ڪراچِيءَ جُون سِنيمائُون ــ 2

Spread the love

ياسر قاضي

گذريل هفتي کان پاڻ ڪراچيءَ جي سنيما گھرن جو قصو کنيو ويٺا آهيون. اڄ جي نؤجوانن کي شايد اهو اندازو نه هجي ته 1960ع ۽ 1970ع جي ڏهاڪي واري ڪراچي اڄ واري ڪراچيءَ کان هر حوالي سان خوشحال ۽ ترقي يافته هئي، جڏهن اها اڃا فليٽن جو قبرستان ڪانه بڻي هئي، پاڻيءَ جي قلت جو شڪار نه ٿي هئي ۽ بلڊنگ مافيه ان جي سهڻن علائقن توڙي روڊ رستن کي اڃا يرغمال ڪونه ڪيو هو.

ان ئي عروج واري دؤر ۾ 1970ع ڌاري هن شهر جي رهندڙن کي هتان جي پهرين ”ڊرائِيو ــ اِن“ سنيما ملي، جنهن جو نالو ”ڊرِيم لينڊ ڊرائيو اِن سنيما“ هو، جيڪا ڊرگ روڊ ريلوي اسٽيشن ڀرسان هڪ وڏي ميدان جي صورت ۾ ٺهي. (ياد رهي ته اڄوڪي ”شاهراههِ فيصل“ جو پراڻو نالو ”ڊرگ روڊ“ آهي، جيڪو نالو مٿس انگريز دؤر ۾ پيو. ان کانپوءِ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽي، شهر جي ان مُک راهه گذر جي سعودي بادشاهه شاهه فيصل جي ڏنل پيسن مان نئين سِر ٺهرائي، ان کي ’ميٽروپول‘ هوٽل کان نئين ٺهيل ايئرپورٽ تائين وڌايو، تڏهن ان جو نالو ”ڊرگ روڊ“ مان مَٽائي ”شاهراههِ فيصل“ رکيو ويو.) ”ڊرِيم لينڊ سنيما“ ۾ هر فلم بين گاڏيءَ ۾ ويهي فلم ڏسندو هو. هڪ وڏي سنيما اسڪرين تي اها فلم هلندي هئي ۽ هر گاڏيءَ جي ڀرسان هڪ ٿنڀي ۾ اسپيڪر لڳل هوندو هو، جيڪو ڊرائيور واري پاسي جي شيشي ۾ سلهاڙبو هو، جتان فلم جو آواز گاڏين ۾ ويٺلَ ٻُڌندا هئا ۽ لطف اندوز ٿيندا هئا. هر اسپيڪر ۾ آواز گھٽائڻ ۽ وڌائڻ جي سهولت موجود هوندي هئي ۽ هر گاڏيءَ ۾ موجود فلم بينَ پنهنجي اسپيڪر جو آواز پنهنجي سهولت آهر گھٽائي توڙي وڌائي سگھندا هئا. ڪوئي گاڏيءَ جي اندر ويهي فلم ڏسڻ پسند ڪندو هو ته ڪي ڇَڙها ڇانڊَ ڇوڪرا ٻاڪرا گاڏيءَ جي بانَٽ تي ويهي فلم جو مزو وٺندا هئا. ان کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ ڊرائيو ــ اِن سنيمائن جو ڄڻ ته رواج پئجي ويو. ٻه ڊرائيو ــ اِن سنيما گھرَ ته خود ”ڊريم لينڊ“ جي سامهون کليا. ان زماني ۾ ڪراچيءَ جي مشهور ڊرائِيو ــ اِن سنيما گھرن ۾ لالُوکيت ۾ واقع ”نيرنگ ڊرائيو ــ اِن سنيما“، ناظم آباد جِي ”مسرت ڊرائيو ــ اِن سنيما“، صدر ۾ ”قسمت ڊرائيو ــ اِن سنيما“ ۽ ڪورنگيءَ جي ”شيرين ڊرائيو ــ اِن سنيما“ شامل آهن. انهن ڊرائيو اِن سنيما گھر ۾ اسان يونيورسٽي روڊ تي واقع ”دِي مَرِي ڊرائيو اِن سنيما“ جو ذڪر ڪيئن ٿا وساري سگھون، جيڪا ڪراچيءَ جي وڏي ۾ وڏي ڊرائيو اِن سنيما هئي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت 700 گاڏين بيهارڻ جي گنجائش هئي.  اڄ جي نؤجوان لاءِ ڊرائيو اِن سنيما جو تصور شايد ٿورو انوکو هجي، پر دنيا ۾ اسان کان اڳ به ان قسم جا سنيما گھر موجود هئا ۽ اسان وٽان اها ثقافت ختم ٿيڻ کانپوءِ به اڄ تائين ان قسم جي تفريح موجود آهي، پر ڇاڪاڻ ته اسان وٽ اها تفريح ڪجھه سالن لاءِ آئي ۽ پوءِ ان کي جاري رهڻ نه ڏنو ويو، تڏهن هِن دؤر جي نؤجوان لاءِ يقيناً ان جو ذڪر عجيب هوندو. ڊرائِيو اِن سنيما جي عالمي رواج جو ذڪر ڪنداسون ته دنيا ۾ پهرين ڊرائيو اِن سينما امريڪي رياست نيُو جرسي جي ’ڪئمڊن‘ نالي شهر ۾ 6 جون 1933ع تي کلي. اها نئين طرز جي سنيما ’رچرڊ هالنگ هيڊ‘ شروع ڪئي، جنهن کي ڊرائيو ــ اِن مُووي ٿيئٽر جي تصوّر جو مُوجد مڃيو وڃي ٿو.

