چيمپيئنز ٽرافي: صائم ايوب جي جاءِ تي ڪنهن کي کيڏائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز دوران زخمي ٿيندڙ نوجوان اوپنر صائم ايوب جي آئي سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت شڪي ٿي وئي آهي، ان خدشن کانپوءِ قومي سليڪٽرز ٽيسٽ ڪپتان شان مسعود کي آزماڻ تي غور ڪري رهيا آهن، پر ان جو دارومدار ويسٽ انڊيز خلاف آخري ٽيسٽ ۾ شان مسعود جي ڪارڪردگي تي آهي، جڏهن ته امام الحق به هڪ آپشن طور موجود آهي.
ذريعن موجب، عبدالله شفيق جي خراب ڪارڪردگي کانپوءِ سليڪٽرز ون ڊي فارميٽ ۾ صائم ايوب جي جاءِ تي شان مسعود کي موقعو ڏيڻ تي غور ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته شان مسعود 50 اوورن واري ڪرڪيٽ ۾ ڊگهي اننگز کيڏي سگهي ٿو.
چيمپيئنز ٽرافي لاءِ امڪاني رانديگرن جا نالا سامهون آيا
شان مسعود 9 ون ڊي ميچز ۾ هڪ ففٽي جي مدد سان 163 رنز ٺاهيون آهن، هن آخري ڀيرو 2023 ۾ نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي هئي.
شان انگلش ڪائونٽي سيزن سميت پاڪستان ۾ به ون ڊي ڪرڪيٽ کيڏي ٿو، جڏهن ته فخر زمان جي ٽيم ۾ واپسي يقيني آهي ۽ شاداب خان جي شموليت جا امڪان تمام گهٽ آهن.
هڪ هفتي اندر سليڪٽرز ٽه ملڪي ون ڊي سيريز لاءِ ٽيم جو اعلان ڪندا، امڪاني طور تي ٽه ملڪي سيريز کيڏندڙ ٽيم ئي چيمپيئنز ٽرافي ۾ حصو وٺندي.
صائم ايوب هلندڙ مهيني جي آخر تائين انگلينڊ ۾ رهندو، جتي ميڊيڪل پينل جي هدايت تي سندس ري هيب جاري آهي، فيبروري جي شروعات ۾ سندس وطن واپسي جو امڪان آهي، پر ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ جلدبازي کان پاسو ڪيو پيو وڃي.
چيمپئنز ٽرافي لاءِ حتمي مشاورت
ذريعن موجب، چيمپيئنز ٽرافي اسڪواڊ مان آئوٽ آف فارم عبدالله شفيق ۽ عثمان خان کي ڊراپ ڪرڻ جو امڪان آهي.
امام الحق ۽ حسيب الله جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته محمد رضوان، بابر اعظم، سلمان علي آغا، طيب طاهر، ۽ عرفان خان جي شموليت جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ محمد حسنين، نسيم شاهه، شاهين آفريدي، حارث رئوف، ڪامران غلام، ابرار احمد، ۽ سفيان مقيم به اسڪواڊ جو حصو ٿي سگهن ٿا.
واضح رهي ته ميگا ايونٽ لاءِ 11 فيبروري تائين حتمي اسڪواڊ جو اعلان ڪرڻ لازمي آهي، پاڪستان، ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزيلينڊ جي ٽه سيريز جي پهرين ميچ 8 فيبروري تي کيڏي ويندي.