” ڪرڪيٽ ميچ جو بائيڪاٽ نه ڪيو وڃي“ افغان شهرين جي برطانوي سياستدانن کي درخواست

لنڊن (ويب ڊيسڪ) عورتن کي تعليمي حق ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي برطانيه سميت مختلف ملڪن پاران افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم سان چيمپيئنز ٽرافي ۾ ميچ نه کيڏڻ جو اعلان کانپوءِ برطانيه ۾ افغان شهري پارليامينٽ ۾ هڪ ٺهراءِ جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
مختلف ملڪن طرفان پاڪستان ۾ شيڊيول آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي دوران افغانستان جي بائيڪاٽ جو مطالبو سامهون اچڻ کانپوءِ برطانيه ۾ رهندڙ ڪيترن ئي افغانن افغانستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي حمايت ۾ هڪ اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.
اجلاس جي منتظمين جو چوڻ آهي ته هو ان حوالي سان هڪ ٺهراءُ برطانوي پارليامينٽ ۾ جمع ڪرائيندا، جنهن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته هو ” واضح طور تي عورتن جي تعليم ۽ حقن بابت طالبان جي پاليسين جي مذمت ڪن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته افغان ٽيم مٿان پابندي مڙهڻ جي مهم غلط، بي مطلب ۽ افغان برطانيا مفادن کي نقصان پهچائي ٿي.“
خط ۾ برطانوي سياستدانن کي درخواست ڪئي وئي آهي ته هو افغان ڪرڪيٽ جي حمايت ڪن ڇو ته هنن افغان شهرين جي مدد جو واعدو ڪيو هو.
اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ افغان پارليامينٽ جي اڳوڻي نمائندي شڪريه بازڪزئي موجب، ” ڪرڪيٽ نه رڳو اسان کي خوشي ڏئي ٿي پر اسان جي سڃاڻپ پڻ محفوظ رکي ٿي، ڪرڪيٽ افغانستان جي قومي سڃاڻپ آهي.“
واضح رهي ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ افغانستان خلاف ميچ کان اڳ، 150 کان وڌيڪ برطانوي سياستدانن انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ کي اپيل ڪئي هئي ته هو عورتن جي حقن جي لتاڙ تي طالبان حڪومت خلاف سخت قدم کڻي ۽ افغانستان خلاف ميچ جو بائيڪاٽ ڪري.
انگلينڊ ۽ افغانستان جو ميچ 26 فيبروري تي لاهور ۾ شيڊيول آهي، سياستدانن جو مطالبو آهي ته اها ميچ لاهور ۾ نه کيڏي وڃي ۽ طالبان کي سخت پيغام ڏنو وڃي ته انساني حقن جون ڀڃڪڙيون برداشت نه ڪيون وينديون.
ليبر پارٽي جي ميمبر ٽونيا انٽونياٽزي جي لکيل خط تي ريفارم پارٽي جي اڳواڻ نائجل فراج ۽ ليبر پارٽي جي اڳوڻي سربراهه جيرمي ڪوربن سميت ڪيترن ئي سياستدانن ڪيون هيون.