چون ٿا ته ڪراچيءَ جِي پهرين سنيما ”اسٽار سنيما“ هئي، جيڪا بندر روڊ تي 1917 يا 1918ع ڌاري ٺهي.جڏهن ته ورهاڱي کانپوءِ شهر ۾ ٺهندڙ پهرين سنيما مارسٽن روڊ تي واقع ”جُوبلي سنيما“ هئي. ڪراچيءَ جي بعد ۾ مشهور ٿيندڙ ٻين سنيمائن ۾ ”لِرڪ“، ”گوڊين“، ”ايروز“، ”رِوولي“، ”ڪوهنور“ ۽ ”رينو“ وغيره شامل آهن.

اُن زماني ۾ ڪراچيءَ جي هر ننڍي وڏي علائقي ۾ سنيما گھر موجود هئا، جن منجھان اڪثر هاڻي بند ٿي چُڪا آهن. مزي جي ڳالهه اها آهي ته ان زماني ۾ ڪلفٽن جي علائقي ۾ ڪابه سنيما ڪانه هئي. منهوڙي جا رهندڙ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڪياماڙيءَ جي ”نگينا“ سنيما ۾ فلم ڏسڻ ايندا هئا. ڪراچيءَ ۾ فلمون ڏسڻ جي شوق جو عالم اهو هو جو کوڙ سارين فلمن هتان جي سنيما گھرن ۾ سلور جُوبلي (25 هفتن تائين نمائش) ۽ گولڊن جوبلي (50 هفتن تائين نمائش تي لڳل رهڻ) جا ريڪارڊ ٺاهيا. ڪراچيءَ ۾ اهڙين سلور ۽ گولڊن جُوبلي ڪندڙ فلمن ۾ ”اڪ تيرا سهارا“، ”قيدي“ ۽ ”عيد مبارڪ“ جهڙيون فلمون شامل آهن، جڏهن ته ”آشيانه“، ”ارمان“ ۽ ”هيرا اور پٿر“ جهڙين فلمن پلاٽينيم جُوبلي پڻ مڪمل ڪئي. اردو فلمن کانسواءِ ڪئين انگريزي فلمون پڻ ڪراچيءَ جي سنيمائن ۾ مهينن تائين لڳيل رهيون، جيئن ”ڪَم سيپٽيمبر“ جهڙي فلم ”رِيو“ سنيما ۾ مهينن تائين لڳل رهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ شوقينن جا ڪٽڪَ ايندا رهيا.

ان زماني ۾ گنجائش جي لحاظ کان ڪراچيءَ جي وڏين سنيمائن ۾ گارڊن روڊ تي واقع ”پرنس سنيما“ (جنهن ۾ 1392 نشستن جي گنجائش هئي) ۽ صدر ۾ واقع ”رِيو سنيما“ (جنهن ۾ 1110 سيٽن جي گنجائش هئي.) شامل هيون، جڏهن ته شهر جُون ننڍي ۾ ننڍيُون سنيمائون بندر روڊ تي واقع ”پرنسز سنيما“ (132 سيٽون) ۽ گارڊن روڊ تي واقع ”اسڪالا سنيما“ (144 سيٽُون) هيون. اها به ياد رکڻ جهڙي ڳالهه آهي ته ان دؤر ۾ ڪراچيءَ ۾ ايڏيون سنيمائون موجود هيون، جو انهن مان ڪي سنيمائون خاص ٻولين يا خاص صنفن تي فلمون ڏيکارڻ لاءِ مخصوص هيون. مثال طور: ”نشاط“ ۽ ”پلازا“ سنيما ۾ فقط اردو فلمون ۽ ”گوڊين“ ۽ ”اسڪالا“ سنيما ۾ فقط انگريزي فلمون ڏيکاريون وينديون هيون. ”ريگل سنيما“ (جتي هاڻي صدر جو رِيگل چوڪ آهي) تي فقط ڀارتي فلمن جي نمائش ٿيندي هئي ته ”لائيٽ هائوس سنيما“ فقط پشتو فلمون نمائش ڪندي هئي. ”پيليس سنيما“ رڳو ڪاميڊي فلمون لڳائيندي هئي ته “ڪيپيٽول سنيما“ جنگي، رومن دؤر ۽ وڪٽورين دؤر جون تاريخي فلمون نمائش ڪندي هئي. ”پيراڊائيز سنيما“ رڳو ايڪشن مُوويز نمائش ڪندي هئي ته ”ريڪس سنيما“ فقط ڊراما ۽ ڪاميڊي فلمون نماءَ لاءِ لڳائيندي هئي، جڏهن ته ”رِٽز سنيما“ رڳو ’ڪنگ فُو‘ ۽ ’ڪراٽي‘ وارين فلمن جي نمائش ڪندي هئي. ان طرح سان انهن انهن موضوعن جي فلمن جي شوقينن لاءِ چُونڊَ جِي آساني هوندي هئي ته هُو پنهنجي گُھربلَ فلم ڏسڻ لاءِ ڪهڙي سنيما جو رُخ ڪن.

