چيمپيئنز ٽرافي: روهت شرما پاڪستان ايندو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما ڪپتانن واري تقريب لاءِ پاڪستان ايندو يا نه ؟ ان جو فيصلو اڃا تائين ناهي ٿي سگهيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، بي سي سي آءِ طرفان چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڪپتانن جي فوٽو شوٽ ۽ ڪانفرنس لاءِ روهت شرما جي پاڪستان اچڻ بابت باظابطا بيان جاري ناهي ڪيو.
روهت شرما جو ڪپتانن جي ايونٽ لاءِ پاڪستان اچڻ بابت اڃا تائين واضح نه آهي جڏهن ته چيمپيئنز ٽرافي جي ڪپتانن واري تقريب طور 16 يا 17 فيبروري تي ڪراچي ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.
ان ڏس ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري ديوجيت سائيڪيا جو چوڻ آهي ته روهت شرما سان پاڪستان وڃڻ بابت رابطو ناهي ٿيو، اِهو معاملو في الحال ايجنڊا ۾ شامل نه آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ان ڳالهه جي تصديق ناهي ٿي ته روهت شرما لاءِ ڀارتي بورڊ حڪومت اجازت گهربل آهي.
واضح رهي ته پي سي بي اڳواٽ ئي آءِ سي سي کي چئي چڪو آهي ته سڀ ڪجهه پاليسين ۽ روايت موجب ٿيڻ گهرجي.