر 2024ع ۾ بين الاقوامي خواندگيءَ واري عالمي ڏهاڙ تي وزيراعظم شهباز شريف تعليمي ايمرجنسي جو ورجاءُ ڪندي خانگي شعبي ۽ سول سوسائٽي جي سهڪار تي زور ڏنو، ا هڙين ڪوششن باوجود ملڪ جو تعليمي سرشتو عالمي تعليمي نظام پٽاندڙ لاڳو ناهي ٿي سگهيو، جنهن جو ذميوار حڪمران ۽ تعليمي سرشتي ۾ موجود اسٽبلشمينٽ جا مهرا آهن. هتي سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته اربين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود سرڪاري تعليمي نظام بهتر نه ٿيڻ ۽ ان جي ڀيٽ ۾خانگي شعبي اندر تعليمي بهتري جا ڪارڻ تلاش ڪري ذميوار ڌرين کي ڏوهارين جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏيڻ گهرجي ته جيئن نوجوانن جي معياري تعليمي جي اوسر ٿي سگهي ۽ قابل قيادت ملڪ کي ترقي وٺرائي بدحال سماج کي بهتر بڻائي سگهي.

جنوري 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو