راکي جو هانيا سان ملڻ لاءِ پاڪستان اچڻ جو اعلان
ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ۽ ماڊل راکي ساونت هانيا عامر سان ملڻ لاءِ پاڪستان اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
راکي ساونت طرفان هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪئي وئي جنهن ۾ هن کي هڪ بيگ سميت ايئرپورٽ تي ڏسي سگهجي ٿو.
وڊيو پيغام ۾ راکي پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪندي چيو ته هوءَ پاڪستان اچي رهي آهي ۽ هانيا عامر جي گهر ۾ ساڻس گڏ رهڻ چاهي ٿي.
راکي چيو ته ”مان پاڪستان جي سڀ کان وڏي سپر اسٽار هانيا، نرگس ۽ ٻين سان ملڻ چاهيان ٿي، انڪري پاڪستان اچي رهي آهيان.“
سوشل ميڊيا تي راکي ساونت ۽ هانيا عامر وچ ۾ دلچسپ وڊيوز پيغامن جي ڏي وٺ جو سلسلو جاري آهي جنهن مان واهپيدار پڻ لطف اندوز ٿي رهيا آهن.
راکي جي وڊيو تي واهپيدار مزاحيه انداز ۾ هانيا کي مخاطب ڪندي چئي رهيا آهن ته ”هانيا راکي پاڪستان اچي رهي آهي تون پاڪستان مان هلي وڃ.“
هانيا عامر به راکي جي وڊيو پيغام تي جواب ڏيندي چيو ته ” مان رڳو اِهو چوڻ چاهيان ٿي ته پهريان منهنجي زندگي ڏاڏي غمگين هئي ۽ پوءِ منهنجي زندگي ۾ راکي ساونت آئي، راکي جي! مان اوهان جو ايئرپورٽ تي اوسيئڙو ڪنديس.“