1967ع تائين ڪراچي، پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هتان جي سينما گھرن، عام ماڻهن سان گڏوگڏ سياسي ليڊرن ۽ حڪمرانن کي پڻ ڏهاڪن تائين تفريح فراهم ڪئي. 1962ع ۾”بيمبينو سنيما“ ۾ پاڪستان جي تڏهوڪي صدر، فوجي آمرَ ايوب خان پنهنجي پورِي ڪابينا لاءِ ”لارنس آف عريبيا“ جي خاص نمائش ڪرائي ۽ انهن سان گڏ اها فلم ڏٺي. اهڙيءَ ريت صدر جي ”ڪيپيٽول سنيما“ ۾ ڀُٽو خاندان اڪثر گڏجي مختلف تاريخي فلمون ڏسڻ ويندو هو. هنن 1964ع ۾ اتي گڏجي ”دِي سائيِن آف گليڊيئيٽر“ پڻ ڏٺي.

1980ع کان پوءِ ”ريڪس“ جهڙن ڪجهه سئنيما هالن کي آڊيٽوريم ۾ تبديل ڪيو ويو. ڪجھه سنيمائن کي ڊاهي پٽ ڪري هڪ بدران ٻه سئنيما هال ٺاهيا ويا، جيئن بندر روڊ تي واقع ”ميجسٽڪ سنيما“ کي ڊاهي ان جِي جاءِ تي ”ڪِنگ“ ۽ ”ڪُوئن سنيما نالي جاڙيون سنيمائُون ٺاهيون ويون ۽ ”نيرنگ سنيما“ کي ڊاهي ”مِيزاب“ ۽ ”وينس“ نالي ٻه سنيما هال ٺاهيا ويا. ڪراچيءَ ۾ وڏي تعداد ۾ سنيما گهر ڊاهي شاپنگ پلازا، مال، آفيسُون يا شادي هال ٺاهيا ويا آهن، جن مان سنيمائن کان وڌيڪ آمدني ممڪن ٿِي ٿي سگِھي. ساڳيو حال اوپن ايئر سنيمائن جو به ٿيو.

ايڪيهين صديءَ پاڻ سان گڏ ”سنيپليڪس“ سنيما ٿيئٽرس جو رواج آندو ۽ روايتي سنيما گھرن جو دؤر ختم ٿي ويو. ان ڏس ۾ ڪراچيءَ ۾ پهرين سنيپليڪس سنيما، ايڪيهين صدي شروع ٿيڻ کان 3 سال پوءِ 2003ع ۾ سِي ويُو تي سمنڊ ڪناري قائم ڪئي وئي. جنهن کانپوءِ 2010ع ۾ صدر جي لڪِي اسٽار واري علائقي ۾ پراڻي ”ريڪس سنيما“ ۽ هاڻوڪي ”ريڪس سينٽر“ جي ڀر ۾ واقع ”ايٽريم مال“ ۾ ”سنيپليڪس“ سنيما قائم ٿي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت متعدد ٿيئٽرس ۾ مختلف فلمن جو نماءُ پيو هلندو آهي. ان کانپوءِ ڪراچيءَ جي ڪجھه مالز ۾ سِنيپليڪس قائم ڪرڻ جو رواج نڪري پيو. اڄ به ڪلفٽن جي ”اوشن مال“ توڙي طارق روڊ تي واقع ”بحريه ٽاورز“ ۾ ”سِنيپليڪس سنيما ٿيئٽرز“ صاف سٿري ماحول سان ڪراچيءَ جي فلم بينن کي ڀليڪار ڪن ٿا، جتي ڪجھه سال اڳ تائين بالي وُڊ (ڀارتي) فلمن جي نماءَ سبب فلم بينن جا حجُوم هوندا هئا، پر ڪجھه سالن کان ڀارتي فلمن جي نماءَ تي لڳل پابنديءَ توڙي پاڪستاني فلمون نه جي برابر ٺهڻ واري لاڙي سبب سنيما گھرن جُون رونقون ختم ٿي ويون آهن ۽ اڪثر فلم جا شوقينَ، گھر ويٺي ”نيٽفليڪس“ يا ”ايميزون“ رستي ٿورن پيسن ۾ دنيا جي زبردست فلمن جو لطف ’هوم ٿيئٽرس‘ توڙي پنهنجي ذاتي ڪمپيوٽرس تي وٺڻ کي ترجيح ڏين ٿا.

جنوري 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو