اسان کي ٽيسٽ ميچن جو انگ وڌائڻو پوندو: شان مسعود

ملتان (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته اسان کي ڪوشش ڪرڻي پوندي ته وڌيڪ ٽيسٽ ميچون کيڏون، هوم ڪنڊيشن تي وننگ مومينٽم برقرار رکڻو آهي.
ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شان مسعود چيو ائين ناهي ته اسان کٽي وياسين ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، کوڙ ڳالهيون نوٽ ڪيون آهن ۽ بهتري لاءِ وڌيڪ ڪم ڪنداسين.
هن چيو اسان کي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ سٺو پرفارم ڪرڻو آهي ته هوم گرائونڊ تي سڀ ميچون کٽڻيون پونديون، اسان جي ايندڙ ٽيسٽ سيريز 10 مهينن کانپوءِ آهي، اسان کي وڌيڪ ٽيسٽ ميچون کيڏڻ گهرجن.